• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻول : تنهنجي يادن ۾ پيو روئان بس تنها تنها

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر

تنهنجي يادن ۾ پيو روئان بس تنها تنها
توکان وڇڙي پيو مان جيئان بس تنها تنها

دنيا جو متل هي ميلو آ
پر منهنجو روح اڪيلو آ
ماڻهن جي ميڙ ۾ آهيان بس تنها تنها

هر ڏينهن ۽ هرڪنهن شام جو
ملي دردن جو پيغام ٿو
تن دردن سان ٿو منهن ڏيان بس تنها تنها

نڪي ساٿ تنهنجو نه خوشي آهي
هي ڪهڙي ظفر زندگي آهي
پنهنجي پاڻ سان ڳالهيون ڪندو هان بس تنها تنها.

ٻول : ظفر ڏيٿو
آواز : احمد مغل

 
Back
Top