• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جيمز بانڊ 007 لاڏاڻو ڪري ويو

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
H-16.jpg


لنڊن (ڪلچرل رپورٽ) مشهور فلم سيريز جيمز بانڊ جي فلمن ۾ جاسوس جو ڪردار ادا ڪندڙ ناليوارو اداڪار راجر مور 89 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، راجر مور کي ڪينسر جو مرض هو ۽ گذريل ڪجهه عرصي کان علاج هيٺ هو، اداڪار راجر مور سوئيٽزرلينڊ ۾ لاڏاڻو ڪيو، آخري رسمون يورپي ملڪ مناڪو ۾ ادا ڪيون وينديون، راجر مور جي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي سندس وفات جي تصديق جي ٽوئيٽ موڪلي وئي آهي ته جيمز بانڊ سيريز جو مشهور هيرو هاڻي هن دنيا ۾ نه رهيو آهي، جيمز بانڊ سيريز جون 24 کان وڌيڪ فلمون ٺهي چڪيون آهن، پهرين فلم ”ڊاڪٽر نو“ 1962ع ۾ رليز ٿي، جڏهن ته سيريز جي آخري فلم ”انسپيڪٽر“ 2015ع ۾ رليز ٿي، راجر مور سيريز جي گهٽ ۾ گهٽ 7 فلمن ۾ ڪم ڪيو، راجر مور کي برطانوي حڪومت سماجي خدمتن عيوض 2013ع ۾ ”سر“ جو خطاب ڏنو هو، هن 12 سالن تائين يونيسيف سان به گڏ ڪم ڪيو، راجر مور بيواهه ۽ 3 ٻار سوڳوار ڇڏيا آهن، واضح رهي ته راجر مور 2012ع ۾ نيويارڪ ۾ اسٽيج شو دوران اسٽيج تان ڪري پيو هو، کيس دل جو دورو پيو هو، راجر مور بعد ۾ ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا ٿي ويو هو ۽ بهادري سان هن مرض سان وڙهندو رهيو، راجر مور جيمز بانڊ 007 جو ڪردار ڪري سڄي دنيا ۾ وڏي شهرت حاصل ڪئي، سندس لاڏاڻي تي هالي ووڊ ۾ سوڳ جي فضا ڇانئجي وئي.


(ڪاوش اخبار تان کنيل)
http://www.thekawish.com/beta/index.php?date=2017-05-24&pageno=8
 
Back
Top