• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪمپيوٽر تي موجود واءِ فائي نيٽورڪ جو پاسورڊ ڪيئن معلوم ڪجي

محمد راشد شر

سينيئر رڪن




ڪمانڊ پرامپٽ کي کوليو (Run as administrator)

هيٺ ڏنل تصوير وارو طريقو اپنايو.



ڪمپيوٽر ۾ محفوظ ٿيل نيٽورڪن جي لسٽ ڏسڻ لاءِ هيٺين ڪمانڊ کي ڪمانڊ پرامپٽ ۾ لکو.

“netsh wlan show profile.”

مٿين ڪمانڊ ڪمپيوٽر سان ڳنڍيل سمورن واءِ فاءِ نيٽورڪن جا تفصيل ڏيکاريندي. جيئن هيٺ تصوير ۾ ڏيکاريل آهي.





هاڻي جنهن واءِ فائي جو پاسورڊ ڏسڻو هجي ان لاءِ هي ڪمانڊ لکو.

“netsh wlan show profile wifi name key=clear.”

مٿين ڪمانڊ پنهنجي ڪمانڊ پرامپٽ ۾ لکي انٽر جو بٽڻ دٻايو.



ڪي ڪانٽينٽ (key content) ۾ گهربل نيٽورڪ جو پاسورڊ ڏسي سگھو ٿا.
هي موضوع منهنجي بلاگ تي
 
زبردست معلومات
ڇا اهو ڪم بنا ڪمانڊ پرامپٽ جي نٿو ٿي سگهي؟
۽ جيڪڏهن ٿي سگهي ٿو ته اهو ڪيئن ؟ اهو به واضح ڪريو :)
 
”ڪيئن خبر پوي ته اسان جي رائوٽر کي ڪو بنا اطلاع ته استعمال ناهي ڪري رهيو؟“

اهو جانچڻ تمام آسان آ..
رائوٽر جي سيٽنگ آئي_پي ۾ لاگ ان ٿيو ۽ اتي موجود وائرليس سيٽنگ ۾ ڏِسو ته ڪير ڪير توهانجو نيٽ استعمال پيو ڪري.
 
زبردست معلومات
ڇا اهو ڪم بنا ڪمانڊ پرامپٽ جي نٿو ٿي سگهي؟
۽ جيڪڏهن ٿي سگهي ٿو ته اهو ڪيئن ؟ اهو به واضح ڪريو :)
بلڪل ڪري سگھجي ٿو. طريقو هيٺ ڏيان ٿو.
ڪمپيوٽر جي ساڄي پاسي ڏنل واءِ فائي جي سگنل تي مائوس سان ساڄو بٽڻ دٻايو.
Open network and sharing center تي ڪلڪ ڪريو.

nuTdMu.jpg

يا اسٽارٽ مينيو تي ڪلڪ ڪري ڳولا واري باڪس ۾ sharing لکو.


yiIWfQ.jpg

واءِ فائي واري نالي تي ڪلڪ ڪريو

3nvk2TK.jpg

وائرليس پراپرٽيز تي ڪلڪ ڪريو.

34156027653_a0638accee_o.jpg

هاڻي سيڪيورٽي واري ٽيب تي ڪلڪ ڪريو.

Fcv9Fy.jpg

۽ تنهن کان پوءِ Show characters تي چيڪ لڳايو.
پاسورڊ ملي ويو.
باقي ڊاڪٽر حفيظ جي سوال جو جواب عبيد ڏئي چڪو آهي.
 
آخري ترميم:
ادا اهو ته سيو ٿيل پاسورڊ ٻڌائيندو آهي مونکي اهو ٻڌايو جيڪو پاسورڊ سيو نه ٿيل هجي ان وائي فائي جي پاسورڊ جي ڪيئن معلومات ڪجي؟
ادا سڀ دوست اهو ئي چاهن ٿا ته جنهن وائي فائي جو پاسورڊ معلوم ناهي ان کي ڪئين معلوم ڪجي جنهن کي عرف عام ۾ هيڪنگ چئبو آهي، سوچيو ته جيڪو هيڪنگ ڪري ٻي جو وائي فائي استعمال ڪندو ان لاءِ ته آساني ٿي ويندي ليڪن جنهن جو وائي فائي هيڪ ڪيو آهي ان سان ته اسپيڊ جو فرق ايندو اهو ته پريشاني جو شڪار ٿيندو ، جئن ته ادي حفيظ ان ڳالهه جي پريشاني جي حل لاءِ سوال ڪيو آهي ان جي روڪ ٿام ڪئين ڪجي ، بهتر آهي ته ائين نه ڪجي ڪجهه پئسن عيوض وائي فائي جو ڪنيڪشن ڪجي يا پنهن جي 3جي سم تي ڪو پيڪيج ڪجي،
ان کان علاه اهو به واضع ٿو ڪجي ته هيڪنگ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي ان لاءِ توهان کي ڪافي ڳالهين ۾ مهارت هجڻ لازم آهي .
 
ڇا اها چوري ڪرڻ جو نئون طريقو ڪونهي، ڇا معاشرتي بگاڙ لا اهو طريقو ناهي؟ ٿورو سڄاڻ ان تي تفصيل لکندا... ڇا سنڌ سلامت چوري ڪرڻ جا نوان طريقا متعارف ڪرائڻ لا ٺاهيو ويو آهي يا بهترين اصول سکارڻ لا هي پلٽ فارم جوڙيو ويو هو.
 
ڇا اها چوري ڪرڻ جو نئون طريقو ڪونهي، ڇا معاشرتي بگاڙ لا اهو طريقو ناهي؟ ٿورو سڄاڻ ان تي تفصيل لکندا... ڇا سنڌ سلامت چوري ڪرڻ جا نوان طريقا متعارف ڪرائڻ لا ٺاهيو ويو آهي يا بهترين اصول سکارڻ لا هي پلٽ فارم جوڙيو ويو هو.
 
ڇا سنڌ سلامت چوري ڪرڻ جا نوان طريقا متعارف ڪرائڻ لا ٺاهيو ويو آهي يا بهترين اصول سکارڻ لا هي پلٽ فارم جوڙيو ويو هو
ادا منهنجي موضوع ۾ معاشرتي بگاڙ جي اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي ٿيل. خبر ناهي توهان ڪهڙي ڳالهه جي ڪري ايترو جذباتي تحرير لکي آهي. پهريان موضوع کي پڙهو صحيح سمجھو ۽ تنهن کان پوءِ ئي پنهنجي راءِ ڏيو. مهرباني
 
ڇا اها چوري ڪرڻ جو نئون طريقو ڪونهي، ڇا معاشرتي بگاڙ لا اهو طريقو ناهي؟ ٿورو سڄاڻ ان تي تفصيل لکندا... ڇا سنڌ سلامت چوري ڪرڻ جا نوان طريقا متعارف ڪرائڻ لا ٺاهيو ويو آهي يا بهترين اصول سکارڻ لا هي پلٽ فارم جوڙيو ويو هو.
ادا منظور توهان جا خدشه بجا پر هتي پاسورڊ هيڪ ڪرڻ جو نه پيو ڏسيو وڃي...
 
Back
Top