1. قريشي شبير احمد

    قريشي شبير احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    97
    ورتل پسنديدگيون:
    216
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    123
    صفائي اڌ ايمان آهي اسان جي پياري نبي پاڪ ﷺ جو فرمان عاليشان آهي. پاڻ ﷺ جن مسواڪ، وضو، غسل، خوشبو ۽ پاڪ لباس جو شوق رکندا هئا، سندن اتباع ۾ صحابه ڪرام، اهل بيت ڪرام، تابعين ۽ ٻين مسلمانن ان سٺي عمل کي جاري رکيو. جنهن وقت ۾ بغداد، شام، مصر، ايران ۽ ترڪي ۾ سٺا شانائتا لباس، خوشبودار پاڻي وارا حمام عام هئا ته ان جي مقابلي ۾ يورپ ۾ وهنجڻ منع هئي. هي يورپ جو اونداهو دور آهي، جنهن ۾ وهنجڻ
    ڪفر سمجهيو ويندو هو ..!
    یورپ جي ماڻهن مان سخت بدبو ايندي هئي.
    روس جي بادشاہ قیصر طرفان فرانس جي بادشاہ لوئیس چار ڏي موڪليل نمائندي چيو ته ” فرانس جي بادشاہ جي بدن جي بدبو ڪنهن به ڪچي گوشت کائيندڙ درندي جي بدبو کان به متعفن آهي ”
    بادشاهه جي هڪ ٻانهي هئي جنهن جو نالو ” مونٽیاسبام” هوجو بادشاہ جي بدبو کان بچڻ لاءِ پنهنجي مٿان خوشبو هڻي ويندي هئي. ٻئي طرف روسي به خود صفائی پسند نہ هئا ، مشہور سیاح ابن فضلان لکي ٿو ته ” روس جو بادشاہ قیصر پیشاب اچڻ تي مهمانن جي سامھون ئي بيٺي بيٺي محل جي ڀت تي پيشاب ڪندو هو، پيشاب ننڍي يا وڏي کان پوءِ صفائي نه ڪندو هو. ان کان وڌيڪ مون گندي مخلوق نه ڏٺي”
    اندلس ۾ لکين مسلمان کي قتل ڪندڙ ملڪه ” ایزا بیلا” سڄي زندگی میں صرف ٻه دفعا وهتي ، ان مسلمانن جا بڻايل سڀ غسل خانہ ڪيرائي ڇڏيا.
    اسپین جي بادشاہ “فلیپ II ” پنهنجي ملڪ ۾ وهنجڻ تي مڪمل پابندی لڳائي ڇڏي هئي.
    ان جي ڌيءَ ایزا بیل دوئم قسم کاڌو ته شھرن جو محاصرو ختم ٿيڻ تائين داخلی(زيرين) لباس به تبدیل نہ ڪندي ۽ محاصرہ ختم ٿيڻ ۾ ٽي سال لڳي ويا .آخرڪار انهيءَ سبب هو مري وئي. هي سندن عوام نه پر بادشاهن جا واقعات آهن جو تاريخ ۾ محفوظ آهن. جڏهن اسان مسلمانن جي سياحن ڪتاب پئي لکيا. مسلم سائنسدانن نظام شمسي تي تحقيق پئي ڪئي، علم و ادب، ايجادن جا مرڪز هئا ڪتاب پئي لکيا ويا، تڏهن يورپ جي بادشاهن وهنجڻ کي گناه قرار ڏئي ماڻهو پئي ماريا.
    ۽ هاڻي ڪم ابتڙ آهي............ ساڳيا ذهني گندگي سان ڀريل بادشاه ڦري اسان کي مليا ته ڏسو ڪيڏو نه برو حشر ڪيو اٿن.!!!!
    جڏهن پيرس ۽ لنڊن جي آبادي 30,40 هزار هئي. ان وقت ۾ اسلامي ملڪن جا شهر هڪ هڪ ملين آدم شماري تي مشتمل هئي.
    # فرينچ پرفيوم تمام مشهور آهن..... ان جو سبب به اهو آهي ته ڪنهن وقت ۾ پرفيوم لڳائڻ بنا پیرس ۾ گهمڻ ممڪن ئي نه هو. ريڊ انڊين يورپين سان وڙهندي وڙهندي گلاب جي گلن جون پتيون پنهنجي نڪ ۾ وجهندا هئا. ڇاڪاڻ ته يورپين جي تلوار کان وڌيڪ انهن جي بدن مان نڪرندڙ بدبو تيز هئي !!
    فرانسیسی مورخ” دریبار” لکي ٿو
    ” اسان يورپ وارا مسلمانن جا مقروض آهيون،جن اسان کي صفائی ۽ جيڻ جو ڍنگ سيکاريو، وهنجڻ ۽ لباس بدلائڻ جي عادت وڌي. اسان جڏهن ننگ ڌڙنگ رهندا هئا سين ته مسلمان ان وقت پنهنجي ڪپڙن کي زمرد ياقوت ۽ مرجان سان سجائيندا هئا . جڏهن يورپي ڪليسا وهنجڻ کي ڪفر قرار ڏنو ته ان وقت صرف قرطبہ شهر ۾ 300 حمام هئا. جيڪي سڀ ختم ڪرايا ويا. "
    هاڻي جڏهن يورپ پاڻ سنڀاليو آهي ته لڳي ٿو اسان جو نصف ايمان صفائي انهن وٽ آهي، اسان وٽ باقي بچيل اڌ ايمان ۾ رڳو رفع يدين جهڙا مسئلا وڃي بچيا آهن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو