چار سال اڳ منهنجي لکيل پهرين تحرير

'مختلف موضوع' فورم ۾ يوسف جميل لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏30 مئي 2017۔

  1. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    328
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه
    چار سال اڳ جي منهنجي لکيل پهرين تحرير :

    سنڌ جنهن کي اسلام جو دروازو ڪوٺيو ويندو آهي اهو سنڌ جنهن هوشو جهيڙا دلير پيدا ڪيا، جنهن جي نگري ۾ شاه عبدالطيف ڀٽائي جهڙا بزرگ ۽ قلندر لال شهباز جهڙيون عظيم هستيون مدفون آهن، انهي ساڳي سنڌ کي ڏسي ڪري اکيون رت روئن ٿيون ۽ دل چوندي آهي تہ ڪاش جيڪر منهنجي هٿ ۾ جادو جي ڇڙي هجي ها ۽ آءُ سڀ ڪجھ هڪ سيڪنڊ ۾ ٺيڪ ڪري ڇڏيا ها، مگر افسوس تہ آءُ ائين نہ ٿو ڪري سگهان، اڄ انهي سنڌ جي تعليم کي هٿ سان تباھ ڪيو پيو وڃي ۽ انهي تعليم جي تباهي ۾ غيرن جو ڏوھ نہ آهي بلڪ اها اسان جي پنهنجي غلطي آهي، اسان پاڻ پنهنجي بگڙيل معاشري کي ٺيڪ ڪرڻ جو ڪڏهن بہ سوچيو ڪونہ ٿا، ليڪن هاڻي وقت اچي ويو آهي تہ اسان کي انهي ڳالھ تي سوچڻو پوندو ۽ هر گهر جي هر فرد کي ان ۾ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، دنيا تيزي سان ترقي ڪندي ٿي وڃي اگر اڄ اسان پنهنجو پاڻ نہ بدليو تہ پو۽ ڪڏهن بہ ڪونہ بدلي سگهنداسين. ڪاپي ڪلچر جي ڪري گهڻن ئي شاگردن جو مستقبل تباھ ٿيو آهي، صرف هلندڙ دور ۾ نہ پر انهي ڪاپي ڪلچر کي ڏسي ڪري اسان جا پيدا ٿيندڙ نوانسل بہ محنت ڪرڻ کان عار ڪن ٿا، جڏهن اهي ڏسن ٿا تہ ٿورو گهڻو پڙهي ڪري بس امتحان ۾ ڪاپي ڪري پاس ٿي وڃئو ٿا تہ پو۽ گهڻي محنت يا راتن جا رات جاڳي ڪري پڙهڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، اهو خيال دماغ ۾ رکي ڪري پڙهائي سان چاھ نہ رکن ٿا ۽ جڏهن اُهي ئي ساڳيا شاگرد مئٽرڪ يا انٽر جا پيپر ڪاپي ڪري پاس ڪري ڪنهن يونيورسٽي يا ڪنهن اهڙي اداري ۾ وڃن ٿا جتي ڪاپي ناهي هوندي اُتي گهڻو پريشان رهڻ لڳن ٿا ڇو تہ هنن کي هتي اهو ماحول نہ ملندو آهي جيڪو هنن کي اڳي ملندو هيو تہ پڙهو يا نہ پڙهو پاس ٿي ويندو، بلڪ هتي هنن کي هن جي اُبتڙ ماحول ملندو آهي ۽ اهو ٻار پو۽ انهي اداري ۾ ناڪامي جو منهن ڏسندو آهي جنهن جي ڪري انهي جي مستقبل تي هڪ داغ لڳي ويندو آهي ۽ دوستن ۽ مٽ مائٽن ۾ بہ ان کي لڃي ٿيڻو پوندو آهي تہ فلاڻي جو پٽ، فلاڻي اداري کي ڇڏي ڪري ڀڄي آيو آهي ۽ اها ذلت ان شاگرد کي عمر ڀر کڻڻي ٿي پوي،

    خدارا سوچيو !!!

    استاد جيڪو پيغمبري پيشو آهي، اوهان ڏٺو هوندو تہ اڪثر خاندان ۾ ڪو نہ ڪو فرد استاد يا ماستر هوندو آهي اگر ڪنهن ڳوٺ جي آبادي ۾ پنجاه گهر آهن تہ انهن گهرن ۾ گهڻائي يا اڪثريت جو واسطو تعليمي شعبي سان هوندو يعني ان ڳوٺ ڪافي فرد استاد هوندا هر ڳوٺ ۾ استادن جي گهڻائي آهي ۽ شهرن ۾ بہ ڪافي استاد رهن ٿا، ليڪن پو۽ بہ ڪاپي ڪلچر ڇو نہ ٿو روڪيو وڃي، ڇو اُهي استاد پنهنجي پاڻ سان ۽ پنهنجي اولاد سان ۽ پنهنجي معاشري سان سچا نہ آهن، اُهي ڇو نہ ٿا سوچن تہ اگر اسان جا ٻار اڄ ڪاپي ڪري پاس ٿيندا تہ سڀاڻي اهي ڪنهن نوڪري وٺڻ جا اهل نہ ٿي سگهندا، اسان جي مري وڃڻ کان پو۽ هنن جي پوري زندگي تباھ ٿيندي، جيڪي استاد اهي ڳالهيون نہ ٿا سوچن ۽ ٻين ٻارن جي مستقبل سان کيڏين ٿا ۽ خدا بهترين انصاف ڪندڙ آهي انهن استادن جا پنهنجا اولاد بہ اڪثر ڪونہ سڌري سگهندا آهن،

    خدارا سوچيو !!!

    چوندا آهن تہ اگر ڪنهن قوم کي تباھ ڪرڻ چاهيو ٿا تہ ان قوم کان تعليم کسيو، اهو قوم خود بخود تباھ ٿي ويندي، ڇو تہ تعليم ئي هڪ اهڙو بهترين رستو آهي جنهن جي وسيلي اسان پنهنجا حق حاصل ڪري سگهون ٿا بنا ڪنهن جنگ يا جڳڙي جي، جنهن قوم وٽ تعليم نہ هوندي آهي اها قوم هڪ جيان زندگي گذاريندي آهي ۽ اها قوم پنهنجا حق صحيح نموني سان حاصل نہ ڪري سگهندي آهي، اگر ڪنهن ڪمري ۾ لائٽ جي نہ هجڻ جي ڪري اُنداهي آهي ۽ ان ڪمري ۾ سُئي پئي آهي جيڪا اوهان کي گهربل آهي، انهي سُئي کي اُنداهي ۾ ڳوليندي اوهان کي گهڻو وقت لڳندو ۽ ائين بہ ٿي سگهي ٿو تہ اوهان کي شايد اُها سُئي انداهري ۾ نہ ملي سگهي، اهڙي ريت تعليم بہ روشني آهي، بنا تعليم جي ڪو بہ شخص پنهنجي حقن جي حصول ۾ ڏاڍو پوئتي رهجي ٿو وڃي ۽ اهو شخص پنهنجي وجود کي بہ نہ ٿو سڃاڻي سگهي، انهي ڪري خدارا علم جي روشني واري لائيٽ کي ڊم ٿيڻ نہ ڏيو بلڪ انهي روشني کي پکيڙيو تہ جئين ٻيا بہ انهي روشني کان فائدو وٺي سگهن، اسان جي نوجوان نسلن جي حالت اها لڳي پئي آهي تہ اگر ڳوٺن تي نظر ڍوڙايو تہ اسان کي اڪثر جوان ڪبوترن جا شوقين، ڪتن پالڻ جا شوقين، جوا کيڏڻ جا ماهر ۽ فارغ وقت ۾ گهمڻ ڦرڻ جا شوقين نظر اچن ٿا، تن کي شايد ان ڳالھ جو احساس نہ آهي تہ علم انسان جي ٽي اک آهن، بي علمي جي ڪري اهي جوان هن معاشري کي سڌارڻ بدران بگاڙڻ ٿا، شهرن ۾ جيتوڻيڪ هر قسمن جا مشغلا ٿين ٿا ۽ وقت کي برباد ڪرڻ جا ڪافي موقعا هوندا آهن پر انهن کان باوجود اُتان جا نوجوان تعليم کي پنهنجو ٽائيم ڏين ٿا،۽ ٻين ڪمن سان گڏ تعليم بہ پرائن ٿا، ڇو جو اُهي ڄاڻن ٿا تہ تعليم کان سوا۽ زندگي گذارڻ ڪيتري مشڪل ڳالھ آهي، ڪاش اسان جي نوجوانن کي اهو احساس ٿي پوي تہ قلم کان وڌيڪ ڪو بہ هٿيار نہ آهي،
    آخر ڪاڏي وئي اسان جي سوچ ؟؟؟

    خدارا سوچيو !!

    اسان جي معاشري ۾ ايتري بگاڙ ڇو اچي وئي آهي، استاد پنهنجي ڊيوٽي سان سچا ڇو نہ آهن، شاگرد تعليم کي حاصل ڪرڻ کي ضروري ڇو نہ ٿا سمجهن، آخر ڇو ڪهڙي ڳالھ آهي جيڪا سڀني کي مجبور ڪيو ويٺي آهي، هن تعليم جي تباھي جا سبب ۽ هن معاشري جي بگاڙ جا اسان پاڻ ذميوار آهيون ڇو تہ اسان مان سوچڻ جي صلاحيت ختم ٿي وئي آهي، اسان ڪڏهن بہ اهو نہ ٿا سوچون تہ اگر مان استاد آهيان ۽ مان پنهنجي اسڪول ۾ پنهنجي ٻارن کي صحيح نموني نہ پڙهائيندس تہ سڀاڻي منهنجي اولاد کي بہ ڪو ٻيو استاد صحيح ڪونہ پڙهائيندو، اگر منهنجي سستي جي ڪري منهنجي اولاد جي زندگي بہ تباھ ٿي سگهي ٿي، اگر استاد پنهنجي اولاد کي ذهين ۾ رکي ڪري پنهنجي شاگرد کي اولاد سمجهي ڪري پڙهائي تہ شايد انهن شاگردن جي زندگي سنوري پوي ۽ اهي مستقبل ۾ آفيسر بڻجي پون. جيڪو استاد ٻين جي اولاد کي نہ ٿو پڙهائي سگهي اهو استاد پنهنجي اولاد کي بہ نہ پڙهائي سگهندو، اگر اسان جي دوستن، رشتيدارن ۽ تعليم سان وابسطہ هر قوم جا ڪجھ فرد تعليم جي بگاڙ واري صورتحال کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪن تہ انشا۽الله تمام جلد اسان ترقي ماڻي سگهون ٿا ۽ سنڌ جو نالو روشن ڪري سگهون ٿا، اهو ظلم جيڪو اسان سان ۽ اسان جي نئي نسل سان ڪئي پئي وڃي ۽ اسان کي اونداهي ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي، انهي خلاف اسان کي سوچڻو پوندو ۽ پهريائين انقلاب پنهنجي گهر کان شروع ڪبو، يعني پنهنجي اولاد کي ڪاپي ڪرڻ جي ماحول کان بلڪل دور رکيو ويندو، جڏهن اسان پنهنجي اولاد کي ڪاپي ڪرڻ ڪونہ ڏينداسين تہ پو۽ اسان جي اندر هڪ جذبو جاڳندو جنهن جذبي تحت اسان ٻين کي بہ ڪاپي ڪرڻ ڪونہ ڏينداسين ۽ اسان جو تعليمي معيار صحيح ٿيڻ لڳندو، هڪ ڳالھ هميشه ياد رکو تہ انهي ڪاپي ۾ اڪثر غريبن جا ٻار تباھ ٿيندا آهن، ڪاپي ڪرڻ جي ڪري اڳتي هلي ڪري انهن جو مستقبل تباھ ٿيندو آهي ۽ اُهي سڄي عمر علم حاصل ڪري بہ بي علم ٿي ڪري زندگي گذاريندا آهن،

    خدارا ڪجھ سوچيو !!!

    والدين جو اهو فرض ٿو بڻجي تہ اهي پنهنجي اولاد کي سٺي تربيت ڏين ۽ اولاد کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪن ۽ ان کي پرکن تہ جئين خبر لڳي تہ ٻار جو ڪهڙي شئي ۾ دلچسپي آهي ۽ پو۽ جڏهن انهن کي پنهنجي اولاد جي دلچسپي جي خبر پوي تہ پو۽ اڳتي هلي ڪري انهي ٻار کي انهي شعبي ۾ داخلا وٺي ڏين، جئين ٻار پنهنجي پسنديده شعبي ۾ پنهنجي صلاحيتن جو صحيح استعمال ڪري سگهي، اڪثر ڏٺو ويو آهي تہ ٻار جو جنهن شعبي ۾ دلچسپي هوندي آهي انهي جا والدين ان جي برعڪس انهي ٻار کي ڪنهن ٻي شعبي ۾ موڪلڻ چاهيندا آهن، جيڪا منهنجي نظرن ۾ بلڪل غلط آهي ۽ مان ان شئي جو سخت خلاف آهيان، پو۽ والدين جي ان غلط فيصلي جي ڪري ٻار ان شعبي ۾ پنهنجي بهتر جڳھ نہ ٺاهي سگهندو آهي يا ان شعبي ۾ وڃڻ کان انڪار ڪندو آهي جنهن جي ڪري ان ٻار جا والدين ان تي سخت ناراض ٿيندا آهن ۽ ڪجھ والدين وري پنهنجي اولاد سان رويو تبديل ڪندا آهن يعني پنهنجي اولاد کي پنهنجي ناراضگي جو احساس ڏيارايندا آهن ۽ والدين جي پنهنجي اولاد سان اهڙو رويو ان ٻار لا۽ پريشاني ۽ احساس ڪمتري جو احساس ڏياريندو رهندو آهي، اگر هتي والدين جو بي فرمان يا لوفر پٽ وغيره هوندو آهي تہ انهي تي هي شيون تمام گهٽ اثر ڪنديون آهن، پر اگر اُتي سٺي سوچ رکندڙ، پڙهيل ۽ سلڇڻو اولاد هوندو آهي تہ ان لا۽ اهي شيون گهڻو اثر رکنديون آهن ۽ اڪثر والدين جي اهڙي غلط فيصلي جو نتيجو بہ اڳتي هلي خراب نڪرندو آهي ۽ فرمانبردار اولاد بہ اهڙي رويي جي ڪري بي فرمان ٿيڻ لڳندي آهي يا اهي ٻار والدين جي عدم اعتمادي جي ڪري غلط صحبت ۽ سنگت ۾ اچي ويندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن تہ اهي نازڪ دل ۽ نادان ٻار پريشانينن کان تنگ اچي ڪري زندگي جي عظيم نعمت کان پاڻ کي محروم ڪري ڇڏيندا آهن ۽ اهڙن غلط نتيجن جي نڪرڻ کان پو۽ انهن والدين وٽ پچتاءُ کان علاوه ڪجھ بہ نہ رهندو. “

    نوٽ : منهنجي هن تحرير کي هتي اوهان سان ونڊ ڪرڻ جو اصل مقصد اهو آهي تہ جئين اوهان منهنجي ان وقت جي ذهني معيار ۽ مقدار کي سمجهي سگهو ۽ منهنجي تڏهن جي احساسن کي سمجهي سگهو.

    ڳالھ احساسن جي آ
    لفظن کي ڪير ٿو ليکي

    يوسف جميل لغاري
     
  2. جمیل احمد لوھارانی برفت

    جمیل احمد لوھارانی برفت
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏3 جون 2017
    تحريرون:
    56
    ورتل پسنديدگيون:
    30
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    58
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ڪوهستان کيرٿر جبل
    تمام بھترین ادا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو