• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي ـ بلوچ اتحاد ڪيئن برقرار رکجي؟

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
سنڌي ـ بلوچ اتحاد ڪيئن برقرار رکجي؟ ان جو حل سولو آهي پر شرط اهو آهي ته نيت صاف هئڻ گھرجي. مثال: سرداراخترمينگل، وفاقي وزير۽ سينيٽرميرحاصل بزنجو، اڳوڻو وڏو وزير ڊاڪٽر مالڪ بلوچ وغيرهه سڀ کان اڳ، دهشتگرد 2 بلوچ تنظيمن يعني بي ايل ايَ ۽ بي ايل ايف جن سنڌي پورهيتن جي قتلام جو بار بار اعتراف ڪيو آهي تن جو نالو وٺي ان جي چٽن لفظن ۾ مذمت ڪن، پوءِ اهي سڀ گڏجي ٻنهي قاتل تنظيمن خلاف عملي جدوجهد به ڪن ۽ بلوچستان ۾ بي گناهه سنڌي پورهيتن جي قتلام کي روڪائڻ لاءِ عوامي تحريڪ به هلائن. ائين ڪرڻ سان بلوچستان ۾ سنڌي پورهيتن جي قتلام ۾ گھڻي گھٽتائي ايندي پرشايد هو ائين سچي دل سان ڪونه ڪندا ڇاڪاڻ ته چون ٿا ته سمورن بلوچ قومپرستن جي پاڻ ۾ ”ملي ڀڳت“ آهي ـ جيڪڏهن ائين ناهي ته بلوچ قومپرست، ڀلي ٻنهي دهشتگرد تنظيمن يعني بي ايل ايَ ۽ بي ايل ايف خلاف عملي جدوجهد ڪن، سنڌي سندن ساٿ ضرور ڏيندا ـ
 
Back
Top