عبدالخالق جوڻيجي جي، سنڌ جي اڪيلي صوبائي ٻولي سنڌيءَ بابت غلط بياني

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏31 مئي 2017۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    1972 جي ٻوليءَ جي ايڪٽ بابت عبدالخالق جوڻيجو کليو کلايو ڪوڙ ڳالهائيندو رهيو آهي ـ سندس اهڙي ذهنيت تي افسوس ئي ڪري سگھجي ٿو ـ پنهنجي آرٽيڪل (ڪاوش 31 مئي 2017) ۾ لکي ٿو: “باقي 1972ع واري حڪومت جي خود مختياريءَ جوعالم ته اهو هو، جو 80 سيڪڙو ميمبرن جي اڪثريت سان پاس ڪيل ٻولي بل کي اسلام آباد مان آرڊيننس ذريعي رد ڪيو ويو”....جوڻيجي صاحب کي خبر ناهي ته اسلام آباد ۾ جيڪا گڏجاڻي ڪوٺائي وئي هئي، تنهن ۾ سنڌين جي نمائندگي محترم قاضي فيض محمد ڪئي هئي ۽ انهيءَ مسئلي تي سندس نيڪ نيتيءَ تي شڪ ڪرڻ ۽ غلط فهميون پکيڙڻ مناسب ڪونهي ـ جيڪو آرڊيننس جاري ڪيو ويو هو تنهن جو نالو ئي ”وضاحتي آرڊيننس“ هو ـ ڀلا، دنيا جي ڪنهن به قانون ۾ وضاحتي آرڊينس هيٺ نئون قانون ٺهندو آهي ڇا؟ جواب آهي هرگز نه ـ ان موجب اها وضاحت ڪئي وئي هئي ته اردو جيڪا اڳ ئي قومي ٻولي (سال 1948) ۾ ڊڪليئر ٿيل آهي تنهن ڪري سنڌ جي اڪيلي صوبائي ٻولي سنڌي ڊڪليئر ڪرڻ سان اردوءَ کي نقصان ڪونه پوندو ـ اڄ به 1972 واري ٻوليءَ جو ايڪٽ بحال آهي جنهن ۾ سنڌي، سنڌ جي اڪيلي صوبائي ٻولي ڊڪليئر ٿيل آهي ـ مون ڪيترا ڀيرا عبدالخالق جوڻيجي کي چيلينج ڪيو آهي ته جڪڏهن سندس دعوى موجب سنڌ ”ٻه لساني صوبو“ ڊڪليئر ٿيل آهي ته پاڻ وڪيل آهي، سو اها پيرا پيش ڪري (سياستدانن جا بيان نه) پر هن ڪڏهن به اهڙو مثبت جواب ڪونه ڏنو آهي ـ ٻين جي پوسٽنگ تي تبصرو ڪري، پڇ پٽائي ڀڄي ويندو آهي يعني جوابي سوال پڇبو ته ان جو جواب ڪونه ڏيندو آهي ـ
    مان هاڻ به کيس چيلينج ڪريان ٿو ته سنڌ جي عوام ۽ خاص ڪري نوجوانن کي گمراهه ڪرن بدران، 1972 واري ٻولي ايڪٽ جي اها پيرا پيش ڪري جنهن ۾ سندس دعوى موجب: “ٻه لساني صوبو” ڊڪليئر ٿيل آهي جڏهن ته حقيقت ۾ ائين ڪونهي ـ
    جوڻيجو صاحب اهو به ٻڌائي ته هن سائين جي ايم سيد جي جيئري هوندي، ساڻس غداري ڇو ڪئي ۽ جي ايم سيد کي ڇڏي پنهنجي الڳ پارٽي ڇو ٺاهي هئي؟ هاڻ پنهنجا گناهه معاف ڪرڻ لاءِ الٽيون سلٽيون هنبوڇيون پيو هڻي ۽ نوجوان نسل کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهي ٿو ـ
     
    محمد راشد شر هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو