هڪڙا ٽي چور ڪنهن چوري ڪندي پڪڙجي پيا ، انهن پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته ڪو به هڪ سڄو ڏوھ پاڻ تي قبول ڪري ته ٻه ڄڻا آزاد ٿي ويندا ۽ پوءِ اهي ٻاهر نڪري ٽيئين همراھ کي آزاد ڪرائيندا ، ان تي هڪ همراھ اها حامي ڀري سڄو ڏوھ پاڻ تي کنيو جج جڏهن هُن کان پڇيو ته هي ڏوھ ڪنهن ڪيو آ ته همراھ وراڻيو اهو مون ڪيو آ ، جج چيس ته توکي قبول آ همراھ چيو ها قبول ، جج وري چيس ته توکي قبول آ ته همراھ چيو ها قبول آ وري ٽيئين دفعا به جج چيس قبول آ ته همراھ چيو ها قبول آ ان تي جج کيس سزا ٻڌائي ڇڏي ۽ ست سالن جي لاءِ جيل حوالي ڪري ڇڏيائين ، جيڪي همراھ ٻاهر نڪتا سي ان کي وساري پنهنجي زندگي مزي سان ڪاٽڻ لڳا. اهو همراھ جڏهن سزا ڪاٽي ٻاهر نڪتو ته مائٽن سوچيو هن جي شادي ٿا ڪرايون ذمداري ايندس ته وري اهڙا ڏوھ ڪونه ڪندو ، همراھ جي شادي جي تياري ٿي وئي ، جنهن مهل مولوي نڪاح پڙهائڻ لاءِ آيو ته هن کان پڇيئين ته ڦلاڻي جي ڌيءُ ڦلاڻِي توکي هيتري حق مهر عيوض قبول آ ، ته همراھ ماٺ ٿي ويو ، مُلي وري پڇيس ته ته توکي قبول آ همراھ صفا سوڙهو ٿي ويو ، مُلي ٽئين ڀيري پڇيس ته نيٺ همراھ ڳالهايو ۽ هيڏانهن هوڏي ڏسي چوڻ لڳو ته انهيءَ قبول آ قبول آ ته مون کي ست سال جيل ۾ لوڙايو آ هاڻي پهرئين پوري ڇني کان قبول ڪرايو ته پوءِ آئون ڪندس نه ته الله واهي .... ......