دوستو ڪنهن به دوست کي اهڙي ڪتاب جو نالي جي خبر هجي جنهن ۾ نثر، نظم يا شاعري جي باري ۾ معلومات لکيل هجي. مهرباني
ادا اوهان جو سوال واضح ناهي.... پنهنجي سوال کي واضح ڪريو. اگر اوهان کي شاعري جي صنفن جو مطالعو ڪرڻو آهي ته پوءِ هيٺيون ڪتاب پڙهو. ڪتاب: شاعري جون صنفون ۽ صنعتون ليکڪ: ظفر عباسي باقي رهيو نثر. نثر جي تاريخ جي حوالي سان اوهان کي هيٺين ڪتاب جو مطالعو ڪرڻو پوندو. جنهن ۾ سنڌي نثر جي تاريخ سهڻي نموني سمجھايل آهي. ڪتاب: سنڌي نثر جي تاريخ ليکڪ: ڊاڪٽر غلام علي الانا
ادا منهنجو چوڻ جو مقصد اهو آهي ته شاعري ڪرڻ کان پهريان ان کي سمجهڻ ضروري آهي ان جي لاء ڪو ڪتاب هجڻ گهرجي ان لاء هي تحرير لکي آهي. مهرباني ادا محمد راشد شر صاحب
مٿيان ٻئي ڪتاب ڪمپوز ناهن ٿيل (انٽرنيٽ تي موجود ناهن) باقي ان حوالي سان ڪجهه موضوع موجود آهن جن جا ڳنڍڙا هيٺ ڏجن ٿا. http://sindhsalamat.com/threads/36819/ https://korejo.wordpress.com/2013/04/01/ادب،-شاعري-۽-علم-العروض/