رهن ٿا عرش جا آرا، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا، اهي مقتل اهي مارا، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا. هلو پرڀات جا پياڪئو! جو مئخاني جو در کوليون، اڃارا سانگ هن سارا، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا. اسان زندان واسين جو، نه رنگ بدليو نه رُتِ بدلي، ڪراين ۾ ڪلف ڪارا، ڪڏهن ڪهڙاڪڏهن ڪهڙا. هينيان! ايڏو نه هارج ڪجهه ڪليجا! تون به هڏڪيون جهل، اجهي ڳڻتيون ويا ڳارا، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا. سڀاڻي جي به سورين کي، پيا منصور منهن ڏيندا، اسان پنهنجا وتا وارا، ڪڏهن ڪهڙاڪڏهن ڪهڙا. اڙانگين عشق جي راهن، لڦون ڀريون ڌڌڙ آڇي، اکين ۾ لڙڪ هي کارا، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا. ڇڙي تنهنجي ڪٿا ۽ رات،تنهنجيءَتات ۾ ويئي، اکيون جليون، ٻريا چارا، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا.