• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

حافظ نظاماڻي ڪو آ رحمان جي پاسي، ڪو آ ڀگوان جي پاسي

عاجز سنجراڻي

سينيئر رڪن
ڪو آ رحمان جي پاسي

ڪو آ رحمان جي پاسي،ڪو آ ڀگوان جي پاسي.
آئون سجدو انھي کي ڏيان، جيڪو آ انسان جي پاسي.

خطيبن کي ٻڌائي ڇڏ، تہ مونکي خوف ڪونھي ڪو،
منھنجي حالت نہ حورن سان، نڪو غلمان جي پاسي.

اوھان جون عادتون، ڏسي اسان جو روح روئي ٿو،
اھيو تنھنجو جي مذھب آ، آئون شيطان جي پاسي.

رقيبن کي بہ رنجش آ، رفيقن کي بہ ڪاوڙ آ،
ٻڌا ھاڻي آئون وڃان، ڪھڙي جھان جي پاسي.

اسان جي دين ايمان جو، دستور پھنجو آ،
نہ ھوندو ھي ڪڏھن ، "حافظ " بري بي ايمان جي پاسي.
 
آخري ترميم:
Back
Top