هينئڙو ٽنگ پروڻ..!! رومانوي شاعر سعيد ميمڻ جي وڇوڙي تي لکيل احمد شاڪر آيا آڪاس ڪارا ڪڪر تر، گهاءُ ڏيندو وڃي ٿو ڊسمبر.! گهاءُ گهيرائيءَ ۾ غم جِي غار هوندو آهي، گهاءُ گهڻو ڪري اچانڪ اورتي اچيو وڃي ۽ جيون جو جيون ساٿي، سنگتي ٿيو وڃي! ڊسمبر جي سرد راتين جو شاعر ۽ عاشق سُور جون سوڙيون مٿهان وجهي محبوبن جِي خيالي ملڪ ۾ مدهوشيءَ منجهـ مُرڪي، مُرڪي خوبصورت خيالن ۽ خوابن سان سرشار ٿيڻ جي ڪوشش جي ڪِرت ۾ هوندا آهن! سياري جُون سرد راتيُون اڪثر تاريڪ ۽ تيز تر هُونديُون آهن ۽ خوف جِي خيرات ڏيندڙ ڏهاڳڻ پڻ هُونديُون آهن.! ڊسمبر جي راتين جو چنڊ ڪوهيڙي جا ڪارا ڪافُور ڪڪر چورائي ڪنهن چونئري ۾ قيد ڪري ڇڏيندا آهن.! تارن جِي ٽم، ٽم اونداهيءَ ۾ ٽنبجي ويندي آهي.! تڏهن انهيءُ عالم ۾ شاعر ۽ عاشق غمن جي گهيري ۾ گهيرجي ويندا آهن.! جڏهن ڊسمبر جُون تاريڪ راتيُون ڪنهن جو محبوب کسيو ريل جي پٽڙي نِما راهـ تي رمنديُون رهنديُون آهن.! پيڙاءُ جو پٿر پُٺيءَ سان پُختگيءُ سان ٻڌل هوندو آهي شاعر جِي..!! وک، وک ڏک جو ڏيهـ ڏسڻ ۾ ايندو آهي هڪ سچيت شاعر کي..!! ‘ازل جو آڏاڻو’ اندر ۾ هوندو آهي...شاعر جي..!! ۽ اهڙي پيڙاءُ جي پڌر تي پڳ، پڳ پڌاريندڙ شاعر سعيد ميمڻ بـ هو......سعيد ميمڻ......شاعر هو..!! اَشاعر نـ هو..!! هُن جي تن تُور تي ‘درد جون آيتون’ ظهور ٿينديُون رهيُون.! هُن جي هيڪاندي شاعري خدا سان گفتگو جو گلزار بـ آهي تـ ، زندگي جي زوردار تلخي جي تلوار جو تيز تر وار بـ آهي..!! هُن جِي دل ڊهي هئي، تڏهن ئي تـ هُن آسمان ڊهڻ جِي ڳالهـ ڪئي هئي..!! سعيد! جون صدائون....جڏهن سڄڻ تائين نـ ٿيُون رسن ۽ رڪجي ٿيُون وڃن...جڏهن صدائن جي رسائي نٿي ٿي تـ ، تڏهن نيڻ ڀرجي ويا..!! ‘خواب چارا’، ‘آءُ لهر سمونڊ جِي’، ‘دل دنبُورو’ سعيد جي تخليق جا تخت آهن...تخت.! هِن گهڻو لکيو ۽ خوب لکيو. ڪا ازل جي اُساٽ هئي هن جي اندر جنهن هُن جي اندر ۾ عشق جي آڳ لڳائي هئي يا جدائي جي جهنجهوڙيندڙ سلور جوبلي هئي، جن کي هن هر وقت ۽ مختصر وقت ۾ ڪورن ڪاغذن تي لفظن جي لکت ۾ آندو. هن جي دل دنبُورو هئي، جنهن تي هن هر وقت درد جُون سرگوشيُون پئي ڪيُون. هن جا ‘نيڻ سفر ۾’ رهيا..ڇا جي لئـ..؟ ان سوال جو جواب سعيد کي ڏيڻ گهرجي ها.! ‘اسان جو عشق اڻپورو’ عشق ڪاٿي ٿو پورو ٿي. ٿي بـ کڻ پر، لوڪ ٽوڪ جي تلوار سان پورڻتا کي اڻپورڻتا جو گهاءُ لڳايو ڇڏي.! سعيد ميمڻ.! شيخ اياز جي سٽ ‘ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان’ جي جو هڪ روشن لاٽ ڏيندڙ ڏيئو هو..هُو زيتوني لام هو..!! هُو ‘صليب جاڳ اسان جي’ جي سٿ جو ساٿي بـ هو تـ، سنگتي بـ هو.! سعيد! جي شاعري جو سفر سڦلتا جي منزل ماڻي چڪو آهي، سعيد جي شاعري رومانويت جي رنگين رليءَ جي حسين رنگن سان رنگيل آهي. هُو شاعر هو...شاعر...رومانوي شاعر..!! گهر جي پارت هجئي او تنهائي، مان سفر تي وڃي رهيو آهيان. سعيد! جُون اهي سٽون سوشل ميڊيا تي هر هٿ اڳتي وڌائيندو رهيو ۽ سعيد! جي ڏورانهن ويل سفر تي ‘سيڊ’ (ڏک) جي ‘فيلنگ’ (محسوسات) رکندو رهيو..!! سعيد! جي ڳوٺ عاقل ڏانهن سائين علي دوست عاجز سان ويم. ڳوٺ عاقل جنهن وقت پُڳاسين اُن وقت سج اُلهي ويو هو. سياري جي سبب دُونهانٽيل ۽ پُراسراريت سان پُر ماحول لڳي رهيو هو.! ننڍڙو ڳوٺ..ٽٽل رستا..ننڍڙو قبرستان جنهن ۾ سعيد وڻن جي ڇانوءَ ۾ پنهنجي جاءِ ولاري ستل هو.! زيتونن جا باغ..کجيءَ جا پري پري تائين وڻ، روڊَ ڀرَ ۾ ٽڪن ۾ لوڊ ڪندڙ زيتونن جو پيٽُون ۽ مزدور..سوڙهيُون گهٽيُون..ڪار سعيد جي گهر جي بلڪل سامهون پٿر (تڏي) جي گهر اڳيان رڪي. سعيد جي گهر سان لڳو لڳ ننڍڙي مسجد..مسجد جي پُٺيان هڪ پُراڻي گهر جي پڌر تي، سعيد جا ڀائر، مٽ مائٽ ۽ ڳوٺ جا ڳچ ماڻهو سعيد جي سهڻي پُٽ دانش سعيد جي چوڌاري ويٺل..سائيڊ ۾ محمد علي پٺاڻ، ڄام جمالي ويٺل..دعا لاءِ کنيل هٿ ۽ پوءِ تاثراتي بُڪ تي لٿل ڏکارن لفظن جو لباس..!! رات رڙهندي رهي، پُراسراريت وڌندي رهي. تڏي تان اُٿي ٻاهر نڪرڻ شرط هڪ پُراڻو گهر نظر آيو، ڪنهن ڳوٺاڻي ٻُڌايو تـ، اِهو سعيد جي ڀائرن جو گهر آهي ۽ سعيد جو جنم بـ ان ئي گهر ۾ ٿيو هو. سفر شاهراهـ تي، ميهڙ ڏانهن موٽ ۽ چوطرف ڌنڌ ۽ پُراسرايت جي چونڪي. هزارين هيلا ڪئين هلائجن ڪنهن جي ياد جي اچي..!!؟؟ سچ تـ سعيد کي نـ وڃڻ هو گهربو.! سعيد! جي نَون (نائن) ڪتابن جو انگ اڃان اڳتي وڌڻ هو گهربو. حسَن، جاني ۽ سعيد جو وڇوڙو مونکي سنڌي شاعريءَ جي جوانيءَ، جوڀن جو وڇوڙو ٿو لڳي..!! حياتي، جيون، زندگي، لائيف ڪير نـ چاهيندو.؟ پر، موت..!! ڳچ ڳالهيون...اکين ڳوڙها...هٿ هلڪا..رات جي سردي..سعيد جي شاعريءَ جُون سنهري سٽون..چتِ تي وڄ وراڪا...قلم جي نِب نير هاري، هاري ساهـ ٿي پٽڻ چاهي ۽ هيءُ سٽون بيساختا سرجيو وڃن ٿيُون.... آيا آڪاس ڪارا ڪڪر تر، گهاءُ ڏيندو وڃي ٿو ڊسمبر.!