منهنجي پهرين شيئرنگ توهان کي پسند ايندي منهنجي لکيل شاعري اها منهنجي سڀني کان پهرين شاعري آهي جي گل نه ٿياسين ته ڪنڊا به نه ٿينداسين جي پيار نه مليو ته دهوکو به نه ڏينداسين حسن تي وس آڪنهنجو سهڻا سائين ؟ جي تُنهنجا نه ٿياسين ته ڪنهنجا به نه ٿينداسين۔۔۔۔
همٿ مردان مدد خدا ڀيڻ رابيا ميمڻ همٿ مردان مدد خدا ... ڪوشش جاري رکو ۽ جي ٿي سگهيوَ ته ڪنهن ڀلڙي شاعر کان شاعريءَ جون بندشون سکي وٺو ... هونءَ ته انگريز ڏاهي وليم ورڊس ورٿ چواڻي ته شاعري بي ساخته اڀرندڙ جذبن جو اظهار آهي ... انڪري شاعر جي اندر ۾ جي جذبا اڀرندا آهن سي عظيم ۽ ڪارائتا هوندا آهن ... اوهانجي پهرين ڪاوش وڻندڙ ۽ فڪري طور مضبوط آهي ... مبارڪون هجن اوهانکي ... پنڌ شروع ڪجي ته منزل اچي ويندي آهي ...
مبارڪون ڏينداسين سنڌي فورم تي اچڻ جون بلڪل ڀي مبارڪون ڏينداسين سُٺي شاعريءَ تي ڀيڻ رابيا کي واهه واهه چونداسين سنڌ سلامت فورم نه فقط سنڌي ڀائرن جو آهي پر، سنڌي ڀيڻن جوپڻ اسان دل سان ويلڪم ڪنداسين ڀيڻ ڀلي ڪري آيا
ادي رابيا توهان جا لک لائق جو فورم تي ڪَهي آيا۔۔۔۔\ بس ڪمي هئي فورم تي ڪنهن فيميل ميمبر جي جيڪا توهان پوري ڪئي۔۔۔۔ توهان ٻڌايو ته توهان شاعر به آهيو۔۔۔۔ منهنجي لاءِ شاعري ته لکڻ سولي نه آهي ها اسان کي فخر آهي ته سنڌ سلامت تي ادا نثار ابڙو ۽ سائين نثار احمد ناز جهڙا شاعر، اديب ۽ ڪهاڻيڪار موجود آهن توهان يقينن انهن کان گهڻو ڪجهه سکي سگهندو۔۔۔۔ ڏسو نه سائين نثار ناز توهان کي ڪهڙو نه شاعري واري انداز سنڌ سلامت تي ڀليڪار ڪئي آهي۔۔۔۔۔