نثارناز
سينيئر رڪن
سنڌ سلامت جي سڀني ساٿين سميت ساري دنيا جي سنڌي ساٿين کي آگاهه ٿو ڪجي ته ڪافي ڏينهن کان شڪارپوري فقير ڦلپوٽو، گُم آهي، سنڌ سلامت جي ڪنهن به ڪُنڊ پاسي، ۾ سندس ڪابه صدا ٻُڌڻ ۾ ڪونه ٿي اچي، سندس باري ۾ آخري اطلاع اهي ٻُڌا ويا آهن ته هُو جيڪب آباد جي مين بس اسٽاپ تي نيڪ بابا نيڪ مائي جون ڳاٽي ڀڳيون صدائون هڻندي ڏٺو ويو هو، جڏهن ته اها به خبر پئي آهي ته جيڪب آباد جي مين بس اسٽاپ تي صدائون هڻڻ وارو ٺيڪو ڪنهن نامعلوم انٽر نيشنل فقير جو هو، ٿي سگهي ٿو ان نامعلوم انٽرنيشنل فقير شڪارپوري فقير کي ناحق باندي بڻايو هُجي۔۔۔ ان هُوندي به بحيثيت سنڌ سلامت جي غريب فقير جي اهو شڪار پوري فقير کي عرض ٿو رکجي جلدي سنڌ سلامت جي اڱڻ تي پهچي وڃي، کيس ڪجهه به نه چيو ويندو، سنڌ سلامت جا سڀ جهونا نوان پُراڻا فقير سندس جُدائي ۾ گونگا بڻجي احتجاجي مظاهرو ڪري رهيا آهن، سنڌ سلامت جي جادوگر فقير رشيد سمون جن کي عرض آهي ته ڪو ڍارو هڻي ٻُڌايو وڃي ته شڪارپوري فقير ڪٿي آهي، ان کان علاوه ان نامعلوم انٽرنيشنل فقير کي عرض آهي ته جيڪڏهن شڪارپوري فقير کيس وٽ ناحق باندي بڻايل آهي ته فوري ان کي آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سنڌ سلامت جا سمورا فقير سندس جيڪب آباد جي مين بس اسٽاپ تي صدائون هڻڻ واري ٺيڪي کي ڪينسل ڪرائي ڇڏيندا۔ ٿورو لکيو گهڻو سمجهيو وڃي۔۔۔۔۔۔۔۔