• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

راڳي اللهڏنو خاصخيلي

: ناميارو فنڪار الهڏنو علي محمد خاصخيلي، 25 -جنوري- 1966ع تي، ميرپور بٺوري، ضلعي -ٺٽي- ۾ ڄائو. تعليمي قابليت ايم. اي ۽ بي. ايڊ اٿس. هن دنيا ۾ پاڻ کي هڪ فنڪار طور متعارف ڪرايو. سندس ڳايل ڪلامن جا ڪيترائي البم مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن. فني خدمتن عيوض کيس حسنِ ڪارڪردگي اوارڊ ۽ ڪيترا سرٽيفڪيٽ ملي چُڪا آهن. هن وقت گورنمينٽ پي. سي اسڪول ميرپوربٺوري ۾ -استاد- آهي، سندس رهائش پڻ اتي ئي آهي. سندس والد -استاد- علي محمد خاصخيلي، -استاد محمد جمن- جو شاگرد هو ۽ الهڏني پنهنجي والد علي محمد خاصخيليءَ کان راڳ جي سکيا ورتي. هن ريڊيو ۽ ٽي. ويءَ تي به ڳايو آهي، پر عوامي ميڙاڪن جو مقبول فنڪار آهي. شيخ اياز، امداد حسيني، ذوالفقار راشدي، غلام حسين ۽ ٻين جديد شاعرن جي شاعريءَ کي نئين رنگ ۾ ڳائي وڏي مقبوليت حاصل ڪئي اٿس.
 
Back
Top