*موالي پنهنجي فيملي سان گڏ ريل ۾ سفر ڪري رهيو هو* *دوران سفر هڪ باڊي بلڊر پهلوان سان وڙهي پيو* *پهلوان موالي کي منهن تي* *زوردار چماٽ واهي ڪڌيائسين* *موالي منهنجو ڪو مسلئو ڪونه پر* *منهنجي ڀاء کي هنين تہ پوء تنهنجو خير ناهي* *پهلوان موالي جي ڀاء کي بہ زوردار چماٽ هڻي ڪڍي* *موالي تو جيڪڏهن منهنجي پٽ کي هٿ لايو نہ پوء تنهنجو خير ناهي* *پهلوان موالي جي پٽ کي گلي ۾ جهلي کڻي اڇلايو* *موالي هاڻي غصي ۾ چيو* ، *جيڪڏهن تو منهنجي زال کي ڪجه* *چيو تہ توکي مونکان ڪير بہ بچائي* *نہ سگهندو* *پهلوان موالي جي زال کي بہ وارن* *کان پڪڙي سيٽ تان ڪيرائي* *ڇڏيو* *هاڻي موالي خاموشي سان سيٽ* ويهي رهيو* *ٿوري ڌير کان پوء جڏهن اسٽيشن وٽ لٿا تہ* *ڪنهن موالي کي چيو* *هي ڳالهہ جڏهن توکي ٿهپڙ لڳي ان* *وقت ختم ٿي سگهي ٿي پر تو تہ پهلوان کي چڙ ڏياري پوري فيملي* *کي ڪٽايو* ۔ *موالي ، يار تون اهو ڪونه سمجهندي جيڪڏهن اڪيلو چماٽ کانئون ها تہ سڀ گهر هلي مون تان مذاقون ڪن ها* \ - \