(ٿاڻو اح هن صاحب جو احوال صرف اِن ڪري لکي رهيو آهيان، جو هيءُ ڪوهستان جو مکيه سردار، ۽ انگريزي حڪومت ۾ عزت ۽ دست رسيءَ وارس جاگيردار، راڄ جو چڱو مڙس، آسپاس جي ۽ خاندانن ۾ رهوڻيءَ وارو، اسان يج خاندان سان ڀائکندڙ، شڪل جو سهڻو، ڏاڙهي چاپئين، ڏيا ڏيک ۾ رعبدار، خوش خلق ۽ شريف خاندان جو فرد هو: بلڪ هن خاندان جي احوال پيش ڪرڻ ۾ سنڌي حڪمرانن جي سونهري دور، سما گهراڻي، جي تاريخي مواد ميسر ڪرڻ لاءِ مستقبل جي تاريخ نويسن اڳيان ڪي اهڙيون حقيقتون پيش ڪري رهيو آهيان، جن جي بنياد تي هو ان گهراڻي جي تاريخ لکي سگهن. ڪوٽڙيءَ ۽ ڪوهستان جا مَلڪ اڳي ”ڄام“ سڏبا هئا. هي سما گهراڻي سان تعلق رکن ٿا، جا سنڌ جي قديم قومن مان شمار ڪرڻ ۾ اچي ٿي. ان جي اصل بابت ٽي روايتون مشهور آهن: هڪ روايت موجب، ان کي عرب جي نسل جي اولاد مان سمجهيو ويو آهي؛ ٻيءَ روايت موجب، هي ايران جي شهنشاهه جمشيد جي نسل مان شمار ڪيا وڃن ٿا؛ ۽ ٽينءَ روايت موجب، هي هندستان جي چندر بنسي بادشاهن جي نسل مان آهن، جن جو وڏو ”يادو“ هو، جو بدلجي ”جادَم“ سڏجڻ ۾ آيو- راجا يڌشٽر ۽ ڪرسن مهاراج انهيءَ ڪل مان هئا- اُنهيءَ مطابق هي راجپوت گهراڻي مان ٿين ٿا.دنيا جو دستو آهي ته اڪثر ماڻهو اڀرندڙ سج کي سلام ڪن ٿا. هن ملڪ ۾ جنهن جي تهذيب عيسوي صديءَ کان اڍائي هزار ورهين بلڪ اُن کان اڳ جي شمار ڪئي وڃي ٿي. اصل دراوڙي قومون رهندڙ هيون. ان کان پوءِ آرين جي حڪومت ٿي. راجپوت اُنهن جي نسل مان آهن. خود جمشيد به آريو هو. عربن جي حڪومت اچڻ بعد، ڪيترن ماڻهن نه صرف قديم رسم رواج ۽ مذهب بدلايا، بلڪ نسلن ۽ شخصن جي نالن جي بدلڻ جي به ڪوشش ڪيائون. ان ۾ هو فخر سمجهڻ لڳا. سومرا علوي سيد ٿي پيا، ڪي سما قريش سڏائڻ لڳا، بلوچ امير حمزي جي ٻانهيءَ جي نسل مان سڏائڻ تي فخر ڪرڻ لڳا. ملڪ جا ڪوري، موچي، ملا بدلجي ڪي سيد، ڪي قريشي، صديقي، عقيلي، فاروقي سڏجڻ لڳا. ڄڻ ته عرب جي بدوي نسل مان سڏائڻ گناهه ۽ بيعزتي هئي! خير، هتي مون کي اِنهيءَ ساري مسئلي جي ڇنڊڇاڻ ڪري، تاريخ لکڻي نه آهي؛ اهو مستقبل جي تاريخ نويسن تي ڇڏيل آهي ته انهيءَ مسئلي تي بنا تعصب جي مستند راءِ قائم ڪري، فيصلو ڪن.مون کي سرزمين سنڌ سان محبت آهي، ان جي پيار کي آءٌ ايمان جو جزو سمجهان ٿو؛ ان ڪري ان جي تاريخ جي لڪل ورقن بابت، پنهنجي معلومات مطابق، روشني وجهڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو. سومرن کان پوءِ سنڌ ۾ سمن جي حڪومت ٿي، جا 752هه کان 928 هجريءَ تائين رهي. ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ طرف ته ان کان پوءِ به سندن حڪومتون رهيون. ڪڇ جا جاڙيجا راجائون اُنهيءَ گهراڻي مان هئا. اها سما قوم گهڻن قبيلن ۾ ورهايل هئي، جن جا سردار ڄام، ارباب، وڏيرا، ڄاموٽ، وغيره لقبن سان سڏبا هئا.، هرهڪ پاڙي، ڪٽنب، قبيلي جي وفاداري پنهنجي مُک ماڻهوءَ سان هوندي هئي. اُنهن مُک ماڻهن جي وفاداري وري مُکيه راجا يا بادشاهه سان هوندي هئي. جنهن جو لقب ”ڄام“ هوندو هو؛ ليڪن وڏي حڪومت وڃڻ کان پوءِ ننڍن قبيلن جا مُکُ سردار به ”ڄام“ سڏائڻ لڳا، ڪي ڄاموٽ سڏبا هئا، جنهن جي معنى ”ڄامزادا“ ٿئي ٿي- جهڙيءَ طرح راجا جي اولاد کي راجپوت يا نواب جي اولاد کي نوابزادو سڏڻ ۾ آيو ٿي.سما نسل جا ڪٽنب سنڌ، راجپوتانا، ڪڇ، ڪاٺياواڙ لس وغيره حصن ۾ رهندڙ هئا، جي جدا جدا قبيلن جي نالن سان سڏجڻ ۾ ايندا هئا، انڙ، ابڙا، پلي، سميجا، ڏهر، هالا، لاکا، جوکيا، لاسي ڄاموٽ، رونجها، جوڻيجا، جاڙيجا، شورا، سوڍا، نهڙيا، ڌاريجا، وغيره سندن مکيه پاڙن جا نالا هئا. اهي سڀ هڪ قسم جون مڪاني سرداري حڪومتون هيون. انهن جا سردار پنهنجي حدن جا مالڪ هئا. اهي وري ڄام جا سلامي ۽ وفادار هوندا هئا، جو سندن شهنشاهه مثل هوندو هو.دنيا ۾ بقا خدا جي نالي کي آهي. ڪمال بعد زوال هلندو اچي ٿو. سنڌ ۾ سما گهراڻي جو آخري بهترين بادشاهه ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو هو، جو پاڻ عادل ۽ مهذب، ۽ بزرگن، عالمن، شاعرن، پهلوانن ۽ هنرمندن تي شفيق ۽ مهربان هوندو هو. سندس وزيراعلى نواب درياهه خان هوندو هو. انهن جي ڏينهن ۾ ڪنهن به ڌارئين حاڪم يا قبيلي کي طاقت ڪانه ٿي، جو حڪومت جو وار ونگو ڪري سگهي. شاهه بيگ ارغون جي ڀاءُ، محمود، جرئت ڪري، حملو ڪيو؛ ان کي نواب درياهه خان، مڪاني سردارن جي وسيلي، اهڙي شڪست ڏيئي قتل ڪيو، جو وري ارغون سنڌ ڏي رخ ڪرڻ جي همت نه ساري سگهيا. ليڪن چوڻي آهي ته ”مڙسن مئي پاڙا پالها ٿيو وڃن“. 914هه ۾ ڄام نظام الدين وفات ڪئي. ان جي جاءِ تي ڄام فيروز حڪمران ٿيو. تنهن نواب درياهه خان جهڙي آزمودگار ۽ محب وطن وزير کي ناراض ڪري، نوڪري ڇڏڻ لاءِ مجبور ڪيو. درٻار ۾ پٺاڻن ۽ ڌارين ماڻهن کي وڌايو ويو. عيش عشرت ۾ مشغول رهڻ ڪري پنهنجي قومي سردارن سان، جن تي هن جو مدار هو، تعلقات قائم رکي نه سگهيو. نتيجو اهو نڪتو ته شاهه بيگ ارغون ملڪ تي ڪاهي آيو، ۽ آخر 928هه ۾ سنڌ جي گاديءَ ٺٽي تي اُهو قابض ٿي ويو. دولهه درياهه خان شهيد ٿي ويو. ۽ ٻين به همدردن ۽ وفادارن گهڻو سَٺو.اسان جي خاندان جو به سما خاندان سان لاڳاپو هو. اسان به وس آهر سمن لاءِ ڪجهه قربانيون نيون، تنهنڪري فطري طور ان مسئلي سان اسان کي ذاتي دلچسپي پئي رهي آهي. اسان جو ڏاڏو، سيد حيدر عليه الرحمت، مخدوم بلاول عليه الرحمت جو خليفو هو. مخدوم بلاول ”سمو سردار“ ڪري سڏبو آهي. ڪن جو چوڻ آهي ته اصل ٺٽي جي شاهي خاندان مان هو، جو فقيري اختيار ڪري، اچي دادوءَ جي ڀر ۾ باغبان ۾ ويٺو، جتي هن جي وڏي درگاهه آهي. ڪي چون ٿا ته هو لس ٻيلي جي رونجهن ڄامن مان هو. انهن ڳالهين جي کوج تاريخدانن کي ڪرڻي آهي. نواب درياهه خان، مخدوم بلاول عليه الرحمت ۽ سيد حيدر عليه الرحمت گهاٽا دوست ۽ رفيق هئا. سخي ابراهيم شاهه عليه الرحمت، سيد حيدر جو ڏاڏو (مدفن نزديڪ خاڻوٽ)، ڄام نظام الدين سمي جي مقربن مان هو. جنهن ڪري نواب درياهه خان کي ساڻس عقيدت ٿي ويئي. ان سندس ڀر ۾ اڳوڻيءَ گوپانگ اسٽيشن جي ڀرسان، هڪ قبائين جاءِ پنهنجي رهڻ لاءِ ٺهرائي هئي، جتي هو رهي، سخي صاحب سان اڪثري ملاقاتون ڪندو هو، ۽ چانگ قبيلي کي شاهه صاحب جي مريدن جي مدد سان هڪالي ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿيو هو. اهو تاريخي واقعو آهي ته انهيءَ زماني ۾ سيد محمد ميران جونپوري پيدا ٿيو، جنهن مهدي ٿيڻ جي دعوى ڪئي. سندس تحريڪ جا خيال ۽ مقصد هيٺيان هئا:سيڪشن؛ شخصيات ڪتاب:جنب گذاريم جن سين باب- صفحو : 31 سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”اول بسم الله غلط“، سو گورنر جو اهو پهريون قدم اڳتي هلي، هيٺين نتيجن جو ڪارڻ بنيو: (1) جمهوري طريقن کي خيرباد ڪرڻ جي شروعات ٿي، (2) فرقيوار پارٽين ۽ فرقيوار ذهنيت کي تقويت پهتي، (3) پارٽين جي ٽڪيٽ تي چونڊجي آيل ميمبرن کي، لالچن جي بنياد تي پارٽين کان ڦيراڻ ۽ سندن واقعي ڦرڻ جي شروعات ٿي، (4) آفيسرن معرفت ۽ شخصي لالچن جي ذريعي ميمبرن کي هٿ ڪرڻ جو بنياد پيو، ۽ (5) انگريز ميمبرن اقليت کي بدلائي اڪثريت بنائڻ ۾ کليو کلايو مدد ڪئي. چوڻي آهي ته ”چو ڪفر از ڪعبه برخيزد، ڪجا مانند مسلماني!“ يعني، ڪعبي مان ڪفر پيدا ٿيندو، ته باقي مسلماني ڪهڙي رهندي! انگريز هڪ هٿ سان جمهوريت کي مروج ڪن ٿا، ٻئي سان پنهنجي سامراجي مقصدن ر مطلب ته انهيءَ طرح سر غلام حسين جي وزارت ٺهي، ڪانگريس جا ست ميمبر ۽ اتحاد پارٽيءَ جا نَوَ ميمبر وڃي مخالفت ۾ ويٺاسون. صوبائي خ ۽ اسان گڏجي، سنڌي اسيمبليءَ اندر تقريرن ۽ ٺهرائن ذيتون پيش ڪيون، حڪومت جي خامين جي اپٽار ڪئي، رشوت ۽ ڪامورن جيڪانفرنسون ڪوٺايون، پهرين ڪنڊياري ڪانفرنس، پوءِ چڪ ڪانفرنس ۾ گڏ هئاسون. اتي عوام ۾پيدا ڪرڻ، فرقه پرستيءَ جي مخالفت ڪرڻ، ۽ هندستان جي آزاديءَ لاءِ ماحول هموار ڪرڻ جو پرچار ڪندا رهياسون. اهڙيءَ طرح پيدا ڪيل پروپيگنڊا جو اثر هندو ميمبرن تي ٿيڻ لڳو، جو انهن ۾ هڪ حد تائين عام راءِ پيدا ٿي چڪي هئي. مسلم ميمبرن جي اڪثريت سان ”صُم بُڪم عمي فهم لايرجعون،“ يعني ”گونگا، ٻوڙا، انڌا هئا، ۽ ڪڏهين به راهه راست تي نه ايندا“ واري ڪار هئي. انهيءَ وچ ۾ ٻه- ٽي واقعا اهڙا سرزد ٿيا، جن سر غلام حسين وزارت کي هندو آزاد پارٽيءَ جي ميمبرن کان خوفزده ڪيو، ۽ هندو ميمبرن کي، ٻين ڪيترن سببن سان گڏ، وزارت جي خلاف ٿيڻ لاءِ آماده ڪيو. مسٽر منگهارام ٽهلراماڻي سيوهڻ تعلقي جي ٽلٽي ڳوٺ جو ويٺل، ضلعي دادو لوڪل بورڊ جو چيف آفيسر ۽ انجنيئر هو. هن جو پيءُ سن جي سنڌي اسڪول ۾ ورهين جا ورهيه هيڊ ماستر هو. ان ڪري هن جي پٽ منگهارام سان منهنجي واقفيت هئي. ڪراچي ضلعي لوڪل بورڊ جي پريزيڊنٽيءَ مهل جڏهين منهنجو اڪثر ڪراچيءَ رهڻ ٿيندو هو، مون سان هي ملندو رهندو هو. هو به ٿيا سافيڪل سوسائٽيءَ جو ميمبر هو، آءٌ به ان سوسائٽيءَ جو ميمبر هوس. هو به مسٽر جمشيد ميهتا جي معتقدن مان هو، آءٌ به هوس. جڏهن دادو ضلعو ٿيو، ته اُتي هي چيف آفيسر مقرر ٿيو. اُن جي مقرريءَ لاءِ ٽي ڪارڻ هئا: (1) هن جو ڪاڪو ديوان ڀاونداس رٽائرڊ ڊيپوٽي ڪليڪٽر، ضلعي لوڪل بورد دادوءَ جو ميمبر ۽ خانبهادر محمد پريل ڪلهوڙي، پريزيڊنٽ، صلعي لوڪل بورڊ، جو دوست هو. (2) هن نوڪري ملڻ کان ڪيئي مهينا اڳ بنا پگهار جي خانبهادر محمد پريل ڪلهوڙي جي ڳوٺ رهي، سندس ڪمن ڪارين ۾ مدد ڪري، پاڻ کي مقبول بنايو هو. (3) منهنجو دوست به هو. سر غلام حسين، وزارت ٺاهڻ بعد، مٿي ذڪر ڪيل طريقن سان ميمبرن کي هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، ۽ مون تي به ڪيئي اثر هلايا هئا. لالچ ۽ ڊپ ذريعي مون کي هٿ ڪرڻ ناممڪن هو، انڪري دوستن لاءِ منهنجيءَ ڪمزوريءَ جو فائدو وٺي، انهن ذريعي مون کي هٿ ڪرڻ جا حيلا هلايا ويا. پهرين صاحبزادي عبدالستار جان سرهنديءَ ۽ برادرم ميران محمد شاهه ذريعي ڪوششون ڪيون ويئون، پر انهن ۾ ناڪاميابي ٿين. پوءِ خانبهادر نور نبي، ڪليڪٽر، دادو،تي بار رکيو ويو ته هو ڪنهن طرح سان مون کي راضي ڪري، وزا ازانسوا