• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

رت ديس تنهنجي راهه ۾ جي ڦڙو ڦڙو ٿي وهي وڃي

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ nadar baloch
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

nadar baloch

سينيئر رڪن
رت ديس تنهنجي راهه ۾ جي ڦڙو ڦڙو ٿي وهي وڃي
منهنجو نصيب ٺهي وڃي تنهنجو به قرض لهي وڃي

اداس رات جو مان چنڊ گھور گھور پيو پيئان
اونداهين جا چرٻٽؤ! متان ڪو ديپ ٺهي وڃي.

گلن جا سر ڪٽي ڇڏيو، وڻن جا ٿُڙ سٽي ڇڏيو
ڪلي ڪلي لتاڙيو متان ڪسر ڪا رهي وڃي.

سوهن مٽيءَ جي مر به آ جنهن غير جي نه ڄڀ پٽي
اسان جو ڄڻ ۽ ڪنڌ ذري اجوڳا ويڻ سهي وڃي.

مبارڪون وڍيندڙؤ ڪُهڻ جي رُت اچي وئي
هتي پيو ڪو ڪسي وڃي هتان پيو ڪو کڄي وڃي

اڏائي ڌوڙ راهه ۾ اڄ هلئون ته هيئن هلون
جو اسان جي شهر ڏي ورڻ جي واٽ ئي دهي وڃي.
 
جواب: رت ديس تنهنجي راهه ۾ جي ڦڙو ڦڙو ٿي وهي وڃي

(رت ديس تنهنجي راهه ۾ جي ڦڙو ڦڙو ٿي وهي وڃي)



ادا نادر سائين واه زبردست
 
جواب: رت ديس تنهنجي راهه ۾ جي ڦڙو ڦڙو ٿي وهي وڃي

زبردست ادا تمام بهترين،،
 
جواب: رت ديس تنهنجي راهه ۾ جي ڦڙو ڦڙو ٿي وهي وڃي

رت ديس تنهنجي راهه ۾ جي ڦڙو ڦڙو ٿي وهي وڃي
منهنجو نصيب ٺهي وڃي تنهنجو به قرض لهي وڃي

اداس رات جو مان چنڊ گھور گھور پيو پيئان
اونداهين جا چرٻٽؤ! متان ڪو ديپ ٺهي وڃي.

گلن جا سر ڪٽي ڇڏيو، وڻن جا ٿُڙ سٽي ڇڏيو
ڪلي ڪلي لتاڙيو متان ڪسر ڪا رهي وڃي.

سوهن مٽيءَ جي مر به آ جنهن غير جي نه ڄڀ پٽي
اسان جو ڄڻ ۽ ڪنڌ ذري اجوڳا ويڻ سهي وڃي.

مبارڪون وڍيندڙؤ ڪُهڻ جي رُت اچي وئي
هتي پيو ڪو ڪسي وڃي هتان پيو ڪو کڄي وڃي

اڏائي ڌوڙ راهه ۾ اڄ هلئون ته هيئن هلون
جو اسان جي شهر ڏي ورڻ جي واٽ ئي دهي وڃي.
ادا نادر علي بلوچ توهان تمام زبردست ونڊ ڪئي آهي پر مٺا هي شاعري هڪڙي تمام مهان شاعر جِي آهي جيڪڏهن تون ان شاعر جي نالي سان هي ونڊ موڪلين ها ته هن ونڊ کي چار چنڊ لڳي وڃن ها، دوستن کي به خبر پوي ها ته اسان جي سنڌ جا مهان شاعر ڇا خوب لکن ٿا۔ ان هوندي به توهان جي مهرباني جو توهان تمام پياري شاعري کڻي آيا
 
جواب: رت ديس تنهنجي راهه ۾ جي ڦڙو ڦڙو ٿي وهي وڃي

يارو! وارو ڪيو ، شاعر جو نالو ٻڌايو، جو ايترا عمده خيال ۽ جذبا اهڙا جو اصل دل ٿي چوي ته هاڻ ئي ڪهاڙي کڻجي ۔۔۔ تمام سهڻو غزل آهي ۔۔۔
اڏائــــي ڌوڙ راهــه ۾ اڄ هلئـــون ته هيئن هـــلـــون،
جو اسان جي شهر ڏي ورڻ جي واٽ ئي ڊهي وڃي.
طارق بن زياد ته ٻيڙا ساڙيا هئا هت ته پيرن جا نشان ئي ڊاهيا ٿا وڃن ۔۔۔ انتها جي بهادريءَ جو ڏس ڏنل آهي ۔۔۔
 
رت ديس تنهنجي راهه ۾ جي ڦڙو ڦڙو ٿي وهي وڃي

حليم باغي جي شاعري آهي

نثار ناز صاحب
حليم باغي جن جي شاعري آهي۔
 
جواب: رت ديس تنهنجي راهه ۾ جي ڦڙو ڦڙو ٿي وهي وڃي

واه ائين واه جيئي ديش۔۔۔۔۔
 
Back
Top