قريشي شبير احمد
سينيئر رڪن
هڪ اسڪول جي ھيڊ ماسٽر امتحان جي فارم تي فوٽو لڳائڻ لاءِ فوٽو گرافر سان في شاگرد 10 روپيه معاوضو طي ڪيو، هيڊ ماسٽر استادن کي گهرائي اعلان ڪرايو ته صبحاڻي في شاگرد کان 30 روپيه فوٽن جا وصول ڪيو. استاد صاحبن ڪلاس ۾ چيو ته هر شاگرد 50 روپيه فوٽن لاءِ آڻين. شاگرد شام جو ماءُ کي گهر ۾ چيو ته استاد 100 روپيه فوٽن جا گهريا آهن، ماڻس رات جو مڙس کي ٻڌايو ته تنهنجهي ڇوڪر اسڪول طرفان 200 روپيه فوٽن لاءِ گهريا آهن..............
ڏئي مان ڏيو ڪينئن ٿو ٻري هي جي سلسلو اڃا ڪجهه ڊگهو هجي ته قصو ڪٿي پهچي. يقين ڄاڻو آفيسن جا ڪم به انهي فارمولا تحت ٿيڻ ٿا. چپراسي کان وٺي ڪلرڪ بادشاهه، اسسٽنٽ، آفيس سپرنٽنڊنٽ، سيڪشن آفيسر، ڊپٽي سيڪريٽري، ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ پوء سيڪريٽري صاحب تائين روشني جي پکيڙ اهڙي جو غريب ضرب ونڊ ۾ ضربيل آهي...... دنيا ۾ پنهنجي هن صنعت و حرفت جا فارمولا ضرب المثل آهن.