• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پاڪستان پهريون ڀهيرو چيمپئن ٽرافي 2017 جي فائنل

اڄ پاڪستان انگلينڊ کي پنهنجي گهر ۾ شڪست ڏئي ،
چيمپئن ٽرافي جي تاريخ ۾ پهريون دفعو پاڪستان سيمي فائنل کٽي فائنل تائين رسائي حاصل ڪري ورتي ،
چيمپئن ٽرافي جنهن جو اڄ پهريون سيمي فائنل پاڪستان ۽ ميزبان انگلينڊ جي وچ ۾ کيڏيو ويو پاڪستاني ڪپتان سرفراز پاران ٽاس کٽي فيليڊنگ جو فيصلو ڪيو
جيڪو ماهرين ڪرڪيٽ غلط چئي رهيا هئا ۽ واقعي هيو بہ ،
ڇوتہ انگلينڊ جهڙي مضبوط ٽيم جيڪڏهن 300 رنسون بنائي وڃي ها تہ ويچارا پاڪستاني رانديگر جن مان 250 جي به اميد ناهي اهي ويچارا ڇا ڪري سگهن هان
بهرحال پاڪستاني رانديگرن بهترين پرفارمس ڏيکاري انگلينڊکي سندن ئي گهر ۾ شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ،
شروعاتي ميچ جيڪو روايتي حريف ڀارت سان ٿيو هو اهو هارائڻ بعد لڳي نہ رهيو هوتہ پاڪستان مضبوط ٽيمن کي شڪست ڏئي سيمي فائنل ۽ پوء فائنل تائين پهچندو ،
نوجوان باصلاحيت رانديگرن جي محنت سان پاڪستان نہ صرف آفريقا ۽ سريلنڪا جهڙين مضبوط ٽيمن کي شڪست ڏني پر انگلينڊ جهڙي جڳ مشهور انتهائي خطرناڪ ٽيم کي سندن ئي گهر ۾ باآساني شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ،
انگلينڊ جيڪا ڪرڪيٽ جي حوالي سان دنيا ۾ ڪنگز جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي ، جنهن ۾ دنيا جا انتهائي خطرناڪ بالر ۽ بسٽمين سان گڏ فيلڊر شامل هئا مورگن ، سٽوڪ ، روٽ ،
راشيد ، معين علي ، جيڪي پهريان پاڪستاني بالر اڳيان بيوس نظر آهيا ۽ بعد ۾ اظهر ، فخر زمان ، حفيظ ، ۽ بابر ، بيٽنگ ۾ ڏينهن جا تارا ڏيکاري ڇڏين ،
انگلينڊ کي هوم گرائونڊ جي برتري حاصل هجڻ سان گڏوگڏ پاڪستاني ٽيم مٿان نفسياتي برتري پڻ حاصل هئي ،
ڇوتہ پاڪستان طرفان کيڏيل پويان ميچ آفريقا ۽ سريلنڪا کان ان حالت ۾ کٽيا جنهن مان صاف صاف ظاهر لڳي رهيو هو تہ انگلينڊ پاڪستان کي باآساني شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو
 
Back
Top