پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ ساري دنيا ۾ رهندڙ سنڌي دوستو، السلام عليڪم جيئي سنڌ هڪ بلڪل نئون ۽ نڪور غزل نيڻن جي حوالي سان توهان سان ونڊ ڪيان پيو، منهنجي تخليق آهي مطلب ته سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ جي خالص پنهنجي تخليق، توهان جي خوبصورت راين جو شدت سان منتظر رهندس
جواب: هِي تُنهنجا ڪيڏا آتا نيڻ ! غزل يار نثار ناز! ياد ڪر ته مون هڪ آزاد نظم اکڙين تي پيش ڪيو هو، جنهن تي اوهان تمام سهڻا خيال ونڊ ڪيا هئا ۔۔۔ اڄ هن نيڻن تي چيل غزل تي آءُ اوهانکي اهي ساڳيا لفظ موٽائي ٿو ڏيان ۔۔۔ نيڻن تي قربان آهيون، نه نه نثار ته اڳ ئي آهيون ۔۔۔!!! ياد اڄ وري آيون، ساڄن جون اکڙيون ... خيال ڇا آيو، ملڪ الموت سان، ڄڻ ته، ملڻ جو وار آيو، ڪاريون ڪجراريون سريليون اکڙيون، کڄن ته، گل گلزار اکڙيون. گهور ڪن ته، گهائيندڙ اکڙيون، بند ٿين ته، تنبوري جي تار اکڙيون، خماريل ته، تيز ترار اکڙيون، پلڪون جهپن ته، نيهن نياپا اکڙيون، انتظار ته، سانوڻ وسڪار اکڙيون، پيار اچي ته، افق تي لالاڻ اکڙيون، کڻي کوڙن ته، تير ۽ ڪمان اکڙيون، خوش ٿين ته لطيف وايون اکڙيون، نشو ڪئين نه ٿئي، وه جا پيالا اکڙيون، منهنجي محبوب جو اکڙيون ياد اڄ وري آيون، ساڄن جون اکڙيون ...
جواب: هِي تُنهنجا ڪيڏا آتا نيڻ ! غزل وڄائي ڇڏئي جاني: نثار ۽ قربان وارو فلسفو پنهنجو اصل سر وڃائيندو، اکين جا ڪُٺل آهيون، تڏهن ئي ته مت جا مُٺل آهيون، اچ ته پرچون پرين پاڻ ۾، ڇو ڀلا ڇاجي ڪري رُٺل آهيون۔ تنهنجي ساڄن جي اکڙين نثار کي قربان ڪري ڇڏيو هتي وري ڪنهنجي آتن نيڻن ناز کي وري نثار ڪري ڇڏيو اصل ڪُهي ڇڏيو۔۔۔۔۔۔۔۔