ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ تحقيقي مقالن جي نالي تي سامهون آيل غير معياري ٿيسز جي ادبي اوک ڊوک ٿيڻ گھرجي. سنڌ جون يونيورسٽيون تحقيق جي نالي ۾ جيڪي ڀرتي مقالا ڏينديون رهيون آهن انهن جو به هڪ ڊگھو شرمناڪ داستان آهي، پر اسان تازو منظر عام تي آيل تحقيقي مقالن جي لڄائيندڙ ڪهاڻي جا ڪجهه ڇرڪائيندڙ پاسا اوهان آڏو آڻيون ٿا. جنهن مان توهان کي اندازو ٿيندو ته سنڌ جي چوٽي جي درسگاهن ۾ تحقيق جي نالي تي ڪهڙو مذاق پيو ڪيو وڃي ۽ ڪراچي يونيورسٽي جو سنڌي شعبو ان مذاق ۾ ٻين سڀني کان ٻه هٿ اڳتي آهي. تازو 2016ع ۾ منظر عام تي آيل ايم اي جا مقالا اهڙي تحقيقي بيشرمي جو کليو ثبوٿ پيش ڪن ٿا. ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي پاران پنج مقالا سامهون آندا ويا آهن. جن کي پڙهي تحقيق جو ڪنڌ شرم کان جھڪي وڃي ٿو. انهن مقالن جا موضوع ادب سان سماجي لاڳاپي، سفرنامي ۽ شاعري وغيره بابت آهن. توهان جيڪڏهن انهن مقالن جو مطالعو ڪندا ته سماج، ادب ۽ شاعري وغيره جي بنيادي وصفن سان برو حشر ٿيل معلوم ٿيندو. تحقيقي مقالي جون ڪي بنيادي گھرجون هونديون آهن. جن ۾ پهرين ته توهان تحقيق جي ذريعي ڪا نئين کوجنا يا دريافت سامهون آڻيو. ٻيو ته تحقيقي مواد گھٽ ۾ گھٽ ٽيهه سيڪڙو طبعزاد هئڻ گھرجي پر هنن مقالن ۾ ذڪر ڪيل ٻئي ڳالهيون ناپيد ملنديون. مقالن ۾ شامل سمورو مواد مختلف ڪتابن تان کڻي پورائو ڪيو ويو آهي، جن جا حوالا ۽ حاشيا ڏيڻ جي به زحمت ناهي ڪئي وئي. مختلف موضوعن تي اناڙي، جڳاڙي ۽ کلائيندڙ قسم جو تبصرو ڪيو ويو آهي. جنهن کي پڙهي کل اچڻ سان گڏ ڪاوڙ به وٺيو وڃي. مثال طور اهڙي هڪڙي مقالي ۾ اها سث به لکيل آهي ته ”سنڌي ڪهاڻي اٽي جي گھر ڪري ٿي“. هاڻي ڪير لکندڙ کان پڇي ته ڪهاڻي کي ڪڏهن کان بک لڳڻ شروع ٿي جو اها اٽي جو مطالبو ڪري رهي آهي. تحقيق ڪندڙ ته هونئن ئي ادب کان اڻ واقف پر انهن جا معتبر ۽ پاڻ کي وڏا اديب سمجھندڙ نگران به اهڙي تحقيق کي قبولي ڪهڙي ادب دوستي جو ثبوت ڏين ٿا. هي صرف مختصر ذڪر آهي سنڌي ٻولي ۽ ادب جي نالي تي ڪروڙين رپيا ڪمائيندڙ ادارن جي تحقيقي ڪارڪردگي جو. ڇا اهڙن مقالن جي منظوري ادب ۽ تحقيق دشمني ناهي. اهڙيون غير معياري ٿيسز لکي ڊگريون ماڻيندڙ سنڌي ادب جي ڪهڙي خدمت ڪندا ۽ انهن جا نگران اهي جڳاڙي مقالا قبول ڪري ادب جو ٻيڙو ٻوڙي نه رهيا آهن. اسان جو مطالبو آهي ته ايڇ اِي سي انهن مقالن جي ڇنڊڇاڻ ڪرائي ۽ تحقيق سان جٺ ڪندڙ نام نهاد نگرانن جي نڪ ۾ نوڙي وجھي. گڏوگڏ اسان سنڌ جي ساڃاهه وند طبقن کان به گھر ڪيون ٿا ته بيڪار تحقيق جي تيلي سان ادب جي گهر کي ٻاريندڙ انهن ڪردارن جي احتساب لاءِ اڳتي اچن، جيڪو ادب کي بچائڻ اسان سڀني جي قومي فرض ۾ شامل آهي.