• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نوجوانن کي گذارش

مان پنهنجي فيسبوڪ پيج جي وسيلي سنڌ جي سجاڳ نوجوانن کي ڪوٺ ٿو ڏيان تہ ،
اهي نوجوان جيڪي ملڪي سياسي صورتحال تي گهري نظر رکن ٿا ، دلچسپي رکن ٿا ، ملڪ قوم جي ڀلائي لاء سٺو سوچين ٿا ،
پر وسائل نہ هجڻ ڪري ملڪي ڪاروهنوار ۾ حصو نٿا وٺي سگهن ،
انهن نوجوانن کي گذارش ٿي ڪجي تہ هن وقت اليڪشن سدار ڪميٽي ڪم ڪري رهي آهي ، جنهن ۾ دانيال عزيز جهڙا قابل ماڻهو ڪم ڪن پيا ،
اچوتہ ان ڪميٽي تائين پنهنجو اهو آواز پهچايون ، تہ عورتن مينارٽي لاء ريزر قومي اسيمبلي صوبائي اسيمبلي سينٽ ۾ سيٽون مخصوص رکیون ویون آھن ،
تہ پوء غريب ، ليبر ، هاري ڪهڙو ڏوهہ ڪيو آهي ،
گذارش ٿي ڪجي تہ غريب ، مزدور ، هاري ، لاء قومي اسيمبلي ۾ 5 ، سينٽ ۾ 2 ۽ هر صوبائي اسيمبلي ۾ 10 ، 10 سيٽون ريزر رکيون وڃن ،
جئين اهي بہ پنهنجو ، پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ، ۽ اهڙي تجويز جناب دانيال عزيز صاحب جي غور ۾ بہ آهي
محمد بخش لوهاراڻي
 
Back
Top