پيرن کي روڪجي مگر، نيڻن کي ڇا ڪجي؟
چغلي هڻن ٿا پيار تي، لڙڪن کي ڇا ڪجي؟
هُو سامهون اچي پيو، ڌڙڪڻ لڳي آ دل،
نظرون ته ڦيريان کڻي، جذبن کي ڇا ڪجي؟
**
جڏهن کان اک لڳي توسان تڏهن کان اک لڳي ناهي،
جڏهن کان چاڪ ڪئي دل تو تڏهن کان چاق دل ناهي.
ڪرين ٿو وارَ کولي وارَ سان سوَ وارَ او سُهڻا،
لڳا ٿم ڏنگ انگ انگ ونگ جنهنجو دنگ ئي ناهي.
ڪيا غم دل ۾ اوتارا ٿڪا تارا تَڪي تارا،
سڄڻ بي_چين دل کي چين هڪڙو دم گھڙي ناهي.
دلاور دادلا دلدار دلبر دلرُبا دلڪش،
دلِ دلگيري هر نام تنهنجي کي وِٿي ناهي.
ٻول :
آواز : برڪت علي