• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻول : زندگي تي ناهي ڪوئي ڀروسو حسن کي پوڄي وٺو

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
بي نقاب نڪتو آ، ڪو حادثو بقا ٿيندو،
جلوو جي جابجا ٿيندو، نظرن جو حشر ڇا ٿيندو؟
اي دوست! اڄ خُدا آهي، ديدارِ دلرُبا ٿيندو،
ديدار ئي نماز آ پوءِ وقت ڇو قضا ٿيندو؟

**

زندگيءَ تي ناهي ڪوئي ڀروسو،
حسن کي پوڄي وٺو، پوڄي وٺو.

حسن مون لئه مظهرِ الله آ،
حسن منهنجي جان منهنجو ساھ آ
حسن تي منهنجو وڏو ويساھ آهي،
جنهن ڪيو ايمان منهنجي کي پڪو،
حسن کي پوڄي وٺو پوڄي وٺو.

حسن مولا آهي مولا حُسن آ،
حسن دنيا آهي دنيا حُسن آ،
حسن عقبا آهي عقبا حسن آ،
دوستو دنيا کٽو عقبا کٽو،
حسن کي پوڄي وٺو پوڄي وٺو.

حسن پاڪ آهي، ستارن جو قسم،
حسن پاڪ آهي، نظارن جو قسم،
حسن پاڪ آ حُسن وارن جو قسم،
پاڪ آڏو خاص پاڪائي رکو،
حسن کي پوڄي وٺو پوڄي وٺو.

ڪائناتِ حسن ۾ هلندو وتان،
ڄڻ ته بحرِ عشق ۾ ترندو وتا،
حسن کي ڏسندو وتان ٺرندو وتان،
حسن ۾ استاد آ ڏاڍو مزو،
حسن کي پوڄي وٺو پوڄي وٺو.



ٻول : استاد بخاري
آواز : منظور سخيراڻي
 
Back
Top