ھن دنیا جی نوي سیڪڙو آبادي اهڙن ماڻهن تي مشتمل آهي جيڪي ڪنهن نه ڪنهن نظرئي يا عقيدي سان لاڳاپيل آهن، ڪو نه ڪو عقيدو يا نظريو انسان جي ضرورت رهيو آهي انسان جي اندر موجود تجسس جو مادو ان کي هر معاملي ۾ ڪنهن نه ڪنهن نظرئي يا عقيدي رکڻ لاءِ ترغيب ڏيندو رهيو آهي، اهو ممڪن ناهي ته مڪمل علم جي حصول تائين انسان محدود علم کان به لاتعلقي جو اعلان ڪري ڇڏي. مثال طور: اڄ اسان اهو ڄاڻون ٿا ته دنيا بيضوي شڪل جي آهي پر جڏهن انسان اهو نه ڄاڻندو هيو ان وقت ان کي گول سمجهندو هيو ۽ ان کان پهريان چپتري.. انسان لاءِ اهو ته ممڪن آهي ته ڪنھن جا مضبوط دليل ٻڌي ڪري پنهنجي ڪمتر نظريي ۽ عقيدي تان دستبردار ٿي ڪنهن بهتر نظرئي ۽ عقيدي کي تسليم ڪري پر اهو ممڪن ناهي ته بغير ڪنهن بھتر نظرئي ۽ عقيدي کي تسليم ڪرڻ جي هو پنھنجي پهرين پراڻي نظرئي ۽ عقيدي تان بہ دستبردار ٿي وڃي.... مثال طور: مان سمجهان ٿو ته زمين گول آهي پر ڪو ماڻھو پنھنجن مضبوط دلیلن سان دنيا کي بيضوي شڪل جو ثابت ڪري مونکي پنھنجي ان نظريي تي قائل ڪري سگھي ٿو پر اهو ممڪن ئي ناهي تہ هو بغير ثابت ڪرڻ جي مونکي پراڻي نظرئي تان دستبردار ڪرائي سگهي ته زمين گول ناهي بلڪ بيضوي شڪل جي آھي يا چوي تہ اسان کي في الحال خبر ئي ناهي ته زمين ڪيئن آهي.. اهو به ممڪن آهي ته اسان ڪنهن نئين نظرئي مان مطمئن نه هجون ۽ مزيد ان تي تحقيق ڪري رھيا هجون پر تحقيق جي دوران اسان کي اُن پراڻي نظرئي تي قائم رهڻو پوندو ۽ اسان جو اهو رويو نئين تحقيق تي اثر انداز نه ٿيندو. مان شروع ۾ عرض ڪيو ته دنيا جي اڪثر آبادي ڪنهن نه ڪنهن مذهب سان تعلق رکي ٿي پر هن دنيا ۾ ڪجھ تعداد اهڙو به آهي جيڪو ڪنهن به مذهب کي نه مڃيندو آهي اسان ان کي دهريو يا ملحد سڏيندا آهيون٬ اهڙا ماڻهو دنيا جي پيدائش جي متعلق اھو نظريو رکندا آهن تہ ھي دنيا پاڻھي وجود ۾ آئي آھي ان کي پرائمري نيبيولا چئو يا اتفاقي حادثو، پر هن دنيا جو پيدا ٿيڻ ان ۾ انسان جانور ڪيڙا مڪوڙا وڻ ٻوٽا سڀ ڪجھ هڪ حادثو آهي يعني نه ڪو خدا آھي نہ وري ڪنھن خدا جو ڪو وجود... اهو سڄو نظام بغير ڪنهن خالق جي پيو هلي...(معاذاللہ) چند فيصد ماڻهن کان علاوہ دنيا جي اڪثريت آبادي ان نظريي کي هڪ دم مسترد ڪري ڇڏيو آھي ڇو تہ خدا جي وجود جي متعلق سوال تمام گهٽ آهن، خدا ڪيڏانهن آيو؟ڪنهن پيدا ڪيو؟ اهڙا ٻه ٽي سوال ملحدن طرفان گردش ڪندا رهندا آهن٬ پر خدا جي وجود کي تسليم نه ڪرڻ سان ايترا ته سوال اٿي پون ٿا جن جو ڳاڻاٽو مشڪل ٿيو پوي٬ مثال طور: جيڪڏھن مون وٽ رنگ جا ٻه ڊٻا ھجن ۽ منھنجي ھٿان زمين تي ڪري پون ۽ زمين تي عجيب ڊزائين ٺهي پوي تہ ان کي تہ حادثو قرار ڏئي سگهجي ٿو پر پوپٽ جي پرن جا مختلف رنگ٬ مڇي جي کل تي اڪريل نقش٬ نانگ ٬شينھن ۽ زيبرا جي جسم تي مختلف رنگن جي ڊزائين کي مان محض اتفاقي حادثو ڪيئن تسليم ڪيان؟؟؟ انسان پاڻي ۽ آڪسيجن کانسواءِ نه ٿو رهي سگهي٬ ڇا انساني پيدائش هڪ حادثو ۽ زمين تي انساني جي ضرورت مطابق پاڻي ۽ آڪسيجن جو وافر مقدار جو ھجڻ ڇا اھو سڀ اتفاق آھي؟؟ خوراڪ جي موجودگي بہ محض اتفاق؟ جانورن جي موجودگي بہ اتفاق؟ جانورن جو خوراڪ جي وڌڻ جي سائيڪل سان تعلق بہ اتفاق؟ سج جو موجود هجڻ به اتفاق؟ چنڊ جو موجود هجڻ به اتفاق؟ سج کان مينهن جي پاڻي جو سائيڪل ٿيڻ به محض اتفاق؟ کاڌي خوراڪ جو وات ۾ وجهڻ٬چٻاڙڻ لاء ڏندن جو هجڻ٬خوراڪ کي نرم ڪرڻ لاءِ وات ۾ لبابي معدي جو هجڻ٬ ھضم ڪرڻ لاءِ ھاضمي جو نظام٬ هضم ٿيل خوراڪ جو خارج ٿيڻ ڇا اھي سڀ اتفاقي حادثا آھن؟؟؟ وري کاڌي خوراڪ جا مختلف ذائقہ٬ ڪڻڪ جو الڳ ذائقو جوٙ جو الڳ٬ صوف جو ذائقو الڳ تہ وري انب جو الڳ٬ڇا اھو بہ صرف اتفاق آ؟؟؟ انب جي ضرورت گرمين ۾ ھوندي آھي تہ ھو گرمين ۾ ئي ٿيندو آھي٬ ڇا اھو بہ اتفاق آ؟ اٺ صحرائي جانور آهي تہ حيرت انگيز طور تي ان ۾ صحرا ۾ پيش ايندڙ هر مصيبت کان بچڻ لاءِ صلاحيتون بہ موجود آھن مثلاً پاڻي ۽ خوراڪ کي ذخيرو ڪرڻ جو نظام٬ صحرا جي وارياسي زمين جتي ٻين جانورن لاءِ ھلڻ بہ مشڪل ٿي پوندو آھي اتي ھن جي ھلڻ ۽ ڊوڙڻ لاءِ مخصوص قسم جا پير ھجڻ، واري جي طوفان کي برداشت ڪرڻ لاءِ مخصوص قسم جي کل جو ھجڻ ڇا اهو سڀ ڪجھ محض اتفاق آهي؟؟؟ سانڊي جو پنهنجي دشمن کان بچڻ لاءِ رنگ مٽائڻ ۽ ان جھڙن ٻين جانورن ۾ دفاعي نظام جو ھجڻ ڇا اهو سڀ محض اتفاق آهي؟؟؟ گلن جا مختلف رنگ ۽ مختلف خوشبوءٙ ڇا اھو بہ اتفاق آھي؟ انسان جي گڙدن جو نظام٬ ڦڦڙن جو نظام ٻار ڄڻڻ جو نظام٬ ٻار ڄڻڻ کان بعد ماءُ جي سيني ۾ کير جو اچڻ ڇا اهو بہ محض اتفاق آهي؟؟؟ مون هتي صرف چند مثال ڏنا آهن اوھان جي سوچ کي آغاز ڏيڻ لاءِ٬ ورنہ سوالن جو هڪ نه ختم ٿيڻ وارو سلسلو آهي جن جا جواب اللہ تعاليٰ جي وجود جو انڪار ڪرڻ واري انسان کي