واٽس ايپ جي اينڊرائيڊ ورزين ۾ 2 نوان فيچر شامل

'سمارٽ فون' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏4 جولائي 2017۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    واٽس ايپ جي اينڊرائيڊ ورزين ۾ 2 نوان فيچر شامل استعمال ڪندڙن کي وڏي عرصي کان ان جو انتظار هيو.

    واٽس ايپ جي اينڊرائيڊ ورزين ۾ ٻه نيون خصوصيتون شامل ڪيون ويون آهن جيڪي عام صارفن لاءِ تمام فائديمند آهن. انهن فيچرز سان واٽس ايپ تي ٽيڪسٽ موڪلڻ وڌيڪ دلچسپ ٿي ويو آهي. استعمال ڪندڙن کي وڏي عرصي کان انهن فيچرز جي شامل ٿيڻ جو انتظار هيو.

    متن کي ٿُلهو ، پاسِيرو (بولڊ، اٽالڪ) ڪرڻ جو فيچر

    واٽس ايپ تي پيغام لکندي ٽيڪسٽ کي منتخب / سليڪٽ ڪري اُن کي بولڊ / اٽالڪ ڪرڻ ۽ متن جو رنگ تبديل ڪرڻ تمام آسان ڪيو ويو آهي، بس پنهنجو پيغام ٽائپ ڪريو ۽ متن کي ڪُجھ سيڪنڊن لاءِ ٽيپ ڪري رکو يعني دٻايو.. ائين ڪرڻ سان متن / ٽيڪسٽ کي منتخب ڪرڻ جو آپشن ظاهر ٿيندو. هاڻ توهان مطلوبه ٽيڪسٽ کي منتخب ڪريو ۽ مٿي ظاهر ٿيندڙ بولڊ، اٽالڪ ۽ اسٽراڪ ٿرو لائن جي آپشن تي ڪلڪ ڪري متن کي مرضي مطابق اسٽائل ڏيو. متن کي بولڊ ۽ اٽالڪ ڪرڻ پهرين به ممڪن هيو، پر هاڻ انکي وڌيڪ آسان بڻايو ويو آهي.
    [​IMG]

    ايموجي ڳولهڻ ۽ GIF موڪلڻ جو فيچر

    ٻيو فيچر جيڪو واٽس ايپ ۾ آيو آهي اُهو هِي آهي ته هاڻ توهان ڪنهنکي به موڪلڻ لاءِ ايموجي ڳولهي به سگھندئو. ايموجي بورڊ هيٺيان توهانکي ڳولها جو آئڪان نظر ايندو جنهن ذريعي توهان ايموجي ڳولهي سگھندئو. مثال طور Cry لکڻ سان توهان کي روئڻ واريون سڀئي ايموجيز نظر اينديون جن مان توهان ڪابه منتخب ڪري سگھندئو.

    ان کان علاوه واٽس ايپ ۾ ڪُجھ GIFs پهرين به شامل ڪيون ويون آهن جيڪي به توهان ڪنهنکي به موڪلي سگھو ٿا. جڏهن توهان ايموجز آئڪان تي ٽيڪ ڪندئو ته توهانکي هيٺ GIF لکيل نظر ايندو، ان تي ٽيپ ڪرڻ سان GIFs ظاهر ٿينديون.
    هِي فيچر واٽس ايپ جي تازي (جديد) ورزين ۾ آهي، جيڪڏهن توهان وٽ اهو فيچر نظر نٿو اچي ته پلي اسٽور مان واٽس ايپ کي اپگريڊ ڪريو يا نئون ورزين ڊائونلوڊ ڪري انسٽال ڪريو.
     
  2. بوزدار مصطفى

    بوزدار مصطفى
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2016
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    9
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    93
    سائين زبردست.
    مهرباني جو نئين ڄاڻ هتي رکيَو....
    ٽيڪنالاجي ڏينهون ڏينهن ترقي ڪندي پئي وڃي جنهن کي پنهنجي سڄڻن سان ونڊڻ هڪ بهترين عمل آهي ۽ ان سان استعمال کي بهتر بڻائڻ لاءِ توهان جون ڪوششون لاڀائتيون ٿين ٿيون.
    لک قرب دلبر دوست
    سنڌ سلامت
    سدا سلامت رھو.
    مهرباني
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو