سنڌ جو الستي آواز: علڻ فقير فقير محمد سنڌي دنيا ئي ته آهي جتي وفا جا راڳ ڳايا ويندا آهن، روشن ضمير انسانن جو ڪم هر ايندڙ جيو لاءِ ڪارائتو ثابت ٿيو آهي. ان لاءِ انساني اخلاق جي اعلى قدرن ۽ خاص طرح عشق ۽ محبت جي نازڪ ناتن کي پنھنجي پياري ٻوليءَ ۾ پنھنجي ماحول جي مثالن سان دلپذير نموني ۾ بيان ڪندا ويا آهن. اهو ان لاءِ ته انسان جو ضمير مٽيءَ يعني خاڪ سان آهي، اگر عاجزي ۽ خاڪساري نه ٿو ڪري ته ان ۾ انسانيت نه ٿي اچي. اهڙو ئي فقير منش انسان سنڌ جو الستي آواز علڻ فقير جنھن سدائين پنھنجي ثقافتي انداز ۾ راڳ کي اهميت ڏني جو سندس سنڌ جي تاريخ ۾ اهڙو مثالي راڳ ورلي ملي سگهندو. علڻ فقير 1932ع ۾ جمع جي ڏينھن شعبان جي 5 تاريخ تي مڱڻھارن جي گهر ۾ آمري ضلعي دادو ۾ جنم ورتو. سندس والد ڌمالي فقير پنھنجي پيءُ جو ٽونئر نالو رکيس، پر علڻ فقير جيئن پنھنجي زندگي ۾ سير سفر ڪيو تيئن ئي ان جي نالي به تمام گهڻا سفر ڪيا. پنھنجي ڏاڏيءَ نالو رکيس عليءَ ڏنو جنھن مان ڦري ٿيو علي بخش پر ڏاڏيءَ کي اڃا مزو ڪونه آيس سو لاڏ مان علڻ چون شروع ڪيائينس. 5 سالن جي عمر ۾ علڻ فقير مس پھتو ته امڙ هيءُ فاني جھان ڇڏي ويس وري جنھن جي ڇپر ڇانوَ ۾ آيو سندس ڏاڏي هئي، اها به ٿوري عرصي ۾ راهه رباني ورتي. مٿان وري علن فقير جي پيءُ ٻئي شادي ڪئي ته علڻ فقير جو ٻالڪپڻ لڪيءَ ۾ گذريو، ڇو ته اتي سندس ناناڻا هئا. علڻ فقير ايترن حادثن کان پوءِ ڄڻ تعليم پرائي نه سگهيو، پنھنجي ابي ڏاڏي جي ڪرت سان لڳي ويو. جيئن ئي جوان ٿيو ته شادين مرادين ۾ دهل وڄائڻ شروع ڪيائين، اها ئي علڻ فقير جي فني شروعات هئي. علڻ فقير کي پنھنجي ننڍپڻ جي هستين تي تمام گهڻو ناز هو، جنھن ۾ سنڌ جو مشھور چترڪار ۽ آرٽسٽ ظفر ڪاظمي جيڪو علڻ فقير جو دين جو ڀاءُ به هو، يعين ظفر ڪاظميءَ علڻ فقير جي امڙ جو ٿڃ پيتو هو. ٻيو علن فقيرجي ننڍپڻ جو دوست مشھور شاعر منصور ويراڳي جنھن سان آمريءَ ۽ لڪيءَ ۾ گڏ گهمندي ڦرندي گذريو. علڻ فقير کي پنھنجي راڄ ڀاڳ ۾ ڳائڻ وڄائن ۾ مزو ڪونه آيو جنھن ڪري هڪ نئون رستو اختيار ڪريائين، جنھن ۾ هن مسخري باز جو روپ اختيار ڪيو ۽ پاڻ تي نالو رکيائين ”علڻ آزاد“ هڪڙي پراڻي هندستاني فلم جي ڪنھن گاني مان هڪڙو ڊگهو شعر جوڙي ان تي نالو رکيائين ”علڻ آزاد ڪا چڪر“ جيڪو ڪجهه هن ريت هو. ”سڄي دنيا پيسي جي ڦيري ۽ ڦند ۾ ڦاٿل آهي، ڪو مانيءَ پويان، ڪو ونيءَ پويان، ڪو پيسي پويان، ته ڪو وري پرينءَ پويان. ڪو ڏک ۾ روئڻھارڪو ڪو ڍاول ته ڪو بکيو.“ پوءِ سڄو شعر مڪمل ڪري ڏاڍا ٺينگ ٽپا ڏئي مسخري وجهي ماڻهو کلائي پوءِ آخر ۾ چوندو هو، ”بس هڪڙو آزاد آهي جيڪو دنيا جي مڙني جهنجهٽن کان آزاد آهي. ”هائو ادا ڏيو ڪو علڻ آزاد کي، خدا جي ڏني مان ڪو ٽڪو آنو، فقير جو هٿ نه موٽايو، ڏيندا ته دعائون ڪندس نه ڏيندؤ ته اوهان کي دل ۾ پٽيندس، فقير جي پِٽَ نه کڻو هڙ خلاصي ڪريو.“ پوءِ ريل جي ٿڪائيندڙ سفر ۾ علڻ جي مسخريءَ مسافرن کي موهي وڌو. ايئن ئي علڻ فقير ڪافي عرصو ان مشغلي سان هليو. علڻ فقير زماني جا ٻيا ڪم ڪار ڇڏي جڏهن راڳ جي دنيا ۾ پير پاتو ته علن فقير ٿي ويو، ڪنھن ڏاهي سچ چيو آهي ته” انسان سراسر پنھنجي ماحول جي پيداوار آهي، ماضيءَ مستقبل اهڙيءَ طرح مليل آهن، جيئن پاڻيءَ جي قطري پويان قطرو. راڳ جي دنيا ۾ علڻ فقير جو اچڻ سڄي زندگيءَ جو ڪڇالو ڪڏي اچي راڳ جي ديوي جو پاسو مليس. ان ڀاڳ واري ديويءَ جا سڀ جلترنگ هئا ممتاز مرزا وٽ، علڻ فقير جي پھرين ملاقات ممتاز مرزا سان بسنت حال م ڪُل سنڌ مزاحيه ڪانفرنس جيڪا 14-آڪٽوبر 1961ع تي علڻ فقير ماهر مسخري باز طور شرڪت ڪئي. زندگيءَ جو سفر روان هو ته، ملير جي ملڪ ڀالوا ۾، جتي مارويءَ جو ميلو لڳندو آهي، اُتي علڻ فقير ۽ حاجي مير محمد ميلي جو حصو هوندا هئا، ميلو جيئن ختم ٿيو ته ممتاز مرزا، مير محمد بخش ميلي جو حصو هوندا هئا، ميلو جيئن ختم ٿيو، ممتاز مرزا، مير محمد بخش کي چيو ته تو وٽ هڪ راڳي آهي، مان ان کي ڳارائيندس. ايئن ئي ممتاز مرزا ريڊيو جي دنيا ۾ علڻ فقيرکي متعارف ڪرايو. زندگيءَ ۾ هر بند دروازي پٺيان هڪ مھربند راز آ، جنھن تي ست ست مھرون لڳل آهن، پر ان راز کي ڪي مرد مانجهي ئي حاصل ڪري سگهندا آهن جن هميشه پاڻ کي فتح ڪيو آهي، علن فقير فن جي دنيا ۾ سنڌي ٻوليءَ سان گڏ اردو ۽ سرائڪي ۾ ڪلام پيش ڪيا. ريڊيو جي دنيا ۾ پھريون ”آئون مارن لئه ماندي، مارون مون لئه ماندا، طور پيش ڪيو. ٽيلي ويزن تي عبدالڪريم بلوچ جي ڪوشش سان هن جي فن کي داد مليو. علڻ جي من ۾ سدائين شاهه لطيف جي وائي ”ٻولي منھنجي ٻانڀڙياڻي، الا وو، وو ٻولي منھنجي ٻانڀڙياڻي الا“ آلاپيندو رهندو هو. فن جو قدربه ڪنھن ڪنھن مھان انسان ۾ ٿئي ٿو، جيئن سنڌ جي مھان ڪوي شيخ اياز، علڻ فقير کي سنڌ يونيورسٽي ۾ نوڪري ڏني. فن ڪٿي به بک ناهي مرندو پوءِ چاهي ان وٽ تعليم جي ڊگري هجي چاهي نه هجي. علڻ فقير جي دنيا ۾ پنھنجي سڃاڻپ هئي، ان لاءِ ڪافي ملڪن م پنھنجي فن کي متعارف ڪرايائين جو ايترو ڪم هڪ تعليم يافته به نٿو ڪري سگهي. محنت جو ڦل انسان کي پنھنجي زندگيءَ ۾ ضرور ملندو آهي، علڻ فقير راڳ جي ابتدا ڏنڊي ۾ گهنگهر ٻڌي ڪئي. راڳ هن کي تمام وڏي منزل تي اچي رسايو، جنھن ۾ هن کي ملڪ جو وڏو ايوارڊ ”پرائيڊ آف پرفارمنس“ ان کان پوءِ لطيف ايوارڊ، 1992-1991ع، مصري فقيرشاهه ايوارڊ 1996ع، 1997ع، استاد فيروز گل (بيسٽ پرفارمنس ايوارڊ 1997ع)، پي.ٽي.وي ايوارڊ 1997-1987ع، شھباز قلندر ايوارڊ 1996ع، گورنر سنڌ (اچيومينٽ ايوارڊ 1991ع، سنڌ فنڪار ايوارڊ 1997ع، شاهه اويس ڪرني ايوارڊ 1998ع، شھيد فاضل راهو ايوارڊ فن جي بدولت پنھنجي نالي ڪيا. فقير منش انسان علڻ فقير، شاهه لطيف سان گڏ ڪجهه ٻين شاعرن کي ڳايو ۽ ڪافي فنڪارن سان گڏ ڳائڻ کي به اهميت ڏيندو هو. جيڪي ڪلام هن ڳايا آهن اُهي ته الائي ڪيترا آهن، پر جيڪي مون کي ياد پون ٿا ۽ زماني جا مشھور ڪلام آهن. انهن ۾ شاهه لطيف سرفھرست آهي: ”آهينم ڳالهريون يا الله“، ” آيل ڪريان ڪيئن“ زيب النساء سان گڏ، ساڳيو ڪلام زرينه بلوچ، زيب النساء ۽ انجم آرا سان گڏ). ” اکيون مينگهه ملھار“، ٻاروچا ٻاجهه گهڻي“، ”جادو جلائي ويم جيءَ ۾“، ”جيڪي ميھار ميھار ڪن ڙي اديون“، ”منھنجو جيءُ جيارو جن“، ”مون ۾ تون موجود“، ”ويندي آئون هوتن وٽ ، زرينه بلوچ سان ڳايل اٿس. ”هُما هُما ڪر ڀيا“ اردو ۾، محبوب ڳولي ڏس من ۾ الا“ سچل سرمست جو ڪلام، اڃ واڌايان ني وي ميان، مھدي شاهه جو ڪلام، عشق اسان وٽ آرائين جيئن آيو، ٽڙي پوندا ٽارئين، زرينه بلوچ سان گڏ. ”هئه هئه منھنجي چولڙي“ اهي شيخ اياز جا مشھور ڪلام آهن.”رم جهم رم جهم برسي بادل آيا“ ظفر ڪاظمي. ”وس پنھنجي ۾ ناهيان“ دادن فقير جو ڪلام. اتني بڙي جيون ساگر ۾، جميل الدين عالي جو ڪلام- انهن کان علاوه به علن فقير جن شاعرن جي شاعريءَ کي پنھنجي آواز جو روپ ڏنو انهن ۾ افضل سولنگي، حاجي خانڻ، سائل آزاد ۽ ان سان گڏ علن فقير جو پنھنجو ڪلام پنھنجي آواز ۾ ”مون کي ڏاڍو پسند آهي، جنھن جا ٻول آهن، ”وهه واهه جو شاهه ڀٽائي آ، جنھن جو ملڪ سڄو مٽائي آ“، ان کان علاوه علڻ فقير لوڪ گيت به ڳايا آهن، فلم طوفان ۾ ”جڳ ڏکن سکن جو ميلو آ، هن ميلي ۾ ڪو اڪيلو آ“. اهڙي طرح ڪافي ٻين شاعرن کي به امرتا بخشي هئائين. علڻ فقير اڪثر ڪارو لباس پائيندو هو، پر مٿي تي هميشه اجرڪ جو پٽڪو وڏي طُري سان ٻڌندوهو. آخري عمر ۾ مٿس فالج جو حملو ٿي پيو جنھن سبب 4 جولاءِ 2000ع تي لياقت نيشنل اسپتال ڪراچي ۾ گذاري ويو. سندس وصيت مطابق کيس ڄامشورو ۾ سندس گهر جي اڱن ۾ دفن ڪيو ويو. هن مھان راڳي کي اڪبر جسڪاڻي جي هنن سٽن سان ڀيٽا ته : ”ڪي ماڻهو اندر جا ڏاڍا ڪومل هوندا آهن. ٻين کي کلائي کلائي، لڙڪ اکين مان لاڙيندا آهن. سندن من ۾، اٿاهه درد سمايل هوندو آهي پر! ڪنھن کي لکا به نه ڏيندا آهن. ايئن ٻين کي کلائيندي کلائيندي غمن جي سمنڊ ۾ غرق ٿي ويندا آهن پوءِ فقط انهن جون، يادون رهجي وينديون آهن. **