آفيس جو هڪ هم ڪار (Colleague) تازو عُمري تان اچي سعودي عرب ۾ ملازمت ڪندڙ هڪ مٺو نالي پاڪستاني جو احوال ڏنو جيڪو ونڊڻ جوڳو لڳو. جيئن ته عمري لاءِ اسان جي ملڪ جي شهرن ۾ جڳهه جڳهه تي ايجنٽن جون آفيسون آهن جيڪي سعودي جي مقامي ڪمپنين وٽ رجسٽرڊ آهن. هتان اوهان کي هي ايئن باور ڪرائيندا ته جهڙو اتي پهچندا ته اسان جو ماڻهو اوهان لاءِ خاص انتظار ۾ بيٺو هوندو. جڏهن ته اهڙو ڪجهه ناهي هوندو. هنن ننڍن هزارين ايجنٽن جو تعلق اُتي جي هڪ مقامي ڪمپني سان هوندو جنهن جو هڪ اڌ ماڻهو ايندڙ عمري وارن جي رهنمائي لاءِ ڇڏيل هوندو. جدي پهچي مڪي وڃڻ لاءِ اوهان کي وڏو انتظار ۽ صبر ڪرڻو پوي ٿو ڇو ته ڪيئي ملڪن جا اهڙا ايجنٽ هزارين عمري زائرين کي اتي جي مقامي ايجنٽ ڏانهن موڪلين ٿا جن جا نمائندا رُکائي سان اوهان سان ڊيل ڪندا. جدي ۾ گاڏي فل ٿيڻ تائين اوهان مڪي روانا ئي نه ٿي سگهندؤ ڀلي پوءِ ان لاءِ بس ۾ ويٺل 40 ماڻهو رهيل ٻن سيٽن جي مسافرن لاءِ انتظار ڪن جيڪي اڃان جهاز مان لٿا ئي ناهن يا چيڪ ان جي ڊگهي قطار ۾ بيٺا آهن. ڪلاڪن جي ان انتظار کان پوءِ جڏهن مڪي پهچجي ٿو ته اوهان کي اوهان جي هوٽل تي رسائي ۾ نالي ماتر رهنمائي ٿئي ٿي ۽ پنهنجي مُڙسي ڪري ڪمرو ڳولڻو پوي ٿو. دوست ڏسيو ته هوٽل تي روم سروس، سامان ڍوئڻ، عمري لاءي مسجد وڃڻ جي رهنمائي، واپسي ۾ اچي گنج ڪرائڻ جهڙن سڀني ڳالهين جي سهولت جو لکيل هو. پر جيئن جيئن اهي مرحلا طئي ٿيا خبر پئي هن هوٽل ۾ مذڪوره سهولتن جي پورائي لاءِ مِٺو نالي هڪ ئي نوجوان آهي جيڪو جنهن ڪمري مان گهڻي شڪايت ۽ بار بار رڙ ٿئي ته ان کي صاف ڪري ٿو. ڪو صفا جهونو يا اٻوجهه آهي ته کيس مسجد وڃڻ جو طريقو ڏَسڻ به ان مٺو جي بلي آهي. مون وارو دوست ٻُڌائي پيو ته آءُ جڏهن عمرو ڪري هوٽل تي آيس ته خبر پئي وار لاهڻ جو ڪم به مٺو ئي ڪندو آهي جنهن جو مختصر انتظام گرائونڊ فلور تي ڏاڪڻ هيٺ ڪيل هو. ميري، وارن سان ڀريل ۽ گذريل ڪجهه عمرو ڪري ايندڙن تي تيزي سان پاڪي هلائڻ ڪري انهن جي زخمن جي رت هاڻي ڪپڙي سان هن همراهه کي ويڙهي گنج ڪيس پر تڪڙ ڏاڍي هئس جو کيس اڃان ڪيئي ٻيا ڪم ڪرڻا هئا. گنج ڪرائي ڪمري تي پهتو ته ڪمري ۾ فرش تي ڪافي مٽي هئي. لڳو پئي ڪافي ڏينهن کان ٻهاري ناهي ڏني وئي. هيٺ وڃي ڪائونٽر تي شڪايت ڪئي ته پهريان ڪافي نٽائڻ کان پوءِ جڏهن يقين ٿيو همراهه مڇڏ آهي ته وڏي ڀرم سان چيو ويو ”اوهان هلو صفائي وارو عملو موڪليون ٿا“. ڄڻ ته شهر جي ميونسپل ٿا گهرائين پر ٿوري دير ۾ وائپر کڻي اهو ئي مٺو لڏندو اچي پهتو. وائپر سان دز گهلڻ جي رسمي ڪاروائي مان هي همراهه مطمئن نه ٿيو ته مٺو کي چيس ايئن نه ڪم هلندو. هي وٺ سرف جي پڙي، واشروم مان بالٽي ڀري ان سان فرش ڌو. پُڙي ڏسي حيرت ۾ چوڻ لڳو. هل اها 20 رپئي جي ٿي وئي آهي. آءُ آيو هئس ته 10 رپئي جي هئي. ها بلڪل ٿي وئي هوندي 20 جي، مونکي آئي به ته ڪي سال ٿيا آهن. دوست ٻُڌايو ته رهيو نه ٿيو نيٺ پڇيم ”ڀلا هن سڄي هوٽل ۾ سڀ ڪم تون ئي ٿو ڪرين ته چڱا پيسا ٺهندا هوندا.“ چوڻ لڳو ”ها 2000 ريال ٺهن ٿا. 1000 ڪفيل جو جنهن مون کي هتي رکرايو آهي باقي 1000 مان ڪجهه خرچ ڪري ٻيا ڳوٺ موڪليان ٿو.“ ”مطلب مشڪل سان 60000 ڪمائين ان مان مشڪل سان 30000 به ڳوٺ نه موڪلي سگهين. ايترا ته اُتي پنهنجي ملڪ ۾ به ڪمائي سگهين پيو.“ چوڻ لڳو. ”نه يار ڪٿي. اتي ڳنڍيري کپائي روز 100 به نه ٺهندو هو تنهنڪري هتي آيس. هتي هڻ وٺ ۽ ڪم گهڻو ئي سهي پر پويان منهنجي سڄي گهر جو چلهو آرام سان ٻري ٿو اهو اطمينان ڪافي آهي.“ هم ڪار جا مٺو بابت ڏنل احوال ٻُڌي سوچڻ لڳس ڪفيل نالي ۾ ڪفالت ڪندڙ هوندا آهن جڏهن ته سندن ڪفالت هتان جا مزدور وڃي ڪن ٿا. اڃان 100 ريال جو تازو جزيو الڳ آهي جيڪو ٻُڌون پيا سعودي عرب هر غير مقامي ملازم تي هر مهيني لاڳو ڪيو آهي.