• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سردار ملڪ اسد سڪندر ڄامشوري ضلعي جي سياست جو چمڪنڌڙ ستارو شاهد موسو

سردار ملڪ اسد سڪندر جڏھن کان سياست جي شروعات ڪئي آھي تڏھن کان وٺي ڪاميابيون سندس مقدر بڻجي ويون آھن .
ڄام صادق جو ڪارو دور هجي يا وري مشرف جي آمريت هن هميشہ دليري سان مقابلو ڪري سڀني شازشن کي ناڪام بنايو آھي .
ملڪ اسد جي ڪاميابين ۾ سڀ کان وڏو هٿ ڪنهن طاقتور سمجهي وينڌڙ ڌر يا پارٽي جو نہ پر ڄامشوري ضلعي جي عوام جو آھي جيڪا کيس جيءَ ۾ جايون ڏئي ٿي . سردار ملڪ اسد سڪندر سان هتي جي ماڻھن جي محبت جو سبب سندس حسن اخلاق آھي . مرڻو هجي يا پرڻو ملڪ اسد سڪندر هميشہ هتي جي ماڻھن جي ڏک سک ۾ ساڻن گڏ بيٺل نظر اچي ٿو . توڙي جو ملڪ اسد سڪندر هن ضلعي جو سڀ کان ووٽ بينڪ جي حوالي سان طاقتور ترين سياستدان آھي پر هن ڪڏھن بہ ان تي فخر ناهي ڪيو ، هن کي ناز آھي تہ بس هتان جي ماڻھن جي ساڻس بي لوث محبتن تي .
ڪوهستان ۾ جيڪا جهنگلي جيوت اسان کي گهڻي تعداد ۾ نظر اچي ٿي جيڪا ضلعي ڄامشوري سميت سڄي سنڌ جي سونهن آھي ان جي بچاءُ ۾ سردار ملڪ اسد سڪندر جي ڪاوشن کان ڪير بہ انڪار نہ ٿو ڪري سگهي . کيرٿر جي سلسلي واري جبلن جي هنج ۾ موجود جنگهلي جيوت بہ کيس لاءِ ضرور دعاگو هوندي .
ڪوهستان جو امن ۽ مذھبي رواداري بہ سنڌ ۾ هڪ اعلا مثال آھي . سردار ملڪ اسد سڪندر امن جو رکوالو ۽ مذھبي رواداري جو قائل آھي ، اهو ئي سبب آھي جو ڪوهستان جا هندو ۽ مسلمان قرب ۽ محبت سان گڏ رهيا پيا آھن . سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن مان اسان جا هندو ڀائر لڏي رهيا آھن پر ڪوهستان مان اڄ تائين ڪنهن بہ هندو ڀاءُ شايد لڏي وڃڻ جو سوچو بہ نہ هوندو .
جتي محبتن جا انبار هوندا آھن اتي ساڙ ۽ حسد جي باھ بہ هجڻ فطري عمل آھي . پر بهتر اهو آھي تہ سڙي فليار ٿيڻ بدران ٽڙي گلاب ٿجي . ان ۾ ڪو شق ڪونهي تہ هن وقت سردار ملڪ اسد سڪندر ڄامشوري ضلعي جي سياست جو چمڪنڌڙ ستارو آھي . جنهنجو ڪو بہ متبادل نظر ڪونہ ٿو اچي .
”هيرا تہ ڏسو ڪنڪر نہ هڻو هي شور اجايو آ پيارا“
 
Back
Top