يارو ڪڏهن ڪڏهن اهڙا گيت ٻُڌي اصل اکين جا ٻنڌ ٽُٽي پوندا آهن۔۔۔۔۔۔ ڇا ڪريون شاعر جو آهيون، هي شاعري هڪڙي شاعر جي تخليق آهي ڀلي اها سُهڻي سنڌي ٻولي۾ ڪونهي پر دل کي اهڙي ته لڳي آهي جو توهان سان شيئر ڪرڻ کان سوا رهي نٿو سگهان۔۔۔۔۔۔۔ http://www.youtube.com/watch?v=WQCckYsS7bw&feature=related
جواب: اچو ته ڪجهه سوچجي ته ڇو اسان وٽ ڪم ڪونهي ڪو ! سائين جن جا هي لفظ ڪافي دفعا پڙهيم ۽ ڏاڍي خوشي پڻ ٿي: (ڇا ڪيون شاعر جو آهيون) باقي شيرنگ هميشه جيان لا جواب
جواب: اچو ته ڪجهه سوچجي ته ڇو اسان وٽ ڪم ڪونهي ڪو ! ادا طاهر سنڌي لک لائق شاعر جو آهيون، چوڻ ۾ ڪڏهن عار محسوس ڪونه ڪندو آهيان پر مان وري پاڻ کي ٽي درجي وارو شاعر سڏائڻ تي خوشي محسوس ڪندو آهيان، وڌيڪ اهو ته اسان جهڙا شاعر ڪڏهن تولو ته ڪڏهن ماشو هوندا آهن توکي منهنجي هي ونڊ لاجواب لڳي مهرباني
جواب: اچو ته ڪجهه سوچجي ته ڇو اسان وٽ ڪم ڪونهي ڪو ! سهڻا سائين الله اوهان کي خوش رکي ٻڌو اٿم ته شاعر جي شاعري ڪرڻ مهل جي موڊ تي ان شاعري جو تولو يا ماشو ٿيڻ جو دارومدار ٿئي ٿو ڇا اها ڳاله درست آهي؟ يعني شاعر جو موڊ ڀلو آهي ته شاعري به ڀلي ڪندو محبتن خوشين يا حسن جي تعريف ۾ پر جي موڊ صحيح ڪونه اٿس ته پوءِ ڏکن دردن ۽ بي وفائين جي شاعري ڪري ٿو ڇا اها ڳاله درست آهي هڪ عرض سهڻل سائين جي اوهان جو ڪو مجموعو شاعري جو مون غريب کي ملي وڃي ته شڪر گذار رهندس
جواب: اچو ته ڪجهه سوچجي ته ڇو اسان وٽ ڪم ڪونهي ڪو ! ادا طاهر سنڌي، شاعر جي تو موڊ جي ڳالهه ڪئي آهي ته حقيقت ۾ شاعر دنيا جو اهو اڻ گهڙيو ڪاٺ آهي ، جنهن جي ڪا به ڪاٺي سڌي ناهي هوندي، پل ۾ ڏسو ته محبوب جي نيڻن کان وٺي محبوب جي قدمن جي سلاميءَ جي ڳالهه ڪندو آهي، وري پل ۾ محبوب کي بي وفا، دغا باز، دوکي باز، ۽ خبر ناهي ڇا ڇا پيو چوندو آهي، ائين سمجهو ته شاعر سئو فيصد ڪلٽي باز هوندو آهي، هڪڙي ڪلٽيءَ ۾ وفا، قرب محبت، چاهت ، سُونهن، فضيلت، انسانيت، الغرض هڪڙي ننڍڙي وٽي ۾ دنيا جا سمورا سمنڊ، پوري ڪائنات کي سمائي ڇڏيندو آهي ته وري ٻي ڪلٽي ۾ ساري دنيا کي زهر، ٺڳي، جفا، مڪر، فريب، درندگي سان پيو تشبيح ڏيندو آهي، هڪڙي راز جي ڳالهه ٻُڌايان ته ٻي شاعر جي خبر ناهي ته هو سچو آهي يا ڪوڙو پر گهٽ ۾ منهنجي ڪيٽيگري وارا شاعر پهرين نمبر جا ڪُوڙا هوندا آهن،، ادا اسان جهڙا شاعر اڪثر بُک ۾ شاعري ڪندا آهن۔ جنهن ماڻهو جي سوچ هڪڙي نه هُجي ، جيڪو ماڻهو پنهنجي هڪڙي ڪيل ڳالهه تان هڪ لهجي مان ڦِري وڃي ان کي ڪوڙو نه چئبو ته وري ڇا چئبو۔ پيٽ ڀريل هوندو ته شاعري سوال ئي نٿو پيدا ٿئي ته اچي، گهٽ ۾ گهٽ مون سان ته اها ويڌن آهي ڪڏهن ڪڏهن غزل جو هڪڙو مطلعو لکڻ لاءِ سالن جا سال لڳي ويندا آهن، ته وري ڪڏهن صفا پيٽ خالي هوندو آهي ، کيسو خالي هوندو آهي ته ڏات جي ديوي راضي ٿي پوندي آهي، بُک ۾ لکيل شاعري پيٽ ته ڪونه ڀريندي آهي پر ماڻهن جا مغز خراب ڪندي آهي، گهٽ ۾ گهٽ عشقيه شاعري ته ڪنڌار عاشقن کي مجبور بنائي معشوقن جي در جو ڪُتو بنائي ڇڏيندي آهي۔ هڪ ٻي ڳالهه به ڪن کولي ٻُڌي ڇڏ ته اسان جهڙا جيتامڙا شاعر ساري عمر رلي ڪلهي تي ۽ ماني راڄن تي هوندا آهن۔ يار طاهر سنڌي اڃا کوڙ سارا مثال اسان ٽي درجي وارن شاعرن جي رمزن، سان ڀريا پيا آهن پر ڊپ ٿو ٿئي ته ڪو پهرين يا ٻي درجي وارو شاعر اهي ڳالهيون دل تي وٺي پويان نه پئجي وڃي۔ ان ڪري هي منهنجون لکيل ڳالهيون شاعري ۽ شاعر جي باري ۾ صرف پاڻ تائين محدود رکجان ٻي ڪنهن کي نه ٻُڌائجان۔ پليز ۔۔۔۔۔ پليز۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ادا منهنجي سموري شاعري سنڌ فورم ۽ سنڌ سلامت جي شاعريءَ واري شعبن ۾ موجود آهي، رهي ڳالهه شاعري جي مجموعي يا مجموعن جي ته اسان جهڙا ٽي درجي وارا شاعر، پن سن تي گُذارو ڪندڙ شاعر، بُک ۾ شاعري ڪندڙ شاعر ساري ڄمار ڪڏهن به پنهنجي شاعريءَ جو مجموعو ڇپائي مارڪيٽ ۾ آڻي ڪونه سگهندا آهن، جيئن ته منهنجي هن موڪليل ونڊ جو عنوان هو اچو ته سوچجي هاڻي خبر ناهي تو جيڪي سوال مونکان شاعريءَ ۽ شاعر جي باري ۾ پُڇيا آهن اهي اچو ته ڪجهه سوچجي واري زمري ۾ اچن ٿا يا نه اهو فيصلو اسان جي سنڌ سلامت جا ساٿي ڪندا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔