سيد خادم سبحان ڏاڏاهي
سينيئر رڪن
سنڌ سلامت سٿ
اسلام عليڪم
سنڌ سلامت جون خدمتون ڪنهن کان لڪل نه آهن جن جي جيتري ساراھ ڪجي گهٽ آهي ادب جي خدمت جي حوالي سان سندس ڪو به مٽ نه آهي هر لحاظ کان پاڻ ملهائيندڙ هن فورم جو سڀ کان اهم ڪم جيڪو منهنجي نظر ۾ آهي سو آهي آن لائن ڪتاب گهر .
هن وسيلي سنڌي سمجهندڙ هر ماڻهو کي تمام گهڻو فائدو ٿي رهيو آهي خاص ڪري ادبي مواد جو آساني سان ملي وڃڻ جيڪو هن کان اڳ هڪ خواب کان وڌ ڪجه نه هو . هاڻي اسلامي مواد جي حوالي سان به سنڌ سلامت پاڻ مڃائي رهي آهي جنهن ۾ تازو قرآن پاڪ جو سنڌي ۾ ترجمو پڙهندڙن کي مهيا ڪري ڏيڻ سندس هڪ لاجواب ڪارنامو آهي .
تازو اردو جي هڪ فورم تي شاعري سکڻ ۽ خاص ڪري شعر جي تقطيع ڪرڻ جو خودڪار سسٽم ڏسي خيال ڪيم ته اهو سسٽم سنڌي ۾ ڇو نه آهي ؟
http://www.aruuz.com/taqti
ان کان علاوه شاعري سکڻ ان جي اصولن ۽ قاعدن کان آگاهي ڏيڻ جا ٻيا به سورس نيٽ تي ڏٺم جن کان به بيحد متاثر ٿيس ۽ چاهيم ته اهي سڀ وسيلا اسان جي سنڌي ڀائرن کي به ميسر هجن .پر اهو ڪم ڪري ڪير !!!؟؟؟
هن سوال تي منهنجو ذهن سنڌ سلامت ڏانهن ويو ان يقين سان ته هي مشڪل ۽ اهم ڪم سنڌ سلامت ئي ڪري سگهي ٿي. اميد ته هن طرف سنجيدگيءَ سان ڌيان ڏئي سنڌي ڀائرن تي هڪ وڌيڪ احسان ڪندا ته جيئن شاعري يا ٻين ادب سان لاڳاپيل صنفن بابت آساني سان معلومات حاصل ڪري پنهنجو شوق پورو ڪري سگهن ۽ سنڌ امڙ جي به ڪا خدمت ڪري سگهن
سيد خادم سبحان ڏاڏاهي
http://www.aruuz.com/
http://www.aruuz.com/taqti
____________________________________