منهنجو هڪڙو صفا ويجهو دوست هڪ شام جو مون سان گڏيو، هوٽل تي ويٺاسين چانھ پئيڻ جي موڊ سان، ڪچهري ڪرڻ لڳاسين، مختلف موضوع بحث هيٺ آيا، ڪي خيال آيا ڪي ويا، آخر ڪچهري جي سينٽرل آئيڊيا تي آيو ۽ چوڻ لڳو ” يار گهڻن ڏينهن کان خواهش هيم تہ تونکان هڪ مسئلي جو حل پڇان،“ . مون بي جهجڪ ٿي ڪري وراڻيو ” حڪم ڪر سهڻا “. چوڻ لڳو ” يار مون سان هڪ اهم مسئلو آهي، اُهو آهي پڙهائي جو، هر ڏينهن ڪلاس بہ وٺان ٿو، پڙهان بہ ٿو مگر پو۽ بہ نتيجا سبجيڪٽن جي حوالي سان يا وري عمومن مطمئن ڪندڙ نٿا اچن، هاڻ ڏس تہ ڇا ڪريان، سچ تہ ان مسئلي مون کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي، وري مٿان والدين جون اميدون تہ اسان جو مور پٽ سٺن نمبرن سان پاس ٿيندو.“ سندس مسئلو ٻڌي ڪري ڪي گهڙيون تہ منهنجو دماغ ئي ٿڌو ٿي ويو مون ائين محسوس ڪيو ڄڻڪ ڪنهن فقير ڪنهن ڪنجوس کي سخي سمجهندي کانس خيرات گهري هجي ۽ وري ان هڪ وڏي صدا بہ هئي هجي ۽ اها صدا وري اهڙي نوعيت جي هجي جو اهو ڪنجوس ان صدا جو پورا۽ بہ نہ ڪري سگهي، مان ڪي پل خاموش ٿي ويس، سوچڻ لڳس تہ جنهن هيڏي پنهنجائپ ۽ يقين سان پنهنجو مسئلو ٻڌايو آهي، ان کي غلط گائيڊ بہ نٿو ڪري سگهجي، ائين مناسب بہ نہ هو ۽ ائين ڪرڻو بہ نہ هو ۽ اڳم ائين ڪيو بہ نہ هو. هاڻ مسئلو، مسئلو نہ رهيو هو ڇو تہ ان کي بيان ڪرڻ کانپو۽ منهنجي دوست جي جان وئي هئي ڇُٽي، اڙجي ويو هيس مان، هاڻ اهو مسئلو منهنجو مسئلو ٿي پيو هو ڇو تہ مون کي سندس حل ڪڍڻو هو، سندس انداز بيان ۾ مون اهو محسوس ڪيو تہ هُو واقعي ان ڳالھ کي سوچي ڪري فڪر مند آهي. ڪڏهن ڪڏهن ٿڌي دماغ مان بہ ڪي گرم ۽ تازا خيال نڪري يا اُڀري پوندا آهن، مون سان بہ ائين ئي ٿيو، کيس دلجا۽ ڏيڻ لا۽ مون وٽ ڪي خيال ڪوچ ڪري پهتا، مان سندس روز مره جي زندگي توڙي سندس مشغولين کان ڪنهن قدر واقف هيس، دانشورانہ انداز ۾ کيس سندس مسئلي جو حل ٻڌائڻ لڳس: ” سهڻا هاڻ ڳالھ ٻڌ، اهو تون وارو مسئلو صرف تونسان نہ پر سنڌ جي انيڪ شاگردن سان هوندو، تون وانگر ڪافي شاگردن کي اهو گُمان هوندو تہ هو پڙهي رهيا آهن يا هو دل و جان سان محنت ڪري رهيا آهن، پر ائين هوندو ناهي اهو صرف سندن گُمان هوندو آهي، ۽ ها ٻي ڳالھ اسان جون عادتون اسان جي زندگي ۾ اسان جي ڪاميابين ۽ ناڪامين جو تعين ڪن ٿيون اوهان جنهن قسم جي عادتون اپنائدو اڳتي هلي ڪري اوهان کي ان جي حوالي سان ڪاميابيون ملنديون“. منهنجي ڳالھ کي ڪٽيندي چوڻ لڳو ” ايتري ڳالھ تہ مون بہ سمجهي، مگر هاڻ مون کي ڇا ڪرڻ کپي ؟؟؟ “ اهو ٻڌا۽. مون ڳالھ کي جاري و ساري ڪندي چيو ” ادا منهنجي حساب سان هاڻ تونکي ائين ڪرڻ کپي تہ تون پنهنجيون ڪجھ عادتون مٽائي، تون ڪڏهن بہ غلطي سان لائبيرري نہ ويو آهي مون کي ذاتي خبر آ، تون هر روز شام جو گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪلاڪ لائيبرري ۾ گذار، اُتي پنهنجي ڪورس سان لاڳاپيل ڪتاب پڙھ، وري ان سان گڏوگڏ ذهن کي تر و تازه ڪرڻ لا۽ سنڌي ادب توڙي دنيا جي مختلف ادبن جا ڪتاب پڙھ، جئين تنهنجو ذهن لفظن جي جوڙجڪ ۽ بناوٽ توڙي مقصد کان چڱي ريت واقف ٿي سگهي، هت سڄو کيل لفظن جو آهي، هڪڙا لفظ محبت جي اظهار جي علامت بڻجي ڪري دلين کي ڳنڍين ٿا تہ وري ان جي برعڪس ڪي لفظ نفرت جي علامت بڻجي ڪري دلين کي ٽوڙين ٿا، جئين ” آ لو يو “ ۽ ” آ هيٽ يو“ جا الفاظ. ۽ ٻي ڳالھ تہ رات جو گهڻو نہ جاڳ، سڪون جي ننڊ ڪندو ڪر تہ جئين تنهنجو جسم تر و تازه رهي ۽ تنهنجو دماغ ڪنهن شئي کي پنهنجي اندر محفوظ ڪرڻ جو موڊ ٺاهي سگهي، ان سان گڏو گڏ ڪي راند روند بہ ڪندو ڪر، راندين جي کيڏڻ سان يا وري موبائل ۾ گيمن جي کيڏڻ سان دماغ جي سوچڻ جي صلاحيت ۾ اضافو ٿيندو آهي ۽ دماغ چُست ٿيڻ لڳندو آهي“. همراه کي ڳالهيون دل سان لڳيون ۽ شايد وڻيو بہ تڏهن تہ انهن تي جلد عمل ڪرڻ جو واعدو ڪري ويهي رهيو، ڪي گهڙيون اُتي ويٺا رهياسين، همراه جي چهري تي شائستگي جا گل وکريل نظر اچن پيا، اڄ سندس من جي مونجھ لهي چڪي هئي کيس سندس مسئلي جو حل ملي چڪو هو، مان اهو سوچي رهيو هيس تہ ڇا واقعي ئي سچي ۾ منهنجي لٻاڙن ۽ حوالن تي عمل ڪندو يا صرف هتي ها ۾ هائوڪار ڪري پو۽ جوڳي نہ ڪنهن جا مٽ واري چوڻي کي سچو ثابت ڪندو، برحال وري بہ سڄي وارتا وقت جي حوالي ڪري اسان اُتان اٿاسين ۽ هڪ ٻي کان موڪلائي گهر ڀيڙو ٿياسين. تمام گهڻي عرصي کان پو۽ هُو مون سان مليو، خوش خوش، کلندو ڪڏندو مون وٽ آيو، کيسي مان پنهنجي مارڪ شيٽ ڪڍي ڪري مون کي ڏيکاريائين، اعتبار نہ ٿي آيو تہ واقعي ئي هُن پنهنجي عمل سان اهو ڪري ڏيکاريو جيڪو کيس ڪرڻ گهربو هو، هُن فور جي پي ائي مان هر هڪ سبجيڪٽ ۾ فور جي پي ائي حاصل ڪئي هئي يعني اي گريڊ، مارڪ شيٽ ڏيکاريندي مون کي چيائين ” ادا مون هي مارڪ شيٽ پنهنجي گهر جي ڪنهن ڀاتي کي بہ اڃا ناهي ڏيکاري، سڀني کان پهريان اها خوشي اوهان سان ونڊڻ آيو آهيان، ڇو تہ اوهان ان جا حقدار آهيون، اوهان مون کي هڪ اهڙي راه جو ڏس ڏنو جيڪو علم، عقل ۽ فهم هوندي بہ مون کي نظر نہ پئي آيو. اوهان جڏهن عادتن کي مٽائڻ جي ڳالھ ڪئي تہ مون کي ان وقت محسوس ٿيو ڄڻڪ اهو ڪم منهنجي لا۽ سخت کان سخت ڏکيو آهي، پر ان جي باوجود مون ڪوشش ڪرڻ ۾ ڪنهن بہ قسم جو عيب ڪو نہ ڄاتو، هاڻ مان هر روز لائيبرري ويندو آهيان، اُتي ويهندو آهيان تقريبن هر قسم جا ڪتاب پڙهندو آهيان، ان سان گڏوگڏ رات جو سوير سمهي رهندو آهيان ۽ هر شام جو دوستن سان ڪڏهن ڪرڪيٽ تہ وري ڪڏهن والي بال کيڏندو آهيان، مطلب تہ قرار لڳا پيا آهن، مائٽ بہ مطئمن، مان بہ خوش“. سندس ڳالهيون ٻڌي منهنجي ذهن ۾ هي لفظ گردش ڪرڻ لڳا تہ ” واقعي ئي يقين جي طاقت دنيا جي مڙني طاقتن کان افضل آهي، انساني يقين لوھ کي موڙي سگهي ٿي، سمنڊ کي روڪي سگهي ٿي، جبل کي ڀورا ڀورا ڪري سگهي ٿي ۽ الا۽ ڇا ڇا ڪري سگهي ٿي.“ يوسف جميل لغاري