دنيا ۾ انيڪ رشتا پنهنجو وجود رکن ٿا ڪي رشتا سڀ ڪجھ قربان ڪرائي پو۽ پلئہ پون ٿا تہ وري ڪي رشتا جڙندئي ئي وڃايل سڀ ڪجھ واپس ورائي ڏيڻ جو سبب بڻجن ٿا، مون ڪڏهن بہ اهو سوچيو نہ هو تہ منهنجو تونسان ڪڏهن ڪو اهڙو رشتو جڙندو، جنهن ۾ رابطي جي ڪمي کي مان شدت سان محسوس ڪندس، تنهنجي ظاهري طور گڏ نہ هجڻ جي احساس کي مان هميشه پاڻ سان گڏ هجڻ ڀائيندم، تنهنجي کن پل لا۽ مرڪي ملڻ کي مان ورهين جي ملاقات سمجهندس، منهنجي من ۾ انيڪ گل ڦٽي پوندا آهن جڏهن تنهنجو ميسيج ايندو آهي، اُهي گل منهنجي مرجهايل من کي پنهنجي سرهاڻ سان تازگي بخشيندا آهن، مون هميشه قدر ڪيو آهي انهن گهڙين جو جيڪي گهڙيون تونسان ڳالهائيندي منهنجيون گذريون آهن منهنجي لا۽ اهي گهڙيون ڄڻڪ منهنجي بخشش جو ثمر آهن. مان ڄاڻا ٿو تونسان وقت وڏا وير رکيا آهن، تونسان وڏيون ويساه گهاتيون ٿيون آهن پر مان اهو بہ ڄاڻان ٿو تہ تون عام ڇوڪرين وانگر هالاتن ۽ وقت اڳيان هٿيار ڦٽو ڪرڻ وارن مان ناهين، تون ذهين آهين ٻين کان، تون حسين آهين ٻين کان، تنهنجي مرڪ مٺي آهي ٻين کان، تون جدا آهين هر هڪ ادا کان، بس ايترو ياد رکجان تون انمول آهين ٻين کان، مان ڪڏهن بہ ڪنهن جي ڪوڙي تعريف ڪرڻ جو قائل ناهيان رهيو، اهو تون بہ بخوبي ڄاڻي ٿي، ها باقي اگر ڪو تعريف جو لائق هجي تہ پو۽ ان جي کلي ڪري تعريف ڪجي پو۽ ڀل اهو ڇو نہ اسان جو دشمن هجي. مان ڪڏهن ڪڏهن هڪ عجيب قسم جي مونجهاري ۾ مبتلا ٿي ويندو آهيان، هڪ اهڙي مونجهاري ۾ جنهن جو ڪو حل ڪونہ نڪري سگهندو آهي، ائين لڳندو اٿم ڄڻڪ تونسان ورهين جو واسطو آهي، گهڻو اڳ تونسان ڳالهائڻ جي حسرت جاڳي هئي، هَتان هُتان تنهنجو نمبر هٿ ڪري تونسان ڳالھائڻ شروع ڪيو هيم، هڪ حسرت پوري ٿي هئي، تون بہ مثبت نموني سان ڳالھائڻ ٻولهائڻ لڳي هئين، منهنجي من ۾ تنهنجي لا۽ عقيدت جا مينار اڏجڻ لڳا، مون ڀرم رکيو هو ان عقيدت، حسرتن، محبتن ۽ جذبن جو جيڪي تونسان ڳالهائڻ دوران جاڳڻ لڳندا هئا، مون کي لڳندو هو تہ تون بہ عام ڇوڪرين وانگر مونسان ڪي پل ڳالهائي ڪري پنهنجي وقت جو پيو گذر ڪري، پر ائين نہ هو، مون اڃا بہ صبر ڪيو ۽ اهو جاچڻ لڳس تہ شايد ڪنهن لالچ يا لوڀ خاطر تون مونسان رابطو رکين پئي، مون انتظار پئي ڪيو ان وقت جو جنهن مهل تون مون کي اهو محسوس ڪرائي ها تہ مان واقعي بلڪل صحي آهيان ۽ تنهنجي رابطي رکڻ جو سبب واقعي ڪو لالچ آهي، پر ائين نہ هو، پو۽ مون تون کي پرکڻ جي معيارن کان بلڪل پري ڪري ڇڏيو، مون محسوس ڪيو تہ تون واقعي رشتن کي نڀائڻ ڄاڻي ٿي، تنهنجي من ۾ توڙي محبت ۾ ڪنهن بہ قسم جي ملاوٽ ناهي، تنهنجي لفظ لفظ ۾ خالص پڻو سمايل آهي، اهو سڀ ڪجھ جاچڻ کان پو۽ منهنجي من ۾ تنهنجي لا۽ عقيدت ۽ محبت جا اڃا وڌيڪ گل ڦٽڻ لڳا، انيڪ دفعا من ۾ خيال آيو تہ رسمي طرح پنهنجي دل جي شهر جو تونکي احوال ڏيان ڪي ئي دفعا ارادو بہ ڪيم پر هر دفعي ارداي ڪرڻ مهل هڪ خوف ورائي پي ويو تہ ڪٿي ائين نہ هجي تہ مان ڪا غلطي نہ ڪري وجهان، متان تنهنجي من ۾ ڪو اهڙو خيال هجي ئي نہ جيڪي منهنجي من اندر مچن پيا، ڪٿي تون ائين نہ سمجهي تہ مان تونسان ڳالھائڻ جو غلط مطلب پيو ڪڍان، بس هر دفعي انهن منفي خيالن مون کي پنهنجي پاڻ کان پئي پري ڪيو، مون تونکي خوش ڏسندي ئي سُرهائي پئي محسوس ڪئي. وقت جي وهڪرن تونکي زندگي جا عجيب گس ڏيکاريا، جن کي تون پنهنجو سمجهندي هئين انهن جي واتان تنهنجي باري ۾ عجيب و غريب توڙي نا قابل برداشت جملا مون ٻڌا ۽ برداشت ڪيا، انهن تنهنجي دامن جي داغدار هجڻ جا مون کي ثبوت ۽ دليل پيش ڪيا، مان اٽل رهيس مون تون کي ڪڏهن بہ پنهنجي نظرن ۾ ڪرڻ نہ ڏنو، ڇو تہ مونکي خبر آهي انهن وٽ اهو دل ئي ناهي جيڪو تنهنجي دڙڪن کي محسوس ڪري سگهي، انهن وٽ اهو اک ئي ناهي جيڪو تنهنجي حسن کي ڏسي سگهي، انهن وٽ اُهي احساس ئي ناهن جيڪي تنهنجي مرڪڻ مهل اڀريل احساسن کي سمجهي سگهن، ڇو تہ هو تونکي هميشه پري واري نظر سان ڏسندا آهن ۽ مان تون کي هميشه پنهنجي ويجهي واري نظر سان ڏسندو آهيان ۽ محسوس ڪندو آهيان. يوسف جميل لغاري