هي ڪائنات انيڪ رمزن ۽ رازن سان ڀري پئي آهي، جنهن ڌرتي تي اسين رهون پيا اهو پڻ ان ڪائنات جو حصو آهي جنهن کي قدرت واري وڏي حُسن ۽ دلڪشن منظرن ساڻ پيدا ڪيو آهي، هن ڌرتي جي گولي تي مختلف جاندارن ازل کان وٺي پنهنجي بقا ۽ فنا واري جنگ وڙهي رهيا آهن، جن ۾ اعلي ۽ اشرف المخلوقات جو درجو صرف حضرت انسان کي مليل آهي، جيڪو هڪ ئي وقت عقل، سمجھ ۽ فهم پڻ رکي ٿو، ان حضرت انسان جو هن ڌرتي سان پڻ هڪ اهڙو لڳ لاڳاپو آهي جو هُو هن ڌرتي کي پنهنجي جيجل امڙ جو خطاب ڏي ٿو ۽ ساڻس بي انتها عقيدت رکي ٿو ان سان گڏوگڏ ڌرتي جي شان مان توڙي امان خاطر پنهنجي جان جي بہ پرواھ نہ ٿو ڪري، ڌرتي تي قربان ٿيڻ ۾ سُرهائي محسوس ڪري ٿو، آخر سبب ڇا آهي ؟، اُها ڪهڙي ڳالھ آهي جيڪا ڌرتي کي انسان کان ۽ انسان کي ڌرتي کان پري وڃڻ نہ ٿي ڏي، اُها ڪهڙي ڏُور آهي جيڪا سندن وچم هڪ مضبوط ڪَڙي بڻجي کين هڪ ڪيون ويٺي آهي ؟ اُها ڪڙي، اُها ڏور، اُها وجئہ ڌرتي ۽ انسان جي وچم فطرتي هڪجهڙايون آهن جي اوهان ڪڏهن ڌرتي جي فطرت ۽ انسان جي فطرت تي غور ڪيو آهي تہ يقينن اوهان انهن فطري هڪجهڙاين کان بخوبي واقف هوندا، جي اگر اوهان انهن تي غور ناهي ڪيو تہ پو۽ فڪر جي ڪا ڳالھ ناهي، انهن هڪجهڙاين کي هتي بيان ڪجي ٿو انساني مٽي جو رنگ ۽ ڌرتي جي مٽي جو رنگ : هڪ انسان هوندي اسين ان ڳالھ جو انڪار نہ ٿا ڪري سگهون تہ اسان جي چمڙي جا مختلف رنگ آهن، جهڙوڪ ڪڙڪ رنگ (پاڪستاني ۽ انڊين وغيره)، اڇو رنگ (انگريز وغيره)، ڪارو رنگ (آفريڪي وغيره). اهڙي نموني چئي سگهجي ٿو تہ قدرت واري سڀني انسانن کي هڪ رنگ ۾ رنڱي ڪري پيدا ناهي ڪيو، کين مختلف رنگن سان نوازيو آهي، اهڙي ئي نموني وري اوهان جڏهن ڌرتي جي مٽي جي رنگ تي غور ڪندئو تہ اوهان کي ڌرتي جي مٽي جو رنگ ڪٿي اڇو ( جنهن کي اڇي واري چوندا آهن)، ڪٿي ڳاڙهو ( جنهن کي ڳاڙي واري چوندا آهن)، ۽ وري ڪٿي ڪڙڪ توڙي چيڪي ملندو، يعني قدرت واري ڌرتي ۽ انسان منجھ سندن مٽي جي رنگن ۾ هڪجهڙائي رکي ڪري ڄڻڪ کين فطري طرح يڪ جان ظاهر ڪيو آهي. انساني جسم تي وارن جو ڄمڻ ۽ ڌرتي جي جسم تي فصل جو ڦٽڻ : انساني جسم ۾ قدرت واري اُها صلاحيت رکي آهي تہ جي اگر هو پنهنجي جسم تي نمودار ٿيل ضروري توڙي غير ضروري وارن کي هٽائي يعني ڪوڙي ڇڏي تہ هو ٻيهر وري طاقت حاصل ڪري ڄمي يعني ڦُٽي پوندا آهن، بلڪل اهڙي ئي نموني ڌرتي جي جسم يعني سندس مٿاڇري تي ڪاهيل فصل کي جڏهن لڙيو ويندو آهي تہ اهو فصل وري ڪجھ عرصي ۾ ڦُٽي پوندو آهي. ڌرتي ۾ پاڻي جو وهڪرو ۽ انسان ۾ رت جي وهڪري جو نظام : جئين ڌرتي جي بقاءُ لاءَ پاڻي هڪ اهم جُز جي حيثيت رکي ٿي بلڪل ائين ئي انساني جسم ۾ رت جي وهڪري جو نظام بہ گهڻ اهميت جو قابل آهي، ان نظام کان سوا۽ انساني جسم جي واڌ ويجھ توڙي بقاءَ جي پڪ نٿي ڏئي سگهجي. ڌرتي تي جبل ۽ انسان جي جسم تي موهيڙن جو نمودار ٿيڻ : ڌرتي جي مختلف حصن تي اوهان ۽ اسان ڪافي سارا اُڀ کي ڏاريندڙ آڪاش سان ڳالهيون ڪندڙ جبل ڏٺا هوندا، جئين قدرت واري ڌرتي تي جبلن کي ٺاهي ڪري ترتيب توڙي غير ترتيب سان رکيو آهي بلڪل ائين ئي انساني جسم تي موهيڙن کي بہ مناسب جڳھ عطا ڪئي آهي جيڪا يقينن هڪ يڪسانيت ڏانهن اشارو ڪن ٿا. انسان ۾ هارٽ اٽيڪ ۽ ڌرتي ۾ زلزلو : اوهان کي متان هي ڳالھ عجيب لڳي پر فطرت کي مڃيندڙ فرد ڌرتي ۾ ايندڙ زلزلي ۽ انسان سان پيش ايندڙ هارٽ اٽيڪ کي هڪ ئي ڳالھ سمجهن ٿا، يقنن هي نقطو پڻ انسان ۽ ڌرتي جي وچ ۾ هڪ ڳانڍاپو ظاهر ڪري ٿو، ڌرتي بہ بلڪل اهڙيون ئي بي شمار خصوصيتون رکي ٿي جيڪي خصوصيتون هڪ انسان منجھ هجن ٿيون. هاڻ فيصلو اوهان پاڻ ڪيو هيترن سارن بي شمار هڪ جهڙن خصوصيتن هجڻ جي باوجود بہ ڀلا ڌرتي جي عشق کان ڪئي ٿو پري رهي سگهجي؟ يوسف جميل لغاري
پر هڪ ڳالهه جيڪا انسان کي ڌرتي کان مختلف ٿي ڪري سان آهي عقل ڏاهپ ۽ سمجهه سوجهه، جيڪا انسان کي انسان هجڻ جو رتبو عطا ٿو ڪري، نه ته جيڪي توهان خاصيتون بيان ڪيون آهن اهي سڀ جانورن ۾ پڻ آهن، ان ڪري انسان هڪ الڳ ئي مخلوق آهي جنهنجو دنيا جي ڪنهن به شي سان مقابلو نٿو ڪري سگهجي، جيڪڏهن اهو عقل نه هجي ها ته اڄ انسان پٿر جي چڻنگ مان باهه حاصل ڪرڻ کان ويندي جديد ٽيڪنالاجي وسيلي توانائي حاصل نه ڪري سگهجي ها. ان ڪري انسان جي فطرت کي اڃان سمجهڻ لا ڪي صديون گهرجن ته اصل انسان آهي ڪهڙي بلا، اهو ڪئين وجود ۾ آيو؟
بلڪل قبلا، اوهان بجا فرمايو تہ انسان ۽ ڌرتي وچم اهم فرق عقل جو آهي، واقعي اهو بنيادي فرق آهي جيڪو انسان کي باقي سڀني توڙي ڌرتي کان نمايا حثيت ڏياري ٿي، منهنجي تحرير جو مقصد صرف انهن عنصرن تي روشني وجهڻ هو جن جي سبب انسان ڌرتي سان محبت ڪري ٿو