هڪ دلچسپ گفتگو حضرت بهلول ۽ جنيد بغدادي جو واقعو تحرير: غلام قاسم تسنيمي شيخ جنيد بغدادي جي شخصيت ڪنهن تعارف جي محتاج نه آهي، پاڻ بغداد جي عارفن ۾ ليکيا ويندا هئا، کيس سيد الطائفه به چيو ويندو هو. هڪ ڏينهن پنهنجي مريدن ۽ شاگردن سان بغداد جي سير لاءِ نڪتا. پاڻ حضرت بهلول بابت پڇيائون. کيس چيو ويو ته سائين! هو هڪ چريو ۽ ديوانو ماڻهو آهي، پنهنجي لٺ کي گهوڙو سمجهي مٿس سواري ڪندو آهي. شيخ صاحب چيو ته منهنجو ان ديواني ۾ ڪم آهي، ڪنهن کيس اڄ ڏٺو آهي؟ هڪ مريد وراڻيو ته سائين مون اڄ کيس فلاڻي جاءِ تي ڏٺو هو. پوءِ سڀ ان جاءِ ڏانهن روانا ٿيا. حضرت بهلول اتي مٽيءَ تي ويٺا هئا، شيخ صاحب، بهلول کي سلام ڪيو. بهلول سندس سلام جو جواب ڏنو. ۽ پڇا ڪئي ته اوهان ڪير آهيو؟ شيخ صاحب ٻڌايو: هن حقير کي جنيد بغدادي چوندا آهن، بهلول ٻڌايو، اهو ئي جيڪو ماڻهن کي درس ڏيندو آهي. چيائين: جي ها، الحمد لله. بهلول، شيخ صاحب کان پڇيو: کاڌي کائڻ جا آداب ڄاڻندا آهيو؟ چوڻ لڳو: بسم الله چوڻ، پنهنجي سامهون موجود کاڌي مان کائڻ، ننڍڙا گرھ ٺاهڻ، ساڄي هٿ سان کائڻ، چڱي نموني چٻاڙڻ، ٻين جي منهن ڏانهن نه ڏسڻ، الله جو ذڪر ڪرڻ، الحمد لله چوڻ، ۽ آخر ۾ هٿ ڌوڻ. بهلول چوڻ لڳو: ماڻهن جا مرشد آهيو ۽ اوهان کي کاڌي کائڻ جا آداب به نٿا اچن. اهو چئي پنهنجا ڪپڙا ڇنڍيندي اتان هليا ويا، شيخ صاحب به سندس پويان هلڻ لڳا. مريدن اصرار ڪيو ته سائين هي ته ديوانو آهي، پر شيخ صاحب وري وڃي وٽس پهتو ۽ مٿس سلام ورايو. بهلول سلام جو جواب ڏنو ۽ کائنس پڇيو: ڪير آهيو؟ چيائين: جنيد بغدادي. بهلول چيو، اهو ئي جيڪو کاڌي کائڻ جا آداب به نٿو ڄاڻي. وري چيائين: خير ڀلا ڳالهائڻ جا آداب ته ڄاڻندا هوندو؟ جنيد بغدادي وراڻيو: جي ها. مخاطب جي عقل مطابق ڳالهائي، بيجا ۽ اجايو نه ڳالهائي، ظاهر ۽ باطن جو خيال رکي. بهلول چيو؛ کائڻ ته ڇڏيو، اوهان کي ته ڳالهائڻ جا آداب به نٿا اچن، بهلول وري پنهنجا ڪپڙا ڇنڍيندو اتان اٿيو، ۽ ٿورو اڳتي هلي ويهي رهيو. شيخ صاحب وري وڃي وٽس پهتو ۽ مٿس سلام ڪيو. بهلول سلام جو جواب ڏنو، ۽ وري ٽيون ڀيرو کيس پڇيو ته ڪير آهيو؟ شيخ صاحب جواب ڏنو: جنيد بغدادي جنهن کي کاڏي کائڻ ۽ ڳالهائڻ جا آداب به نٿا اچن. بهلول چيو: ڀلا سمهڻ جا آداب ڄاڻيو ٿا؟ شيخ صاحب چيو، نماز عشا کان پوءِ ذڪر ڪري ۽ تسبيح پڙهي، الغرض ته اهي سڀ آداب بيان ڪيا، جيڪي روايتن ۾ ذڪر ٿيا آهن. بهلول چيو: توهان کي ته سمهڻ جا آداب به نٿا اچن. وري اٿي هلڻ تي ئي هيو جو شيخ صاحب سندس دامن پڪڙيو ۽ چوڻ لڳو: جيڪڏهن مان نٿو ڄاڻيان ته اوهان تي تعليم ڏيڻ واجب آهي. تنهن تي بهلول ٻڌايو: اوهان جيڪي آداب ٻڌايو ٿا، اهي فرعي ۽ جزئي آهن، جڏهن ته اصلي آداب ڪجھ ٻيا آهن، کائڻ جي لاءِ اصلي ۽ بنيادي ادب هي آهي ته کاڌو حلال هجي، باقي جيڪڏهن کاڌو حرام جو هجي ته ڀلي کڻي توهان سڀني فرعي آداب جو خيال رکو تڏهن به اهو کاڌو دل ۾ نورانيت پيدا نه ڪندو بلڪه دل ۾ اونداهي ئي وڌائيندو. شيخ صاحب چيو: جزاک الله. ڳالهائڻ جي آداب جي حوالي سان بهلول ٻڌايو ته: جيڪو ڪجھ ڳالهايو الله سائين جي راضپي لاءِ ڳالهايو، ڪنهن دنياوي مقصد جي لاءِ ڳالهائيندو يا اجايو ۽ بيهوده ڳالهائيندو ته اهو جان جي لاءِ عذاب بڻجي ويندو. سمهڻ جي لحاظ سان، اهو ڏسو ته اوهان جي دل ۾ ڪنهن مومن يا مسلمان لاءِ بغض يا ساڙ ته نه آهي، دنيا جي محبت ته اوهان جي دل ۾ نه آهي، ڪنهن جو حق ته اوهان جي ذمي نه آهي. ان واقعي مان اسان کي اهو سبق ملي ٿو ته ڪڏهن ڪڏهن اسان علمِ نظري يا فرعي ڳالهين جو ايترو ته خيال رکندا آهيون يا لحاظ ڪندا آهيون جو انهن جي ڪري اصلي علم ۽ بنيادي اصولن ۽ قاعدن تائين اسان جي رسائي مشڪل ٿي ويندي آهي.
بهترين مضمون ، سبق آموز واقعي اسان ته ڪيترائي اهڙا اصول آهن جيڪي نٿا ڄا ڻون اسان ته سکڻ جي عمل ۾ آهيون،