ڪوڙو بيوفا

saqi irshad Lorer

سينيئر رڪن
ڪهاڻيڪار : ساقي ارشاد لورڙ

ڪهاڻي : _________”ڪوڙو بيوفا “

مڙس :

مان نه پيو ڳالهائيان ،

زال :

تون ڳالهائين پئيو مان پاڻ ٻڌو آ ،

مڙس : ”قسم آ تنهنجو مان نه پيو ڳالهائيان ،!!“

زال : ” منهنجو ڪوڙو قسم نه کڻ ؛___!!!!“

مڙس : مان تنهنجو ڪوڙو قسم ڪڏهن به نه کئيون نه کڻندس ،!!!“

زال : پوءِ اڄُ ڇو ٿو کڻي . . .!!“

مڙس : او منهنجي پياري مان توکي ڪيئن سمجهائيان ، ته تون منهنجي جان آن . . . ۽ مان صرف تنهنجو ئي آهيان . . .!!“

زال : پر مان پاڻ توکي هن سان فون تي ڳالهائيندي ٻڌو آهي ،...!!؟“

مڙس : او پرين اعتبار ڪر ، مان دوستن کان سواءِ ڪنهن سان به نه ڳالهائيندو آھيان . . .!!!“

زال : مان اڄُ توکي آخيري دفعو ٿي چوان ، ڪوڙا بيوفا ، پنهنجون عادتون مٽاءِ نت مونکان برو ڪو نه ٿيندئي ، “

هوءَ گسي ۾ ڪمري کان ٻاهر هلي وئي ، ته سندس مڙس فون کڻي نمبر ملائي فون ڪن تي رکي ، چوڻ لڳو ،

”توکي جو جهليو آ ته مونکي شام 6 بجي کان وٺي صبح 8 بجي تائين گهر هوندو آهيان ان دؤران فون نه ڪندي ڪر پر توکي بس منهنجي بيعزتي ڪرائڻ ۾ مزو ايندو آ ...!!!؟؟“



Kawish 12/7/2017Add caption
 
Back
Top