ڪهاڻيڪار _______ساقي ارشاد لورڙ ڪهاڻي _______موت منهنجو مقدر _____ ”اڄُ پرھَ جي شادي هئي مان هن کي ميڪب ڪندي پڇو ، پرھَ ، . . . . تون ايتري اداس ڇو آن ، . . . . !!!“ ايئن ئي هن . . . . .!!!؟؟؟ اداس لهجي ۾ جواب ڏنو . . . مون ويتر ضد ڪندي کيس چئيو ته پرھَ . . تنهنجي اڄُ شادي آ ، . . . . تنهنجي شادي ۾ اسان سڀ سهيليون ته خوش آهيون پر تون الائي ڇو ، اداس آن ، .!!؟“ ”بس وحيده ، ! سوچان ٿي مري جيئان يا جي مران ، !!؟؟ . . پر جيڪڏهن جي مران ٿي ته به بدنام ۽ جي مري جيئان ٿي ته ، پل پل عذاب ، ڪا ڳالھِ سمجھ ۾ نٿي اچي ته آخر ڇا ڪئيان ، . . . . ؟؟؟“ ادي مونکي تنهنجو فلسفو سمجھ ۾ نه ايندو آ ، ان ڪري کولي ٻڌاءِ ته آخر مسئلو ڪهڙو آ . . . .!!“ ”مسئلو اهو آ ته منهنجي شادي جنهن شخص سان ڪرائي پئي وڃين تنهن کي مون سدائين پنهنجي ڀاءُ جي نظر سان ڏٺو آ ، ۽ جنهن شخص کي هميشه پنهنجي خوابن جو شهزادو ڀائيو ، تنهن کان دؤر ٿي رهي آهيان ، . . . . !!؟“ هاڻ جيڪڏهن ڪڇان ٿي ته مران ٿي ، جي خاموشيءَ سان بابا جن جي پسند سان شادي ٿي ڪئيان ته به پل پل هن بنا تڙپندي مرندي رهندس ، جي ڪڇ ته به مر جي نه ڪڇ ته به مر ، ٻنهي پاسي موت منهنجو مقدر بڻجي چڪو آ ،. . . . . !!!؟؟“