ســنــڌ وارن لاٽ ڪـــا ٻـــاري ڇڏي،

'استاد بخاري' فورم ۾ عاشق سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏29 جون 2010۔

  1. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    ســنــڌ وارن لاٽ ڪـــا ٻـــاري ڇڏي،
    پنهنجي جيجل جي زبان جياري ڇڏي،
    ڇا به ٿئـي پــر روشـنــي مـــرڻــي نــه آ،
    پنهنجي پـر ۾ ڪن گھرن ماري ڇڏي.

    ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ

    اوچتو خوشـخال خان ڍرڪي پيو،
    روح وارث شاھَ جو ڪُرڪي پيو،
    سنڌ جا ســـرويـچ سورهيه ساٿـيــو!
    بزم ۾ ڀٽ جـو ڌڻي مرڪي پيـو.

    ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ

    نه ڪنهن بابوءَ جي بيٺڪ آ،
    نه ڪنهن افسر جـــو دفـتــر آ،
    هــتــي هــلندي زبـان منهنجي،
    هي منهنجو پـانـهنـجــو گھــر آ.

    ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ

    روپ جن جـا آسـمان جھڙا هُئا،
    نانَــو بــي گـجگوڙ وانگر پي سُئا،
    واءَ آنــدا واءِ تــي ڌَڪـجـي پيــا،
    پيو پَتو ڪي موسمي بادل هئا.

    ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ

    جو تو سان رکـي سِيـل، ڀلي ڀِيــلُ هجي ڪو،
    سو ڀِيل ڀري پيــرَ، سنــدس پَـيــر چُــمــون ٿـا.
    جو تو سان رکي کوٽ، ڀلي گھوٽ هجي ڪو،
    ان گھوٽ مٿان چوٽ مٿان چوٽ ڪريون ٿا.

    ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ

    ڪــن چــيــو: آ آســمــان ۾ ٿرٿلو،
    ڪن چيو: ڌرتـيءَ تــي آهـي زلــزلـو.
    مون چيو اهڙي ته ڪائي ڳالھ ناھ،
    بــس عوامـــي راڄ جــو آ فـيـصلـو.

    ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ

    او سنڌ اَمان، تنهن جا سڳا سورهيه پُٽ،
    ٽانڊن تي هلايا بـه وڃـن تــه بـه ســرهـا.
    ۽ هـــــو بــه ڏســي ڇـڏ نه، وسوڙل ويڳا،
    گلــگــشــت گــھــمايا ٿا وڃن ته به اَرها.

    ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ

    نه عُهدن جو الڪو، نه ڪرسيءَ جو چسڪو،
    ســڌو چــئــي ڏيــــون ٿا، ســيـاڻا نــــه آهــيــون.
    وطـــن کــي ٻــيــن لئــه نـه وڪبو، نه ڌڪبو،
    فـــلاڻـا نــــــه آهــيــون، فــلاڻــا نـــــــه آهيون.

    ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ

    سچ ـــ سورج کي ڪهڙي پروا،
    پاڇـــــولا لــــڙنــدائــي رهــنــدا.
    ساٿـــي کلــنـدا ڪڏندا وڌندا،
    ساڙولا ســــڙنـــدا ئـــي رهــنــدا.

    ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ

    پي سنڌُوءَ مـان مــخـمــور ٿيو!
    هن مستيءَ تي مــغــرور ٿـيــو!
    جي غاصب ـــ نظرون پالن ٿا،
    تن دوڏن لئـــــه انبــور ٿــيــو!

    ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ

    ڪاميابيءَ جي مٺي مـاکي چـکــڻ،
    ڪجھ ڏکي آ، ڏنگ جھلڻا ٿا پون.
    مـنــــزلــن پاســي وڌڻ ســؤکـو نه آ،
    هـر قدم تـي ونگ ڇِـنــڻـا ٿا پـــون.

    ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ

    آڏو چــور تــه پويان ڀاڳيا،
    راتيـن پٺيان ڏيـنهن اچن ٿا.
    سنڌ ته گـدڙن کاڌي ناهــي،
    ٻنڀي تي پيا شينهن گجن ٿا.

    ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ

    سنڌ جي سورن جو ڪـونهي آنــد پانــد،
    گھر ڊٺل، وِهڪيل ڍڳي، ڪمزور ڏاند.
    پــوءِ بـــه شهـپــر کــي وٽيندي پيو چوي،
    ســـوٽَ سان ڪــرڻو اٿــم جلدي پلاند!

    ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ

    پــــوک، مــــزدوري، هــنــر، ڌنــــڌو، پــــڙهـــو!
    رات توڙي ڏينهن مڙسيءَ سان ڪمايو دوستو!
    جھنگ ۾ پکڙي وڃو ۽ شهر کي چُهٽي وڃـو،
    پنهنجي ڌرتيءَ تي قدم پنهنجا ڄمايو دوستو!

    ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ

    ڄرڪي ڄرڪي جئندا آهيون،
    مرڪي مرڪي مـرندا آهيــون.
    مــرندي مــرندي بچـنــدا آهيون،
    جــيــئرا هـاسـين، جـيئرا آهيون.

    ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ

    کنوڻيون چمڪيون انـڌن لئـه ڇا؟
    گــوڙيــون گجــيـون ٻـوڙن لئـه ڇا؟
    بــي رُت مينهَنِ واريــون ڳالهيــون،
    ڇيڙيون ـــ نبيريون گونگن لئه ڇا؟

    ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ

    آءٌ تـــه تو ســان آهيـان گــڏ،
    تنهنجو هانءُ ۽ تـنهـنجـو هڏ.
    ســڏ پـــڙاڏو ســـاڳي ڳالھ آ،
    تنهنجو سڏ سـو منهنجو سڏ.

    ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ

    ٿڪي ڪٿ ڳالھ دودي ۽ چنيسر جي،
    اڃا هن جنڊ ۾ پــيـٺــي ٻُـڪــي نـاهــي.
    ڏســـي ڪــو جـاڳ واري آڳ اندر جي،
    جــلـون ٿــا پــيــا اڃـا دونهين دُکي ناهي.

    ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ

    نيٺ ڀٽائي تنهنجي سڏ تي،
    تنهنجا ساٿي جاڳي پيا هِنِ.
    مهمانن جي گوڙ ۽ تڏ تي،
    گھر جا ڀاتي جاڳي پيا هِنِ.

    ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ

    ڏينهن جو تارا ڏسڻ ۽ رات جـو تارا تڪـڻ،
    عاشقيءَ جو مشغلو، انجم شماري ٿا چون.
    شوق سان نالا لکڻ ۽ ســوچ سان خانا ڀرڻ،
    اهم قومي مسئلو، آدم شــماري ٿا چون.

    ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ

    وطن جي ٻچن لئه لڇون ٿا، ڪڙهون ٿا،
    سياست نه ڄاڻون، اڪـابر نـه آهــيــون.
    وطن جي زمين لئه جيئون ٿا، مرون ٿا،
    اســيــن واٽ ويــنــدڙ مسـافر نه آهيون.

    ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ

    ســجـــاڳــي آئــي آهــي، سـنـڌ جي سُگھڙن سُچيتن ۾،
    اِجھو سرويچ هڪــڙي مــان ســويــن سرويچ ٿي ويندا.
    ڇَٽيو جـو ٻھَــڳُـڻي ٻــج ٻُــوجھ جــو آهي ڌيـانـن ۾،
    سو اهڙي ريت وڌندو جو ڪڻي مان ڪيچ ٿي ويندا.

    ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ

    جو پير هَٽيو، سو پير ڪٽيو،
    هي خوف بـه طاري رکــڻــو آ.
    جــا وِکَ وڌي، ڄـڻ لالَ لَڌي،
    هــي جـــوش بـه جاري رکڻو آ.

    ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ

    خان جــو گــھـر آھ يــا فوجــي اڏو،
    عرش جيڏي ڪوٽ ۾ محلو وڏو.
    هــي ته ڏس ڦاٽل رليون، ڇنڙو تڏو،
    مــنـهـنجي مـارُن جو آ پاڏي تي لڏو!

    ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ

    هالار جــي هستــي ڏيـــکاريو!
    مهراڻ جـي مستــي ڏيــکاريو!
    جـــو غــيــر اچــي اُڀـري آڏو،
    تنهن غير کي پَستي ڏيکاريو!

    ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ

    پڙهيل ماڻهو ڀليل ماڻهوءَ کي سمجھائي،
    پـــڙهـائــيءَ جي ائين تحريڪ ٿي ويندي.
    برابـر سنــڌ ســورن ۾ ٿـــي چــيـچـلائــي،
    دوا ٿيندي ته رڳ رڳ ٺيڪ ٿي ويندي.

    ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ

    ســـنـــڌ سان هــر واعـــدو رهـندو سـچو،
    مـــــون مــڃــيـو، آهــيــو جـوانو، جانثار.
    پر سڄڻ جيڪي ڪريو جلدي ڪريو،
    زندگيءَ تي ناھـــه ڪــو ئـــي اعــتـبــار!

    ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ

    جيڪو ڌارين جو محتاج،
    ڪڍڻو آ سو، رسم و رواج.
    پنهنجا وڍ ۽ پنهنـجـو ويــڄ،
    پنهنجو سوچيو، پاڻ علاج.

    ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ

    معصوم ٻار کي بــــه نــــه ٿي ٿڃُ ماءُ ڏئي،
    مشــهـــــور ٻـــول آھــــه ته روئڻ پِٽڻ بنا.
    تو ڪيئن سوچيو ته ائين حق ملي وڃي،
    چُپ چَاپ ويٺــي پاڻ پتــوڙڻ، گھُــرڻ بنا.

    ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ

    اسان جي زندگي، هڪ سونهن جو سنسار بي آهي،
    اسان جــي شاعري، ڪنهن پيار جو پرچار بي آهي.
    اسان جـــي هر گھڙي تقدير جون تختيون لکي ويٺي،
    اسان جـــــي زندگــي تحــريــر جــو مينار بــي آهــي.

    ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ

    اسان کان پڇي ڪو محبت جـــــون ڳالهيون،
    وطــن سـاڻ انـــڌي عقــيــدت جــون ڳالهيون.
    سياست جي رمـــزن سـان پنهنـجــو وڃــي ڇا؟
    حڪومت ٿي ڄاڻي حڪومت جون ڳالهيون.

    ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ

    اکــين ساڻ جيڪـي نظارا ڏسون ٿا،
    قلم ساڻ سو سڀ لکــڻ کان مٿـي آ،
    ڪنن ساڻ جيڪي فسانا ٻـڌون ٿا،
    زبان ساڻ يارو! چـــوڻ کان مــٿـــي آ.

    ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ

    ٻيا پاڻ ڄاڻن، اسان کي تـه سڌ آ،
    چوڻ ۽ ڪرڻ ۾، وڏو ڦـير آهي،
    زباني گھڻا ٿا گھڻن لئـه مـرن پر،
    اسان کي خبر آ، مئو ڪير آهي؟

    ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ

    خــبردار ٿــي پـيار، سازش ٿئي ٿــي!
    رقيبن تي دولت جي بارش ٿئي ٿي!
    ٻــڌون ٿا، کرن کي کنيو آهي کُجلي.
    اسان جي هٿن ۾ به خارش ٿئي ٿي!

    ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ

    هـڻــي ٻانــهـن لهرن سان ڪوئي لڙي پيو،
    ڪناري تي ڪي پيا ڏِسن ”هيئن تَرُ نِي“!
    حياتــيءَ کي ڀاڪـر وجھـي يار پنهـنــجـا،
    ڏيــن ٽـهــڪ بــيـٺا، چون ”هيئن مَرُ نِي“ !

    ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ

    يـا خاموشيءَ سان عزت ڏيو،
    يـا دانهــن کــي اجازت ڏيــو،
    يـا ڏاڍن کــــــــي ذرا ڏايـــــو،
    يـا هــيــڻن کي حفاظت ڏيو!

    ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ

    جي ظالم ڪري ظلم وقتـــي کُٽي ٿو،
    سدا مينهن نفرت جـــو اُن تــــي وسي ٿو.
    جي مظلوم اصولن تي ڪٽجـي مري ٿو،
    سدا مينهن محبت جـو اُن تـي وســي ٿــو.

    ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ ـــ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ســنــڌ وارن لاٽ ڪـــا ٻـــاري ڇڏي،

    عقابي اوطار وارا عاشق، سدائين جڙيل هجين،
    تمام سهڻا قومي، سماجي ۽ انساني جذبي سان سرشار بيت ونڊ ڪيا اٿوَ ۔۔۔ ڪيترا بيت ته اهڙا آهن جن تي هوند غور ڪيو وڃي ۽ عمل ڪيو وڃي ته سنڌ سونهاري دنيا ۾ ڳاٽ اوچو ڪري چئي سگهي ته آءُ سنڌ آهيان ۔۔۔

    جيئن؛
    ڪاميابيءَ جي مٺي مـاکي چـکــڻ،
    ڪجھ ڏکي آ، ڏنگ جھلڻا ٿا پون.
    مـنــــزلــن پاســي وڌڻ ســؤکـو نه آ،
    هـر قدم تـي ونگ ڇِـنــڻـا ٿا پـــون.

    يا وري

    پــــوک، مــــزدوري، هــنــر، ڌنــــڌو، پــــڙهـــو!
    رات توڙي ڏينهن مڙسيءَ سان ڪمايو دوستو!
    جھنگ ۾ پکڙي وڃو ۽ شهر کي چُهٽي وڃـو،
    پنهنجي ڌرتيءَ تي قدم پنهنجا ڄمايو دوستو!

    تمام سهڻا خيال آهن ۔۔۔
    =d>=d>=d>
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ســنــڌ وارن لاٽ ڪـــا ٻـــاري ڇڏي،

    سائين شعرن جو پس منظر مون کي سمجهه ۾ نه آيو۔۔۔ جيئن سنڌ وارن لاٽ ڪا ٻاري ڇڏي۔۔۔
    هاڻي اهو سواليه آهي يا بيانيه۔۔؟
    يا اها ڪهڙي شئي آهي جنهن کي اوهان لاٽ سمجهو ٿا ۔۔؟
     
  4. ڪامي سولنگي

    ڪامي سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏23 جولائي 2010
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    12
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: ســنــڌ وارن لاٽ ڪـــا ٻـــاري ڇڏي،

    سائين عاشق شال جڙيو هجين الله وڏي حياتي ڏئي۔
    بهترين ادا
     
  5. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ســنــڌ وارن لاٽ ڪـــا ٻـــاري ڇڏي،

    سائين مهرباني۔۔۔۔۔هاڻي اوهان جهڙا لال هيرا جو اسان کي دعائون ڏين ته معني پئون ٻارنهن (مذاق ٿئي چڙي نه ونڃا‌با،)
     
  6. Shahzeb Soomro

    Shahzeb Soomro
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏12 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ســنــڌ وارن لاٽ ڪـــا ٻـــاري ڇڏي،

    واه ساءين واه
     
  7. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ســنــڌ وارن لاٽ ڪـــا ٻـــاري ڇڏي،

    سائين مهرباني
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو