ﺳﻨﮅ ﺗﻮڙﻱ ﻭﻓﺎﻗﻲ ﺳﺮڪﺎﺭ ٽﻴڪﺲ ﺭﻭﻳﻨﻴﻮ ﻣﺎﻥ ﺣﺼﻮ ﻗﻮﻣﻲ ﻣﺎﻟﻴﺎﺗﻲ ڪﻤﻴﺸﻦ ﺫﺭﻳﻌﻲ ﻭﭠﻦ ﭤﺎ، ﭘﺮ ڏﺍﮂ ۽ ﻧﺎﺍﻧﺼﺎﻓﻲﺀَ ﺫﺭﻳﻌﻲ ﺳﻨﮅ ﻣﺎﻥ ﺍﻭﮘﺎڙﻳﻞ ﺭﻗﻢ ﺗﻲ ﻭﻓﺎﻗﻲ ﺳﺮڪﺎﺭ ﮐﻲ ﻫﻼﻳﻮ ﭘﻴﻮ ﻭﭸﻲ . ﭘﻨﺠﺎﺏ ﻣﺎﻥ ﺍﻭﮘﺎڙﻱ ﭤﻴﻨﺪڙ ٽﻴڪﺲ ﭘﻨﺠﺎﺏ ﺳﺌﻮ ﺳﻴڪڙﻭ ﻭﺍﭘﺲ ﻭﭠﻴﻮ ﻭﭸﻲ . ﭘﻨﺠﺎﺏ ﻭﻓﺎﻗﻲ ﺳﺮڪﺎﺭ ﮐﻲ ﻫﻼﺋﮡ ﻻﺀِ ﻫڪ ﺭﭘﻴﻮ ﺑﻪ ﻧﻪ ﭘﻴﻮ ﭜﺮﻱ، ﺣﺎﻻﻧڪﻪ ﻫﻦ ﺟﺎ ﻟﮑﻴﻦ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻭﻓﺎﻗﻲ ﺳﺮڪﺎﺭ ۾ ڪﻢ ڪﻦ ﭤﺎ، ﺍﻥ ڪﺮﻱ ﺍﻫﻮ ﭼﻮﮠ ۾ ﻭﮄﺍﺀُ ﻧﻪ ﭤﻴﻨﺪﻭ ﺗﻪ ﭘﻨﺠﺎﺏ ﮐﻲ ﺳﭛ ﮐﺎﻥ ﻭڏﻭ ﻓﺎﺋﺪﻭ ﻭﻓﺎﻗﻲ ﺳﺮڪﺎﺭ ﺟﻲ ﺭﻭﺯﮔﺎﺭ ﺗﻲ ﻗﺒﻀﻲ ﺟﻲ ﺻﻮﺭﺕ ۾ ﺁﻫﻲ ۽ ﻭﻓﺎﻗﻲ ﺳﺮڪﺎﺭ ۾ ﭘﻨﺠﺎﺏ ﺟﻲ ﻣﻼﺯﻣﻦ ﺟﻲ ﭘﮕﻬﺎﺭ ﺳﻨﮅ ﭜﺮﻱ ﺭﻫﻲ ﺁﻫﻲ . ﺍﻥ ڪﺮﻱ ﺳﻨﮅ ﺟﻮ ﺳﻤﻮﺭﻭ ﺣﺪﻑ ﻭﻓﺎﻗﻲ ﺳﺮڪﺎﺭ ﮐﻲ ﻧﻨﮃﻭ ڪﺮﮠ ۽ ﺍﻥ ﮐﻲ ﻭﺳﻴﻼ ﮔﻬٽ ڏﻳﮡ ﺗﻲ ﻫﺌﮡ ﮔﻬﺮﺟﻲ . ﺁﺋﻴﻨﻲ ﻃﻮﺭ ﻭﻓﺎﻗﻲ ﺳﺮڪﺎﺭ ﻭٽ ﺍﭞ ﻭﺯﺍﺭﺗﻮﻥ ﻫﺠﮡ ﮔﻬﺮﺟﻦ، ﭘﺮ ﻫﻦ ﭼﺎﻟﻴﻬﻪ ﻭﺯﺍﺭﺗﻮﻥ ﻫﭣ ڪﻴﻮﻥ ﺁﻫﻦ، ﺟﻨﻬﻦ ڪﺮﻱ ﻭﻓﺎﻗﻲ ﺳﺮڪﺎﺭ ﺟﻲ ﺑﺠﻴٽ ﭔﺎﻭﻳﻬﻪ ﺳﺌﻮ ﺍﺭﺏ ﺭﭘﻴﺎ ﺁﻫﻲ . ﺍﻫﺎ ﺟﻴڪڏﻫﻦ ﮔﻬٽﺠﻲ ﺳﺖ ﺳﺌﻮ، ﺍﭞ ﺳﺌﻮ ﺍﺭﺏ ﻳﺎ ﻫﺰﺍﺭ ﺍﺭﺏ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺑﻴﻬﻲ، ﺗڏﻫﻦ ﺑﻪ ﺳﻨﮅ ﺟﺎ ﭔﺎﺭﻧﻬﻦ ﺳﺌﻮ ﺍﺭﺏ ﺭﭘﻴﺎ ﺑﭽﻨﺪﺍ . ﺍﻳﻦ ﺍﻳﻒ ﺳﻲ ۾ ﺳﻨﮅ ﺳﺮڪﺎﺭ ڪڏﻫﻦ ﺑﻪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﺁﺋﻴﻨﻲ ﺍﺧﺘﻴﺎﺭ ﺍﺳﺘﻌﻤﺎﻝ ﻧﻪ ڪﻴﻮ ﺁﻫﻲ، ﭘﺮ ﻫﻤﻴﺸﻪ ﻣﺎﻟﻴﺎﺗﻲ ﻭﻥ ﻳﻮﻧٽ ﺟﻲ ﺣﻤﺎﻳﺖ ڪﺌﻲ ﺁﻫﻲ . ﭘﻨﺠﺎﻫﻪ ۽ ﺳﭟ ﻭﺍﺭﻱ ڏﻫﺎڪﻲ ۾ ﺳﻨﮅ ﺗﻲ ﻭﻥ ﻳﻮﻧٽ ﻟﮙﻞ ﻫﻮ . 70 ﻉ ۾ ﻳﺤﻲٰ ﺧﺎﻥ ﺍﻥ ﮐﻲ ٽﻮڙﻳﻮ ﺗﻪ ﻣﺎﻟﻲ ﻭﻥ ﻳﻮﻧٽ ﺟﻴﺌﻦ ﺟﻮ ﺗﻴﺌﻦ ﺟﺎﺭﻱ ﺭﻫﻴﻮ، ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﭖ ﭖ 1973 ﻉ ﮐﺎﻥ ﺣﻤﺎﻳﺖ ڪﺮﻱ ﺭﻫﻲ ﺁﻫﻲ، ﺗﻮڙﻱ ﺟﻮ ﻧﺜﺎﺭ ﮐﻬڙﻱ ﺟﻲ ﺳﺮﺑﺮﺍﻫﻲ ۾ 2003 ﻉ ۾ ﭖ ﭖ ﻣﺘﺤﺪﻩ ﺳﺎﻥ ﮔڏﺟﻲ ﺍﻳﻦ ﺍﻳﻒ ﺳﻲ ﺗﻲ ﺳﻨﮅ ﺍﺳﻴﻤﺒﻠﻲ ﻣﺎﻥ ﺗﺎﺭﻳﺨﻲ ﭠﻬﺮﺍﺀُ ﭘﺎﺱ ڪﺮﺍﻳﻮ، ﭘﺮ 2009 ﻉ ۾ ﺍﻥ ﮐﻲ ﻭﺭﻱ ﺭﺩ ڪﺮﻱ ﮀڏﻳﻮ ۽ ﺍﻳﻦ ﺍﻳﻒ ﺳﻲ ﺟﻲ ڪﺎﺭﺭﻭﺍﺋﻲ ﺩﻭﺭﺍﻥ ﻣﺎﻟﻲ ﻭﻥ ﻳﻮﻧٽ ﺟﻲ ﻣڪﻤﻞ ﺣﻤﺎﻳﺖ ڪﺌﻲ . ﺍﻳﻦ ﺍﻳﻒ ﺳﻲ ﺍﻳﻮﺍﺭڊ ﺗﻲ ﺳﻨﮅ ﺻﺤﻴﺢ ﺑﻪ ڪﺌﻲ، ﭘﺮ ﻫﻦ ﻭﻗﺖ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﮐﻴﺲ ﭼﺎﻟﻴﻬﻪ ﺍﺭﺏ ﮔﻬٽ ﻣﻠﻴﺎ ﺁﻫﻦ، ﭘﺮ ڪﻮ ﺑﻪ ﻭﺯﻳﺮ ﭔﺎﭮ ﭔﺎﻫﺮ ﻧﭥﻮ ڪﮃﻱ . ﺗﻴﻞ ۽ ﮔﺌﺲ : ﻣﺎﻟﻲ ﻭﺳﻴﻠﻦ ﺟﻲ ﭔﻲ ﻭڏﻱ ﭰﺮﻟٽ ﺗﻴﻞ ۽ ﮔﺌﺲ ﺟﻲ ﻣﺪ ۾ ﺁﻫﻲ . 18 ﻫﻴﻦ ﺗﺮﻣﻴﻢ ۾ ﭖ ﭖ ﺗﻴﻞ ۽ ﮔﺌﺲ ﺟﻲ ﺁﻣﺪﻧﻲ ﺻﻮﺑﻦ ۽ ﻭﻓﺎﻗﻲ ﺳﺮڪﺎﺭ ۾ ﺍﮄﻭ ﺍﮄ ﻭﺭﻫﺎﺋﮡ ﻻﺀِ ﺁﺋﻴﻦ ۾ ﺗﺮﻣﻴﻢ ڪﺌﻲ، ﺣﺎﻻﻧڪﻪ ﮔڏﻳﻞ ﻣﻔﺎﺩﻥ ﻭﺍﺭﻱ ڪﺎﺋﻮﻧﺴﻞ ﺍﻫﻮ ﺍﺳﻢ ﭘﺎﮠ ﻭٽ ﻫﺠﮡ ڪﺮﻱ ﺳﺌﻮ ﺳﻴڪڙﻭ ﺁﻣﺪﻧﻲ ﺻﻮﺑﻦ ﺣﻮﺍﻟﻲ ڪﺮﻱ ﭘﺌﻲ ﺳﮕﻬﻲ، ﭘﺮ ﻭﻓﺎﻗﻲ ﺑﻴﻮﺭﻭڪﺮﻳﺴﻲ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ ﺗﻪ ﻫﺎﮢﻲ ﺑﺠﺎﺀِ ﺟﻮ ﺳﺌﻮ ﺳﻴڪڙﻭ ﻫﻠﻴﻮ ﻭﭸﻲ، ﺻﻮﺑﻦ ﮐﻲ ﭘﻨﺠﺎﻫﻪ ﺳﻴڪڙﻭ ﺣﻮﺍﻟﻲ ڪﺮﻱ ڪﺎﻣﻴﺎﺑﻲ ﺟﻲ ﺩﻋﻮﻱٰ ڪﺠﻲ . ﺧﻴﺮ ﺍﻫﻮ ﭘﻨﺠﺎﻫﻪ ﺳﻴڪڙﻭ ﺑﻪ ﻫﻴﻨﺌﺮ ﻣﻠﮡ ﮐﺎﻥ ﺟﻮﺍﺏ ﺁﻫﻲ ۽ ﺻﻮﺑﺎﺋﻲ ﺳﺮڪﺎﺭ ﺍﻥ ﺟﻮ ڪﻨٽﺮﻭﻝ ﻭﭠﮡ ﮐﺎﻥ ﻋﺎﺭﻱ ﺁﻫﻲ . ﺗﻴﻞ ۽ ﮔﺌﺲ ﺟﻲ ﺍﺩﺍﺭﻥ ﺗﻲ ﺳﻨﮅ ﮐﻲ ڪﻨٽﺮﻭﻝ ﻫﺠﮡ ﮔﻬﺮﺟﻲ، ﮀﻮ ﺗﻪ ﺳﺘﺮ ﺳﻴڪڙﻭ ﮐﺎﻥ ﻭﮄﻳڪ ﺍﻫﻲ ﺳﻨﮅ ﻣﺎﻥ ﻧڪﺮﻥ ﭤﺎ . ﭖ ﭖ ﺳﺮڪﺎﺭ ﻣﺲ ﻣﺲ ﺳﻮﺋﻲ ﮔﺌﺲ ﺟﻮ ﺍﻳﻢ ڊﻱ ﺳﻨﮅ ﻣﺎﻥ ﺭﮐﻴﻮ ﺁﻫﻲ . ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺑﻪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺁﻓﻴﺲ ﮐﺎﻥ ﭔﺎﻫﺮ ﻫﻠﻲ ڪﻮ ﻧﻪ ۽ ﭘﻨﺠﺎﺏ ﮐﺎﻥ ﻣﻘﺮﺭ ﭤﻴﻞ ﺑﻴﻮﺭﻭڪﺮﻳﺴﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ۾ 24 ﺟﻨﺮﻝ ﻣﺌﻨﻴﺠﺮ ﺁﻫﻦ، ﺍﻧﻬﻦ ﮐﻴﺲ ﮐﻴﺮﻭ ﻭﻳﺮﻭ ڪﺮﻱ ﮀڏﻳﻮ ﺁﻫﻲ . ﮔﺌﺲ ۽ ﺗﻴﻞ ﮐﺎﻥ ﺳﻮﺍﺀِ ڪﻮﺋﻠﻮ ۽ ﭔﻴﺎ ﻗﺪﺭﺗﻲ ﻭﺳﻴﻼ ﺻﻮﺑﺎﺋﻲ ﺍﺳﻢ ﺁﻫﻦ، ﺟﻦ ﺟﺎ ﭠﻴڪﺎ ۽ ﺭﻭﺯﮔﺎﺭ ﺳﻨﮅ ﺳﺮڪﺎﺭ ﺟﻲ ﻣﺮﺿﻲ ﺳﺎﻥ ﮄﺍﺭﻳﻦ ﺣﻮﺍﻟﻲ ڪﻴﺎ ﭘﻴﺎ ﻭﭸﻦ، ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻣﺜﺎﻝ ﭤﺮ ﺟﻲ ڪﻮﺋﻠﻲ ﺗﻲ ﭔﺎﻫﺮﻳﻦ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﺭﻭﺯﮔﺎﺭ ڏﻳﮡ ﺁﻫﻲ . ﺍﻫڙﻱ ﻃﺮﺡ ﻗﻴﻤﺘﻲ ﭘﭥﺮ ﺟﭙﺴﻢ ﺟﺎ ﭠﻴڪﺎ ﭘﮡ ﺳﻨﮅ ﺳﺮڪﺎﺭ ﮄﺍﺭﻳﻦ ﺣﻮﺍﻟﻲ ڪﻴﺎ ﺁﻫﻦ . ﭤﺮ ڪﻮﻝ ۽ ﺍﻧﺮﺟﻲ ﺑﻮﺭڊ ﭠﺎﻫﻲ ﺍﻥ ۾ ﻣﺮڪﺰﻱ ﻭﺯﻳﺮﻥ ﮐﻲ ﻧﻤﺎﺋﻨﺪﮔﻲ ڏﻧﻲ ﻭﺋﻲ ﺁﻫﻲ، ﺟڏﻫﻦ ﺗﻪ ﺳﻨﮅ ڪﻮﻝ ﺍﭤﺎﺭٽﻲ ۽ ﺍﻥ ﺟﻮ ﺑﻮﺭڊ ﻗﺎﻧﻮﻥ ﻣﻮﺟﺐ ﺍﮖ ﺋﻲ ﭠﻬﻴﻞ ﺁﻫﻲ