اسلام عليڪم دوستو اڄ وري مونکي اوهان دوست جي مدد جي ضرورت پئي. دوستو مون وٽ هڪ ايڪسل فائل جنهن تي مان پنهنجي آفيس جو پوري ڊيٽا جو ڊيٽابيس ٺاهيو آهي پر ان ۾ مسئلو اهو آهي ته ان فائل تي ڪم ڪرڻ سان ايڪسل فائل تمام گهڻو لوڊ پئي ڪري ان ۾ وڌييڪ ڪو فارمولو به استعمال نه ڪيو آهي سرف پلس مائينس تائين محدود آهي پر پوءِ به هو ايتري لوڊنگ ٿي ڪري جنهن ڪري مونکي ان تي ڪم ڪرڻ ۾ ڏکيائي پئي ٿئي. مونکي ان جو حل ٻڌايو يا ته ڪو اهڙو سافويئر ٻڌايو جيڪو ڊيٽا بيس جي ڪم طور استعمال ڪري سگهجي. ائين ته ويب سائيٽس به آهن پر ان ۾ ڪو اهڙو ڊيٽابيس فائل ڪم جو ڪون ٿو ملي. مهرباني ڪري مونکي ان مسئلي جو حل ٻڌائيندا. فائل تڪريبن 1.11 ايم بي جو آهي.
ادا توهان مائيڪروسافٽ ايڪسيز ۾ ڊيٽا بيس ٺاهي، استعمال ڪري ڏسو... بس ٿوري پريڪٽس کپندي ڊيٽابيس ٺاهڻ لاءِ.
ياد رهي ته جيڪڏهن ايڪسل جي فائيل ۾ شيٽن جو تعداد گھڻو ٿي ويندو آهي ته اهو فائيل کلڻ ۾ ۽ استعمال ۾ تمام گھڻي لوڊنگ ڪندو رهندو آهي. ڀلي شيٽ ۾ ڪا گھڻي ڊيٽا نه به هجي ان جي باوجود به اهڙا ايڪسل جا فائيل لوڊنگ ڪندا رهندا آهن. جيڪڏهن ٿي سگھي ته فائيل ايميل ڪريو آئون چيڪ ڪري وٺان.