• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

وري مند وصل جي ڪهاڻي ساقي ارشاد لورڙ

saqi irshad Lorer

سينيئر رڪن



ڪهاڻيڪار :- ساقي ارشاد لورڙ
ڪهاڻي . ” وري مند وصل جي . . . ! “
هن جي حالت ڏسي من مچلي پئيو ، مان رهي نه سگهيس ۽ اڳتي وڌي وڃي هن کان پڇيم ،
” مرڪ . . . !!!! “
منهنجي لهجي ۾ حيرت ۽ پريشانيءَ جا گڏيل تاثر هئا ،
” توکي ڇا ٿيو ، تو هي پنهنجو ڪهڙو حال ڪئيو آ ، تو ايئن ته نه هئي . . . . !!؟؟ “
هن خالي نظر سان موڏي نهاري ڦڪي مرڪ مرڪي چوڻ لڳي ، . . . !؟“
”پاڻ ئي ڊاهي پاڻ پڇين ٿو ، . . . . !؟“
ان وقت منهنجون اکيون ڀرجي آيون هئيون ڄڻ ته هن منهنجي احساسن کي جنجهوڙي ڇڏيو هو ، ۽ مان ڪٺور دل ماڻهون ڪنهن ڀريل بادل جيئان وسي پئيس ، ڳوڙهن اکين جا بند پڃين ڇڏيا مان هن جو قصوروار هئيس ، مان ڪنهن وقت واقعي هن کي ڊاٿو هئيو ، پر ان وقت کي ته کوڙ عرصو گزري وئيو آ ، ڇا اڄُ تائين هوءَ انهيءَ وراقن ۾ وڪوڙيل آهي ، ؟ ڇا هوءَ انهيءَ ڪارڻ پن ڇڻ ٿي واءُ ۾ وکري رهي آ ، ؟ ڇا هن کي اڄُ تائين هن کي ڪنهن جو سهارو نه مليو آ ، ؟ منهنجي ذهن ۾ اهڙي قسم جا ڪيترائي سوال جنم وٺي رهيا هئا ، مان سڀني سوالن کي ذهن مان ڪڍي ، هٿ جي ترين سان اکيون اگهي وري هن ڏسنهن متوجه ٿي وئيس ، مونکي ايئن لڳو ڄڻُ هوءَ پنهنجي ڪنهن حسين خواب جي تعبير ۾ گم سم هجي ، مان هن جي اکين اڳيان هٿ لوڏيندي چئيم ، . . . !!؟؟“
”مرڪ ! ڇا تون هڪ دوست جي نعتي سان ڪجھ شيئر ڪندينءَ ..!؟ ٿون پنهنجي هن حالت جي باري ۾ ڪجھ ته ٻڌاءِ ، يا مان ان لائق به ناهيان ،....؟“
هن هڪ نظر مونتي وجهي ڪنڌ ٻئي طرف ڪري ڇڏيو ، شايد هوءَ ڪجھ دوچي پئي ، ڪجھ پلن جي خاموشيءَ کان پوءِ هن جا چپ ڦڙڪيا ۽ هوءَ چوڻ لڳي . . . .!!
”شڪيل ! . . .اهو وقت ڪيڏو نه سٺو هو ، جڏهن هر روز صبح جو تيار ٿي هاسٽلن جي رومن کان نڪرندا هئاسين ، هر ڏينهن هڪ نئون خواب اکين ۾ سجائي ، اهي ڏينهن ۽ انهن ڏينهن جا گهاريل پل منهنجي جيون ۾ گهاٽي ڇانوءَ جيئان آهن ، جيڪي هميشه منهنجي جيون جو جوتُ ٻارڻ لاءِ مونکي اتساھُ ارپيندا آيا آهن ، نت شايد مان نراسائيءَ جي ڪن ۾ ٻڏي وڃان هان ، . . . . !!؟“
هوءَ هڪ ٿڌو ساھُ ڀري خاموش ٿي ته مان هن جي اکين ۾ جهاتي پائيندي چئيم ، . . . !!
” ها مرڪ ! . . .اها حقيقت آ ، اهي ڏينهن ، اهي پل ، اهي گهڙيون ڀلان ڪيئن وساري سگهجن ٿيون ، جيڪي اسان لاءِ اسان جي زندگي جون املھ يادگيريون آهن ....!!؟؟ “
منهنجو ايترو چوڻ هوءَ بيڊ تان اٿي ويهي ، چوڻ لڳي ، . .!!
” جي اوهان وساري نٿا سگهو ته پو ءِ ياد ڇو نٿا ڪئيو ، اهي ذيادتون ، اهي واعدا ، اهي وچن ، اهي گهاريل گهڙيون اهي رهاڻيون ، ڇو شڪيل ! ڇو آخر مون تنهنجو ڪهڙو ڏوھُ ڪئيو هو ، جو تون وچ رستي تي آڻي بيهاري مونکي اڪيلو ڇڏي رستا مٽي هليو وئين ، . . . . . !؟“
هوءَ سڏڪي پئي مان هن جو گنهگار هن اڳيان ششدر ٿي وئيس ، ها هوءَ صحيح پئي چئي ، يونيورسٽيءَ جي پهرين سال کان وٺي اسان جي هيلو هاءِ هئي ، پوءِ اها دوستي ، ۽ آخر ڪار پيار جي پيچرن جا راهي ٿي وئياسين ، هوءَ ڏاڍي دلفريب هوندي هئي ، هن جي هر ادا نرالي ۽ پياري هوندي هئي ، مان ته ڇا پر يونيورسٽيءَ جا اڌ کقن گهڻا ڇوڪرا هن تي فدا هئيا ، مان به هن جي مرڪ تي صدقو پئيو ٿيندو هئيس ، پر جڏهن هن مونکي پيار جي پيقر سان ڏني ته مان ويتر ، مست مدهوش ٿي وئيس ،هوءَ ۽ مان ڏينهون ڏينهن ڪٺپتليءَ جيئان هڪ ٻئي ڏانهن ڇڪجندا وياسين ، ۽ اسانجون محفلون ملاقاتيون وڌنديون رهيون وقت گذرندو رهيو ، اسان ان حد تي پهچي وئياسين جٿي ٻه جسم هڪ روح ، اسانجي دلين ۾ هڪ ٻئي لاءِ انيڪ پيار ، محبت ، چاھُ ، تڙپ ، پيدا ٿي چڪي هئي ، ۽ انهن وهڪرن ۾ ٿيندا رهيا ها ، ڪيترائي واعدا ، وچن گڏ جيئڻ مرڻ جا ، ايئن اسان پيار جا گيت ڳائيندا فائنل ايئر ۾ پهچي وئياسي ، امتحاني فارم ڀرجي رهيا ها ، مان مهڪندڙ مکَ سان سدائين زندگيءَ کي راند سمجهي کيڏندو رهيس ، ڪڏهن به چهري تي پريشاني ، جا تاثر ڪنهن کي محسوس نه ڪرائيم ، . . . .!!؟؟“
انهن آخري ڏينهن ۾ هڪ ڏينهن مرڪ ! منهنجو رستو روڪيندي چئيو هو ،
” تو ۾ ۽ گڏھَ ۾ ڪو به فرق ناهي ، ڇو ته گڏھَ کي سوچ ۽ سمجھ جي طاقت نه هوندي آ ، پر پوءِ به وقت سر هو ڪنهن جي ڪم اچي ويندو آ ، تو کان ته اهو گڏھُ به چنگو ، ۽ تون آن جو نه دؤري جي درد کان مونکي آجو ٿو ڪرين ، نه محبت جي موالڻ ٿو بڻائين ، نه توکي منهنجي نازڪ نفيص احساسن ، جذبن ، ۽ خوابن جو احساس ئي آ ، نه مونتي ئي توکي ڪو قياص ٿو اچي ، . . . . !!؟؟“
ان وقت مون هن کي مرڪي چيڙائيندي چئيو هئيم ته . . .!!
” وري ڇا ٿيو آ توکي ، جو توتي قياس ڪئيان ، يا احساس ڪئيان ، هونءَ به مان توتي ڪهڙو ظلم ڪئيو آ ، !!!؟؟“
هن منهنجي ڳالھ ٻڌي گسي مان چئيو هو ،
” وڏي.ڳالھِ آ شڪيل.صاحب جو توکي خبر ئي ناهين ته تون مونتي ڪهڙو ظلم ڪئيو آ ، تون گذريل ٽن سالن کان وٺي مونکي تڙپائيندو رهين ٿو ، روز مونسان واعدا ، وچن ڪندو رهين ٿو ته جلد کان جلد پاڻ شادي ڪنداسي ، پا اهو ظلم ناهي ته ٻيو ڇا آهي ، يا ته تون مونکي صاف صاف ٻڌاءِ ته ، مرڪ ! مان توسان شادي نه ڪندس ، مان صرف توسان ۽ تنهنجي وجود سان روح ريجهائيو آ، باقي مان شاديءَ لاءِ سيريئس ناهيان . . . . !!!؟؟؟“
هوءَ سڏڪي پئي هئي ، پر مان ان وقت هن کي نظر انداز ڪري ڇڏيو هو ، ....!!!“
” ايئن باز اوقات محسوس به ٿيندو هئيو ته هوءَ چري ته مونسان گڏ جيئڻ مرڻ چاهي ٿي پر تڏهن مان ان لائق نه هئيس ، جو هن سان شادي ڪئيان ، ان جا ٻه ڪارڻ هئا ، هڪ ته مان هڪ اهڙو دنيا جو فرد هئيس جنهن وٽِ نه گهر نه تر ، نه ڪٽنب نه ڪهول ، نڪو اڳ ۾ نه پٺ ۾ بس هڪ يتيم لاوارث ، مذدوري ڪري پنهنجي تعليم جاري رکي ، اڳتي هلي ڪجھ ٿيڻ پئيو چاهيان ، پر مان اهو به هن کي هڪ ڏينهن ٻڌائيو هئيو ، پر هن پوءِ به چيو هو ته مان توسان گڏ هجان پوءِ ڀلي بک ۾ يان ڏک ۾ بس تون منهنجو جيون ساٿي ٿي مونسان گڏ هج . . . !!“
” هوءَ حقيقت ۾ ته مونکي ڪنهن به صورت ۾ ڇڏڻ نه پئي چاهي پر مان هن کي پنهنجي لاوارث زندگيءَ ۾ ان وقت شامل نه پيو ڪري سگهان ، ان لاءِ ان ڏينهن کان پوءِ مان خاموشيءَ سان پيپر ڏئي راتو رات ، ڪراچي هليو آيس ، ڪراچي ۾ جتي زندگيءَ جا حسين رنگ نظر ايندا آهن ، پر مون اتي اچي راتِ جي هڪ پرائيويٽِ ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪرڻ لڳس ۽ ڏينهن جو يونيورسٽيءَ ۾ ، ايم . بي . بي . ايس . جي ڊگريءَ لاءِ محنت ڪرڻ لڳس . . . . !!!؟؟“
” ايئن وقت گذرندو رهيو ، ۽ مان چئن سالن کان پوءِ ايم . بي . بي . ايس . جي ڊگري حاصل ڪري ورتي ، ۽ مان ساڳي حيدرآباد جي سول هاسپيٽل ۾ ڊاڪٽر ٿي آيس ، ايئن وقت گذرندو رهيو ، ۽ اڄُ پورن ستن سالن کان پوءِ جڏهن هن کي ايمرجنسي وارڊ ۾ تڙپندي ڏٺم ته حيران رهجي وئيس ، . . . !!!؟؟“
هن کي ڏسي مون مٿان ڄڻُ ته حيرانن جا پهاڙ ڪري پئيا ، هوءَ سڪي ڪنڊا ٿي وئي هئي ، هن جي منهن ۾ گهنج ۽ اکين ۾ صدين جو اوجاڳو اکين جي هيٺان ڪاراڻ ڇائيل ڄڻ ته هوءَ صدين کان وٺي روئيندي رهي آ ، . . .!! “
مون خيالن جي کيٿر کان نڪري هڪ ڊگهو ساھُ کڻي هن ڏي نهاري چئيم ،
” مرڪ ! ڇا تو شادي نه ڪئي آ . . . ؟؟؟“
هن هڪ ڦڪو ٽهڪ ڏئي چئيو ،
” ڏاڍو عجيب ٿي وئيو آن ، شڪيل ! . جڏهن ته توکي خبر آ ، ته مان تن ۽ من ۾ توکي سانڍي سموئي مورتي ٺاهي ان جي عبادت ڪندي هئيس ، ڇا ان حالت ۾ مونکي ڪو ٻيو قبول ڪري هان يا مان ڪنهن ٻئي جي ٿي سگهان هان ، نه شڪيل ! تون ته ايئن ڪري سگهين ٿو ، پر مان ڪڏهن به ايئن نه ڪري سگهندس ، ڀل هي ساھَ ڀي هن وجود کان موڪلائي وڃن . پر مان ڪڏهن به ان چاھَ ڀري چمن ۾ ڦٽل جذبن جي گلشن کي اجاڙي نٿي سگهان ...!؟“
” خير توهان ڇڏيو مونکي ، هن محبت جي موالڻ خوش آ پنهنجي حال تي ، توهان ٻڌائيو پنهنجي باري ۾ . . . .!!!؟؟؟“
هن ٿڌو ساھُ کڻي هڪ پر سڪون لهجي ۾ موڏي نهاري چئيو ، . . .!!!
” مرڪ ! مان يونيورسٽيءَ کان پوءِ ڪراچيءَ يونيورسٽيءَ مان ايم . بي . بي . ايس . ڪري گذريل ٻن سالن کان هتي آهيان . . !!!“
” تو شادي به ڪئي هوندي ۽ اولاد به ٿي هوندئي…!!!؟؟؟“
” نه مرڪ ! الاڇو ، حقيقت اها آ هي ته چاهيندي به مان توکي پنهنجي خيالن مان نه ڪڍي سگهيس ان لاءِ شادي ته دؤر جي ڳالھ آ ، پر راتين جو اڄُ تائين سڪون سان سمهين به ناهيان سگهيو ،…!!“
مان پگهرجي وئيو هئيس ڄڻ ته صدين کان سفر ڪندو پئيو اچا ۽ اڄُ وڃين منزل تي پهتو آهيان .…!!!
مان هن ڏي هٿ وڌائي چوڻ لڳس ،
” جي تون چاهين ته منهنجي اڪيلائن ۽ پنهنجي اڪيلائن کي گڏجي ختم ڪئيون ……!!!“
هن هڪ وڏو ساھُ کڻي هٿ منهنجي هٿ تي رکي ڇڏيو ………!!!!“
saqi.irshad@gmail.com
03002586897
 
Back
Top