شيخ اياز جي شعري مجموعي” لڙيو سج لڪن ۾“ جي عڪسي شاعريءَ جو تحقيقي جائزو

'تعارف' فورم ۾ مرتضيٰ ناز طرفان آندل موضوعَ ‏21 جولائي 2017۔

  1. مرتضيٰ ناز

    مرتضيٰ ناز
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏27 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    غلام مرتضيٰ نانگور (مرتضيٰ ناز)

    سنڌي شعبو: شاهه عبدالطيف يونيورسٽي، خيرپور، سنڌ




    A VIEW OF IMAGES IN POETRY OF SHIAKH AYAZ IN HIS POETRY COLLECTION" LARRYO SIJJU LAKAN ME”

    شيخ اياز جي شعري مجموعي”لڙيو سج لڪن ۾“ جي عڪسي شاعريءَ جو جائزو


    (ABSTRACT)
    Images have a great importance in both the poetry and prose. Specially, in poetry, the images have been a medium of presentation the poetic experience and observation before the reader or listener of poetry. The huge part of sindhi poetry is consisting of imaginary art, which has its own beauty and colors. Almost, all the classic and modern sindhi poets have images in their poetry, which has made Sindhi poetry more effective and attractive.

    Sheikh Ayaz is a trend setter poet in modern era of Sindhi poetry. He has an innovative way of poetic expression through images in his poetry. His imaginary work is based on the classical Sindhi poetry. But he gave it the new touches and cuts with modern diction and dialect, which attracted the young poets of modern age. The experience of imaginary art in his poetry is such flow of his new work in his time.
    This aritcle Comprises the historical background and literary significance of images in Sindhi poetry and presents a view of imaginary art of a legend Sindhi poet Sheikh Ayaz in his poetry collection “Larryo Sijju Lakkan Me”.​
    جديد سنڌي شاعريءَ ۾ شيخ اياز اهو منفرد شاعر آهي، جنهن سنڌي شاعريءَ ۾ هرقسم جا نوان تجربا ڪريسنڌي شاعريءَ کي دنيا جي جديد ادب ۽ شاعريءَ جو حصو بنائي ڇڏيو آهي. شيخ اياز جي سموري شاعري جتي سندس وسيع ۽ گهري مطالعي ۽ مشاهدي جو ثمر آهي، اتي سندسشاعري تخَيل جي بلند پرواز ۽ جديد فني لاڙن جو مظهر به آهي. شيخ اياز شاعريءَ ۾ فني ۽ فڪري نواڻ جا رنگ به ڀريا آهن ته جديد عڪسيت جو تصور به سندس شاعريءَ جو بنيادي حسن آهي. جنهن سندس شاعريءَ کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن.
    اهوئي سبب آهي جو شيخ اياز جي سموري شاعري رنگ برنگي عڪسن سان ڀري پئي آهي. سندس شاعريءَ ۾ سنڌ جو هر نظارو عڪس بند ٿيل آهي. شيخ اياز جي شعري مجموعي”لڙيو سج لَڪن ۾“ جي عڪسي شاعريءَ جو جائزو وٺڻ کان پهريائين عڪس، عڪسيت جي ارتقا ۽ عڪسن جي مختلف قسمن جي باري ۾ ڄاڻڻ ضروري آهي ته جيئن شيخ اياز جي مذڪوره مجموعي ۾شامل سندس شاعريءَ ۾ موجود عڪسن جي قسمن، انهن جي ارتقا ۽ ادبي پسمنظر جو گڏيل جائزوپيش ڪري سگهجي. ان ڪري سڀ کان پهريان اهو معلوم ڪرڻ ضروري آهي ته عڪس(Image) ڇا آهي.
    عڪس بابت ڪيترن ئي ماهرن پنهنجا پنهنجا رايا ۽ وصفون پيش ڪيون آهن. هن مضمون ۾ انهن راين جي روشنيءَ ۾ عڪس کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ڇاڪاڻ ته عڪس بابت پوريءَ ڄاڻ ۽ پروڙ کانسواءِ ڪنهن به ڪتاب يا تخليق جو عڪس يا عڪسيت جي لحاظ کان جائزو وٺڻ ممڪن نه آهي.
    ان لحاظ کان محترم تاج جويي پنهنجي ڪتاب’نيڻ مهٽي خيال جاڳيا‘ (1993ع) ۾شامل پنهنجي مضمون ”جديد سنڌي شاعريءَ ۾ عڪس ۽ اهڃاڻ“ ۾ عڪس بابت يورپي عالمن جون جيڪي وصفون بيان ڪيون آهن، انهن مان ڪجهه هيٺ بيان ڪجن ٿيون؛

    (1) وليم (William) ۽ اسٽين مين( Stain man)
    ”عڪس هڪ اهڙو اظهار آهي جنهن سان پڙهندڙ جي ذهن ۾ هڪ خاڪو پيدا ڪري سگهجي ٿو.“
    (2) ازرا پائونڊ؛
    ”عڪس اهڙي لفظي سرشتي جو نالو آهي، جيڪو جذبات ۽ ذهني واردات جي گڏيل ڪيفيتن کي ڪنهن خاص مقرر وقت ۾ پيش ڪري.“
    (3) جي. آءِ . شپلي (J. I.Shiply)
    ”عڪس ڪنهن شيءِ جي ٻاهرين مشاهدي جي (Sensual experience) کي اصلي ذهني ڪيفيت Sign يا لفظن جي باطن جي ويجهو وٺي وڃي ٿو.“ (1)
    جڏهن ته ڊاڪٽر تنوير عباسي پنهنجي ڪتاب، ”شاهه لطيف جي شاعري“ ۾ عڪس ۽ عڪسي شاعريءَ بابت هيئن لکي ٿو؛
    ”عڪس حواسن ذريعي حاصل ڪيل معلومات کي وري جاڳائڻ يا پيدا ڪرڻ جو نالو آهي. هونئن ته ڪيئي واقعا ۽ نظارا اسان جي لاشعور ۾ موجود آهن، پر انهن کي ٻيهر ياد ڏيارڻ يا ٻيهر پيدا ڪرڻ جو نالو عڪسي شاعري آهي. “ (2)
    جڏهن ته هو عڪس پيش ڪرڻ بابت لکي ٿو ته ،”جي شاعريءَ ۾ ڪنهن به شيءِ جي عڪس پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي ته اها انهن (انساني حواسن) مان ڪنهن به هڪيا هڪ کان وڌيڪ يا مڙني حواسن جي ڏنل معلومات کي وري تصوراتي وجود ۾ آڻڻ جي ڪوشش ٿيندي.“ (3)
    ڊاڪٽر صاحب عڪس بابت فرانسيسي نقاد ۽ شاعر جولس سپر وائيل جي حوالي سان لکيو آهي ته،”عڪس هڪ جادوءَ جي بتي آهي جيڪا شاعر کي اونداهه ۾ روشني ٿي ڏئي.“ (4)
    مٿي بيان ڪيل مختلف ماهرن ۽ نقادن جي عڪس بابت وصفن جو تَت هن طرح بيان ڪري سگهجي ٿو؛ ’عڪس لفظن جي اهڙي ترتيب يا لفظي بيان جو نالو آهي، جنهن کي پڙهڻ سان ئي اکِ سان ڏٺل ڪنهن منظر يا مظهر، ڪنن سان ٻُڌل آواز، جسم ذريعي محسوس ڪيل ڇُهاءَ ،زبان سان چکيل ذائقي جي احساس يا تصَور ۾ آيل ڪنهن نظاري جو خاڪو ذهن ۾ ٻيهر اڀري يا تَري اچي‘. يا ائين کڻي چئجي ته عڪس ذريعي شاعر پنهنجي محسوس ڪيل جذبن، احساسن ۽ ڪائنات جي منظرن ۽ مظهرن کي لفظن ذريعي ٻيهر تخليق ڪري عام ماڻهوءَ تائين پهچائي پڙهندڙ يا ٻُڌندڙ کي ان جو مشاهدو ڪرائي سگهندو آهي. يعني عڪس زمان ۽ مڪان جي پابندين کان هٽِي غير امڪان کي امڪان ۾ آڻڻ جي ڪوشش جو نالو آهي.
    حقيقت ۾ سموري دنيا جي مصوري، شاعري، بت تراشي ۽ موسيقي انساني شعور يا لاشعور جو عڪسي اظهار ئي آهي. جيڪو حقيقي هئڻ جي باوجود اصلي نه هوندو آهي. پر اصليت جي قريب قريب هوندو آهي. اهو عڪسي اظهار عام رواجي ذريعن کان وڌيڪ موئثر ۽ اثرانگيز هوندو آهي. ڪنهن مفڪر لکيو آهي ته هڪ تصوير هڪ هزار جملن کان وڌيڪ حقيقت جي وضاحت ڪندڙ هوندي آهي. پر هڪ عڪس ان تصوير کان به وڌيڪ حقيقت جي وضاحت ڪندڙ هوندوآهي. ڇاڪاڻ ته تصوير جو تعلق فقط ڏسڻ جي حد تائين هوندو آهي. جڏهن ته عڪس جي ذريعي ان تصوير کي ٻيهر به تخليق ڪري سگهبو آهي. ۽ ان ۾ شاعر جي حسي تجربي جو شعوري ادراڪ ۽ فني ڪمال به شامل هوندو آهي. محترم تاج جويي مشهور انگريزي شاعر ۽ نقاد ازرا پائونڊ جي حوالي سان شاعريءَ ۾ عڪس جي مٿي بيان ڪيل اهميت بابت لکيو آهي ته، ”شعر جو هڪ اهڙو قسم به آهي جنهن مان معلوم ٿيندو آهي ته تصويرون يا بُت (Sculptures) ڳالهائڻ شروع ڪندا.“ (5)
    مٿئين حوالي مان شاعريءَ ۾ عڪس يا عڪسيت جي اهميت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته عڪس شاعر لاءِ ڪيڏي وڏي وَٿَ آهن. شاعريءَ ۾ عڪسن جي اهميت بيان ڪندي محترم تاج جويي ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي جي حوالي سان لکيو آهي ته، ”بهتر شعر اهو آهي جنهن ۾ تجربو عڪس جي صورت ۾ ظاهر ٿئي.“ تاج جويو صاحب وڌيڪ لکي ٿو ته، ”شعر جو سچو پچو اڀياس تڏهن ٿي سگهندو،جڏهن اهو معلوم ٿئي ته شاعر اکين کانسواءِ ٻين ڪهڙن حواسن کي ڪم آندو آهي.“ (6)
    مطلب ته اکين سان ڏٺل ڪنهن منظر يا مظهر،ڪنن سان ٻُڌل آواز يا محسوس ڪيل ڪنهن ذائقي يا ڇهاوَ جو تاثر لفظن ذريعي ٻيهر پيدا ڪرڻ يا اُڀارڻ جي فن کي عڪسيت چئجي ٿو. جيڪو شاعريءَ ۾ ايتري ئي اهميت رکي ٿو جيترو خود شاعريءَ جو فن،(سٽاءُ)، فڪر ۽ گهاڙيٽو وغيره.
    عڪس پيش ڪرڻ وقت مناسب ۽ موزون لفظن جي چونڊ جو تمام گهڻو عمل دخل هوندو آهي. جيڪڏهن ڪيڏي به سهڻي ۽ خوبصورت نظاري جو عڪس پيش ڪرڻ وقت مناسب لفظن جي چونڊ تي ڌيان نه ڏبو ته ان نظاري جو عڪس پڙهندڙ جي اڳيان ٻيهر تخليق ڪري يا چٽيءَ طرح اڀاري نه سگهبو.
    تاج جويي صاحب عڪس پيش ڪرڻ لاءِ مناسب ۽ موزون لفظن جي چونڊ بابت يورپي نقاد آئسيڪس جي حوالي سان لکيو آهي ته، ”هو(آئسيڪس) ضروري ٿو سمجهي ته عڪس اهڙن لفظن ۾ ڏجن جيڪي چونڊيل ۽ موزون هجن“.ان سلسلي ۾ تاج جويي صاحب مشهور يورپي نقاد آلڊنگٽن (Aldinagton) جي حوالي سان موزون لفظن جي وضاحت هنن لفظن ۾ ڪئي آهي، ”موزون لفظ هروڀرو اهي لفظ نه آهن جيڪي ڪنهن شيءِ جو هوبهو سچوپچو اظهار ڪن يا ان کي بيان ڪن، موزون لفظ اهي آهن جيڪي ڪنهن شيءِ جو سچو پچو تاثر پيش ڪن، يعني اهو تاثر ڏين جيڪو خود شاعر شعر لکڻ وقت محسوس ڪيو هو.“ (7)
    ماهرن جي مٿين راين موجب عڪس پيش ڪرڻ لاءِ لفظ اهم ۽ بنيادي اهميت رکن ٿا. انڪري مشاهدي يا تجربي سان مطابقت رکندڙ لفظن جي چونڊ ئي ان مشاهدي يا تجربي جومناسب عڪس پڙهندڙ تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. انڪري عڪس پيش ڪرڻ وقت هڪ شاعر لاءِ مناسب ۽ موزون لفظن جي چونڊ ڌيان ڏيڻ ضروري آهي. ان لاءِ فقط اهڙن لفظن جي چونڊ ڪئي وڃي جيڪي پڙهندڙ يا ٻڌندڙ جي اڳيان ڪنهن نظاري جو هوبهويا چِٽو نقشوپيدا ڪري سگهن.

    عڪسيت جي ارتقا:
    مٿي بيان ٿي چڪو ته انساني حواس/ حواسن ذريعي حاصل ڪيل معلومات کي ٻيهر اُڀارڻ( تصور ۾ آڻڻ) يا پيدا ڪرڻ جي عمل کي ادبي اصطلاح ۾ ’عڪسيت‘ سڏجي ٿو. انساني تاريخ ۾ ان ڳالهه جون نشانيون موجود آهن ته عڪسيت جي تاريخ ايتري ئي قديم آهي. جيترو خود انسان، جڏهن انسان ڪائنات ۾ ڪو منظر ڏسي ، ڪو منفرد آواز ٻُڌي، ڪنهن شيءِ کي ڇُهي يا چکي ان جي تاثر کي ڪنهن ٻئي انسان سان بيان ڪيو هوندو ته اها عڪسيت جي ابتدا هوندي. اهڙيءَ طرح شاعريءَ ۾ عڪسيت جي تاريخ کي ڊاڪٽر تنوير عباسي هنن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي.

    ”ايئن به ناهي ته ڪو شاعريءَ ۾ عڪسن آڻڻ جوڪم هن صديءَ ۾، ۽ مغربي شاعريءَ کان شروع ٿيو. عڪس ايترا ئي پراڻا آهن، جيتري شاعري پراڻي آهي. لوڪ شاعريءَ توڙي عوامي شاعريءَ ۾ به ڪيترائي عڪس ملن ٿا.“ (8)
    جڏهن ته هو ان بابت مشهور يورپي محقق ۽ نقاد آئزڪ جي حوالي سان وضاحت ڪندي لکي ٿو ته، ”شاعرن نقادن جي ڳولهڻ ۽ سمجهڻ کان اڳ ئي عڪسن جي اهميت کي ڄاڻڻ ۽ سڃاڻڻ شروع ڪيو.“ (9)
    آئزڪ جي ان ڳالهه جو مطلب هي آهي ته پهريائين عڪس تخليق ڪيا ويا ان کان پوءِ ئي انهن بابت تحقيق ٿي. ٻيءَ صورت ۾ عڪسن جي موجودگيءَ کانسواءِ انهن تي تحقيق ممڪن ڪيئن ٿي ٿي سگهي.
    اها حقيقت آهي ته دنيا جي قديم ادب ۾ هومر جي رزميه شاعريءَ کان وٺي خليل جبران جي لکڻين تائين، توريت، زبور ۽ ٻين آسماني صحيفن کان انجِيل مقدس جي تحرير تائين، يا دنيا جي قديم ڪلاسيڪي ادب کان جديد ادب تائين نثري توڙي نظمي صنفن ۾ ڪيترائي واضع، چٽا ۽ شاهڪار عڪس پيش ڪيل آهن، جن مان ادب ۽ خاص طور تي شاعريءَ ۾ عڪسن يا عڪسيت جي تاريخي قدامت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.مطلب ته اها ڳالهه واضع آهي ته شاعريءَ ۾ عڪسن پيش ڪرڻ جي تاريخ ايتري ئي پراڻي آهي جيتري خود شاعري. پر شاعريءَ ۾ عڪسن تي تحقيق ۽ انهن کي تنقيدي نقطه نظر سان ڏسڻ يا جاچڻ جو ڪم بعد ۾ شروع ٿيو آهي. جديد شاعريءَ ۾ عڪسيت تي تحقيق ۽ تنقيد جي ڪم جي شروعات يورپ کان ٿي. جنهن جي سرواڻي مشهور انگريزي شاعر ۽ نقاد ازرا پائونڊ ڪئي. رچرڊ آلڊنگٽن، ايف. ايس فلنٽ ۽ ٻيا به ڪيترائي شاعر ان تحريڪ ۾ شامل ٿيا. ان تحريڪ جو مقصد هي هو ته شاعريءَ کي شين جا پورا ۽Exact عڪس ڏيڻ گهرجن ۽ اڻ چِٽين ڳالهين سان واسطو نه رکيو وڃي. ان تحريڪ جي طرفان عڪسي شاعريءَ بابت هڪ رسالو Imagist به شايع ٿيو ۽ جاپاني شاعريءَ جي ڪلاسيڪي صنف ’هائيڪو‘ ۾ عڪسن جي اهيمت تي غور به ان تحريڪ کان پوءِ ڪيو ويو.
    يورپ ۾ عڪسي شاعريءَ ۽ عڪسن جي اهميت بابت ڪيترائي ڪتاب به لکيا ويا آهن، جن مان‘The Imagist Poetry’، Mid Century French Poets 1955` ۽ آرچيبالڊ مئڪليش جو‘ پوئٽري اينڊ ايڪسپيريئنس(1965ع) خاص اهميت جا حامل آهن. آرچيبالڊ مئڪليش کانسواءِ ٻين به ڪيترن ئي اسڪالرس عڪسيت تي ڪم ڪيو آهي. سنڌي ادب ۾ عڪسيت تي ايترو ڪم نه ٿي سگهيو آهي. ان جي باجود ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ، تاج جويي، مبارڪ لاشاريءَ ۽ ڪجهه ٻين محققن عڪسيت بابت ڪجهه مضمون ۽ مقالا ضرور لکيا آهن.
    جڏهن ته سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪلاسيڪي دور جا سنڌي شاعر ان وقت نه صرف شاعريءَ ۾ عڪسن پيش ڪرڻ جي رجحان ۽ لاڙي کان واقف هئا. پر انهن وٽ شاعريءَ ۾ عڪسن پيش ڪرڻ جو آرٽ ايڏو ته عروج تي هو جو سموري سنڌي ڪلاسيڪي شاعري رنگ برنگي عڪسن جي انڊلٺ جيان نظر اچي رهي آهي. جنهن ۾ پيش ڪيل عڪسن جي خوبصورتي ۽ تازگي صديون گذرڻ جي باوجود اڄ جي جديد دور ۾ به جديد عڪسيت جو منظر پيش ڪري رهي آهي. نموني طور شاهه ڪريم رحه (1623- 1536ع) جي هن بيت ۾ پيش ڪيل عڪسن جي خوبصورتيءَ ۽ منظرنگاريءَ جي تازگي ڏسڻ وٽان آهي؛

    پاڻياريءَ سَر ٻهڙو، جَر تي پکي جيئن،
    اسان سڄڻ تيئن، رهيو آهي روح ۾.
    ( شاهه ڪريم رحه)​
    هن بيت جي پهرينءَ سٽَ ۾ ٻه عڪس پيش ڪيل آهن. هڪ طرف پاڻيءَ واري عورت آهي،جنهن جي مٿي تي ٻه دِلا رکيل آهن. ته ٻئي طرف ڍنڍ ۾ پاڻيءَ تي پکي ترندي نظر اچي رهيا آهن. هي ٻئي نظري عڪس آهن، جيڪي صديون گذرڻ جي باوجود اڄ به واضع ۽ چٽا آهن. ايئن پيو لڳي ڄڻ هاڻي ئي ڪا تصوراتي ڍنڍ تخليق ڪئي وئي آهي. شاهه ڪريم ان جي ڪناري تي ويٺو آهي، پکي ان ڍنڍ ۾ تري رهيا آهن. ۽ پريان پاڻيءَ ڀرڻ واريون عورتون مٿن تي دلن مٿان دِلا رکي وڃي رهيون آهن. جن کي پڙهندڙ پنهنجي اکين سان ڏسي رهيو آهي. اهڙيءَ طرح شاهه لطيف رحه جي هن بيت ۾ به عڪس چِٽڻ جو ڪمال ڏسڻ وٽان آهي؛

    رات سُهائي، ڀونءِ سَنئين، پَٽن وڏو پنڌُ،
    هلندي حبيبن ڏي، ڪرها موڙ نه ڪنڌُ.
    ( شاهه لطيف رحه)​
    هن بيت ۾ به نظري عڪس پيش ڪيا ويا آهن. چوڏهينءَ جي چاونڊوڪي راتِ، ۽ نظر جي حد تائين ڦهليل سنئون ميدان، جنهن مان اُٺَ تي ويٺل مسافر اُٺَ تي سفر ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. چانڊوڪيءَ رات ۾ سنئين ميدان ۽ اُٺ جو ڪيڏو نه واضع ۽ چٽو منظر پيش ڪيو ويو آهي! هن بيت کي پڙهڻ سان ئي ائين پيو لڳي ڄڻ پڙهندڙ چانڊوڪيءَ رات ۾ وسيع، سنئين ميدان ۽ ان مان ويندڙ اٺَ تي ويٺل سوار کي پنهنجي اکين سان ڏسي رهيوآهي.​
    اهڙيءَ طرح ڪلاسيڪي شاعريءَ کان پوءِ جديد سنڌي شاعريءَ ۾ به بيحد حَسين عڪس ملن ٿا. جديد سنڌي شاعريءَ جي باني ڪشنچند بيوس کان وٺي شيخ اياز، تنوير عباسي، نياز همايوني، استاد بخاري، ايازگل، ادل سومري، حسن درس، احمد سولنگي، ايازامر شيخ، بخشل باغيءَ، ساحر راهوءَ، سعيد ميمڻ، حفيظ باغيءَ ۽ ٻين به ڪيترن ئي جديد شاعرن وٽ تمام خوبصورت عڪسي مشاهدا ملن ٿا.

    عڪسن جا قسم:
    ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ عڪسن جي قسمن بابت آءِ.اي. رچرڊس جي حوالي سان لکيو آهي ته ”هر ممڪن حواس لاءِ سندس مطابق هڪ عڪس آهي.“ ۽ هو سئنڊرس جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته،”شاعر پنجن حواسن کي ڪاميابيءَ سان چوري اهڙي ته معنى پيدا ٿوڪري جيڪا انهن مان محسوس ڪري سگهجي ٿي.ان کان پوءِ هو ڇهون حواس ڪتب ٿو آڻي، جيڪو آهي نون خيالن کي جذب ڪري ترتيب ۾ آڻڻ، نتيجي طور پڙهندڙ نه رڳو شعر جو تاثر ٿو وٺي پر پنهنجي حواسن کان باخبر ٿي ، شاعر سان گڏوگڏ شاعراڻي سمجهه به ماڻي ٿو.“ (10)
    ان مان اها ڳالهه واضع ٿئي ٿي ته انسان جا پنج حواس عڪس پيدا ڪرڻ لاءِ معلومات گڏ ڪرڻ جو اهم ذريعو آهن. جنهنڪري اهي بنيادي حيثيت رکن ٿا. جن جي استعمال سان نه صرف انهن سان مطابقت رکندڙ عڪس اڀاري يا پيدا ڪري سگهجن ٿا پر انهن جي مخصوص /گڏيل استعمال سان ڪيترائي ٻيا منفرد عڪس به پيدا/ پيش ڪري سگهجن ٿا.
    محترم تاج جويي پنهنجي ڪتاب ’نيڻ مهٽي خيال جاڳيا‘ ۾ عڪسن جي قسمن يا صورتن بابت ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي ۽ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي حوالي سان عڪسن جا هيٺيان قسم بيان ڪيا آهن؛

    (1) بصري يا ڏسڻ جا عڪس، (Visual or Sight Images)
    (2) ٻُڌڻ جا عڪس، ( Auditory Images).
    (3) غير متحرڪ عڪس، (Static Images).
    (4) متحرڪ عڪس ( Kinetic Images).
    (5) سُنگهڻ جا عڪس، (Olfactory Images).
    (6) ذائقي جا عڪس، (Taste Images).
    (7) ڇُهڻ جا عڪس، ( Tactile Images).
    (8) حرارتي( ٿڌي، گرم جو تاثر ڏيندڙ عڪس) (Thermal Images)
    (9) رنگين عڪس، ( Color Images)
    (10) حواسن کي لُطف ڏيندر عڪس، ( Sustatory Images).
    (11) انتقالي مشاهدي وارا عڪس،( Synesthetic Images)
    (12) گهڻَ- پارا عڪس، (Complex Images)

    جيئن ته مٿي بيان ٿيو ته شيخ اياز جي سموري شاعري رنگ برنگي عڪسن سان ڀري پئي آهي. ۽ سندس شاعريءَ ۾ سنڌ جو هر منظر ۽ ڏيک عڪس بند ٿيل آهي. جنهن ۾ هر قسم جا عڪس پيش ڪيا ويا آهن. اچو ته سندس مجموعي ’لڙيو سج لڪن ۾‘ جوجائزو وٺي ڏسون ته سندس هن مجموعي ۾ ڪهڙي ڪهڙي قسم جا عڪس موجود آهن.
    شيخ اياز جي واين جي شعري مجموعي ’لَڙيو سج لڪن ۾‘ جي جائزي مان معلوم ٿئي ٿو ته سندس مجموعي ۾ مختلف قسمن جا ڪيترائي عڪس پيش ڪيا ويا آهن. جن کي هيٺين قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو؛
    (1) ساڪت نظري عڪس،
    (Static Visual Images) (2) متحرڪ نظري عڪس، ( Kinetic Visual Images)
    (3) آوازي عڪس، (Auditory Images)
    (4) ڇُهڻ ( ٿڌي گرم جو تاثر ڏيندڙ عڪس) (Thermal Images)
    (5) سُنگهڻ جا عڪس، (Olfactory Images)
    (6) مرڪب عڪس (Compound Images)
    (7) ٻِٽا عڪس.
    هيٺ هر قسم جي عڪس کي سمجهڻ لاءِ پهريان ان عڪس جي وصف بيان ڪئي وئي آهي ته جيئن اهوملعوم ٿي سگهي ته ان عڪس جون اصل خصوصيتون ڪهڙيون آهن. ۽ شيخ اياز جيڪي عڪس پيش ڪيا آهن اهي ان وصف تي ڪيترا پُورا ٿا لهن؟ هاڻي اچو ته انهن مان هر قسم جي عڪس جو ڌار ڌار جائزو وٺون ۽ ڏسون ته شيخ اياز انهن عڪسنکي ٻيهر اُڀارڻ ۾ ڪيترو ڪامياب ويو آهي؟ ۽ هن انهن عڪسن ۾ ڪهڙا ڪهڙا منظر ۽ نظارا عڪس بند ڪيا آهن؛

    1 . ساڪت نظري عڪس ) Static, Visual Images)
    لفظن جي اهڙي ترتيب جنهن جي پڙهڻ سان ڪنهن ڏٺل نظاري يا منظر جونقشو اکين اڳيان ٻيهر اُڀري يا تري اچي ته ان کي نظري عڪس (Visual Image) چئبو آهي.

    جيئن:

    ڪاريون راتيون ڪامڻيون
    تارن سان ٽِمڪن،
    سنڌو تنهنجي سِير تي.
    (ص73:)
    هنن سِٽن ۾ نظري عڪس پيش ڪيو ويو آهي. جن کي پڙهڻ سان ئي ڪاري رات ۾ ستارن جي ٽمڪڻ جو احساس اڀري ٿوپوي. جنهن ۾سنڌوءَ جي سِير ۽ وهڪرو به آهي ته آڪاس ۾ تارن جي ٽِم ٽِم به، ڪاري رات، آسمان ۾ تارن جو ٽمڪڻ ۽ سنڌوءَ جو وهڪرو، ڪيڏو نه خوبصورت منظر آهي! ايئن پيو لڳي ڄڻ تصور جي آسمان تي احساس جا تارا ٽمڪي رهيا آهن، جن هيٺان سنڌو پنهنجي سونهن ۽ سوڀيا سان وهِي رهي آهي.
    ڏسڻ جي عڪس جو هڪ ٻيو منظر ڏسو جنهن مان تازگيءَ جو احساس جهلڪي رهيو آهي. ائين پيو لڳي ڄڻ ڪنهن ماهر مصور هاڻي هاڻي ئي تصوير ٺاهي پوري ڪئي آهي.

    آهن اَڌَ ڦلار ۾
    ڪيڏا ڪَپيل ڏار!
    (ص: 27)​

    اَڌَ ڦلار...! وڻن جا ڏار، جن ۾ مُکڙيون ٽڙڻ تي آهن، گُلن ٽڙڻ جي مُند آهي ۽ اُهي ڏار ڪپيا ويا آهن!نظري عڪس جو ان کان وڌيڪ ڪهڙو مثال ٿي ٿوسگهي. هي سِٽون پڙهڻ سان ئي اکين اڳيان اڻ ٽڙيل مکڙين سان ٽلهيل وڻن جي ڪپيل ڏارن جو عڪس اُڀري ٿوپوي. هاڻي مِينهن وسڻ کان پوءِ جي نظاري طرف اچون ٿا؛

    نيٺ ته بادل برسيا
    ٻُورَ جهليا ٻُوهَن،
    وٺا مِينهن ملير تي
    . (ص: 81)​

    بادلن جي برسڻ ۽ ٻوهن جي ٻُور جهلڻ جا عڪس، جن جي منظر ڪشيءَ جي تصوير پَسندي ئي تصور جي ملير تي بادل برسي ٿا پون ۽ سارو ملڪ ملير ٻُوهن جي ٽڙيل اڇي ٻُور جي چادر ۾ ويڙهجي ٿو وڃي. خوشحاليءَ جي سفيد چادر ساري ملير جي سڃاڻپ ٿي لڳي. هن شعر کي پڙهڻ سان ئي ا کين اڳيان ملير جي ملڪ جو نظارو اڀري ٿو اچي جنهن تي ٻُوهن جي اڇي اڇي ٻُور جي چادر وڇايل آهي.
    هي ڪجهه عڪس هئا جن ۾شيخ اياز خوبصورت نظارن کي عڪس بند ڪري شاهڪار منظرنگاريءَ جو مشاهدو ڪرايو. پر دنيا ۾ صرف خوبصورت منظر ۽ نظارا ئي ته نه آهن. دنيا ۾ ته ٻيو گهڻو ڪجهه به آهي، جيڪو خوبصورت نه آهي. ته ڇا ڪوجَهن ۽ سادن منظرن ۽ مظهرن کي عڪس بند نه ڪيو وڃي؟ ان لاءِ ڊاڪٽر تنوير عباسي مشهور يورپي شاعر ۽ نقاد آر چيبالڊ مئڪليش جي حوالي سان لکي ٿو ته ،”شعر ان لاءِ نه لکبا آهن ته اهي سهڻا هجن شعر رڳو شعر ئي هوندا آهن، عڪس ان ڪري پيش نه ڪبا آهن ته اهي سهڻا هجن عڪس بس رڳو عڪس ئي هوندا آهن.“ (11)

    ڊاڪٽر تنوير عباسيوڌيڪ لکي ٿو ته، ”ضروري ناهي ته سڀ عڪس رومانوي هجن يا سونهن ۽ سوڀيا جو احساس ڏيارين. شاعر جو ڪم آهي حقيقت نگاري. هن ڪائنات ۾ جيڪو ڪجهه هن جي دل ۾ جذبي کي جاڳائي، ان کي شعر ۾ چِٽي، پوءِ اهو خوبصورت هجي يا سادو سودو، ڪمال رڳو سهڻي تصوير چِٽڻ ۾ ناهي، پر رڳو “تصوير چِٽڻ” ۾ ڪمال آهي. اهڙي تصوير جيڪا پڙهندڙ يا ٻڌندڙ جي آڏو خوبخود اڀري اچي.“ (12)

    ان مان هيءَ ڳالهه واضع ٿئي ٿي ته هڪ ڪامياب ۽ بهترين شاعر لاءِ ضروري آهي ته هو پنهنجي شاعريءَ ۾نه فقط خوبصورت منظرنگاريءَ ۽ رومانوي پسمنظر وارا عڪس پيش ڪري پر ان جو ڪم آهي حقيقت کي پيش ڪرڻ . ڇاڪاڻ ته اهو عڪس ئي شاهڪار ۽ غير فاني هوندو آهي، جنهن ۾ ڪائنات جي رنگن، روپن، منظرن ۽ مظهرن کي حقيقت نگاريءَ جي نظر سان چِٽيووڃي. عڪس دکائڪ به ٿي سگهن ٿا ته دلنشين به، خوبصورت ۽ منَ موهيندڙ به ته سادا سودا به. انڪري اهوڏسڻ ضروري ناهي ته خوبصورت عڪس پيش ڪيو ويو آهي يا سادو سودو. پر اهو ڏسڻ ضروري آهي ته شاعر ان عڪس پيش ڪرڻ ۾ ڪيترو ڪامياب ويو آهي. يا هُن ان عڪس کي ٻيهر ڪيئن تخليق ڪيو آهي؟
    شيخ اياز به پنهنجي مذڪوره مجموعي ۾ اهڙا ڪيترائي عڪس پيش ڪيا آهن. جن ۾بظاهر ڪو به رومانوي يا خوبصورت منظر نه آهي، پر هن فقط حقيقت کي عڪس بند ڪيوآهي. ان جي باوجود ان شعر کي پڙهڻ سان ئي ان شعر ۾ پيش ڪيل عڪس پڙهڻ واري جي اکين اڳيان ٻيهر پيدا ٿي يا اڀري ٿو پوي. حقيقت کي عڪس بند ڪندڙسندس عڪاس نظر سان جهٽيل هن عڪس تي نظر ڪريو جنهن ۾ فقط اداسيءَ ۽ اڪيلائي جو احساس پيش ڪيو ويو آهي؛

    تو بن مان جئن لُڪَ ۾
    ٽانگر جي ٽارِي!
    (ص :96 )​
    هن شعر کي پڙهڻ سان ئي اکين اڳيان اڪيلائيءَ جو بيابان اڀري ٿوپوي. جنهن ۾لُڪ لڳڻ سان ٽانگر جي اداس ٽاري لُڏي رهي آهي ۽ پسمنظر ۾اڪيلائيءَ جي احساس مان پيدا ٿيل اداسي ڦهليل آهي. اسان مان هرهڪ ڪيترائي دفعا لُڪ ۾ لُڏندڙ اڪيلي ٽاريءَ جو منظر ڏٺو هوندو. پر ان اسان کي ايترومتاثر نه ڪيوهوندو، جيترو شيخ اياز جي هن ننڍڙي شعر ۾ پيش ڪيل عڪس ڪري رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته هُن ٽانگر جي ٽاريءَ جي اداسيءَ کي هميشه لاءِ هن عڪس ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. جيڪو وَر وَر اکين ۾ اُن ٽاريءَ جي اڪيلائيءَ جو احساس ڀري ٿوڇڏي. اهڙيءَ طرح هن عڪس ۾ وري گهر جي اداس ۽ خاموش منظر کي محفوظ ڪيو ويو آهي؛

    چرخو ڇو هِئن چُپِ آ؟
    اڱڻِ ايڏي سُنَ!
    اڄ ڇا کان ڪاپائتي؟
    (ص: 63)
    هي پڻ هڪ ساڪت نظري عڪس آهي، جنهن ۾ چرخي جي چُپ هئڻ، اڱڻ جي سُڃَ ۽ ڪاپائتيءَ جي مايوس حالت کي عڪس بندڪيو ويو آهي. ڄڻ ته ڪنهن ماهر آرٽسٽ هڪ اداس گهر جي تصوير تخليق ڪئي آهي. جنهن جي پسمنظر ۾ مايوسيءَ جو اداس ڪينواس ڦهليل آهي ۽ ان ۾ ساڪت چرخو، اداس ڪاپائتي ۽ اڱڻ ۾ سُڃَ ۽ خاموشِي ڏيکاريل آهي.​

    2. متحرڪ نظري عڪس (.Kinetic, Visual Image):
    مٿي بيان ڪيل سمورا عڪس نظري عڪس آهن. نظر نه صرف ڪائنات ۾ موجود شين جي شڪل، صورت ،رنگ ۽ روپ ڏسندي آهي، پر انهن جي چُرپر ۽ تحرڪ کي به عڪس بند ڪندي آهي. نظارا ۽ منظر هڪ جامد (ساڪت) تصوير وانگر هوندا آهن .جڏهن ته ڪجهه نظارا ۽ مظهر فلم وانگر چُرندڙ ڦرندڙ هوندا آهن. ”هيءَ ڪائنات هن هنڌ بيٺل، ڄميل يا ساڪت ناهي، پر هيءَ ڪائنات سدا بدلجندڙ، اٿلندڙ پٿلندڙ ۽ چُرندڙ ڪائنات آهي. شاعرجي حساس نظر نه رڳو روپ ۽ رنگ کي جهٽي وٺي ٿي، پر ان جي چُر پر (تحرڪ) کي پڻ قابو ٿي ڪري.“ (13)
    شيخ اياز جي عڪاس نظر به نه صرف ساڪت ۽ جامد نظارن جا رنگ ۽ روپ عڪس بند ڪيا آهن، پر انهن جي تحرڪ کي به پنهنجي شاعريءَ ۾ عڪس بند ڪيو آهي. جهنن کي پڙهڻ سان انهن عڪسن ۾ پيش ڪيل مظهرن جي حرڪت ۽ چُر پر کي به پَسي سگهجي ٿو.سندس هي شعر پڙهو ۽ ان ۾ پيش ڪيل عڪس جي تحرڪ تي نظر ڪريو؛

    هِت، هُتِ هوت ٻروچ جا ،

    پُرجهي پير کنيام،(ص :30)​

    هن شعر جي پڙهڻ سان ئي اکين آڏو سسئيءَ جي اڻانگهي سفر جو عڪس اُڀري ٿو اچي. ائين ٿو لڳي ڄڻ اسان ڪائي فلم ڏسي رهيا هجون، جنهن ۾سسئي هيڏي هوڏي پنهونءَ جا پير کڻندي، سفر ڪندي نظر اچي رهي آهي. اهڙيءَ طرح هن ٻئي شعر ۾ پيش ڪيل عڪس جي تحرڪ تي غور ڪريو؛


    ڀِٽن ۾ ڀِٽڪايو،

    تن جي پار پَتن،

    جيجان تن جَتن ،

    ساريان پئي سِڪ کي.(ص: 55). ​

    هيءَ پڻ نظري عڪس جي تحرڪ جي منظرڪشي آهي. جنهن جي پسمنظر ۾ ڀِٽن جي ساڪت عڪس جا نقش موجود آهن ۽ انهن جي وچ ۾ سسئي جو متحرڪ عڪس هيڏانهن هوڏانهن (واٽ تان) جَتن جا پار پڇائيندي ڀِٽن جي وچ ۾ ڀٽڪندي نظر اچي رهيو آهي. هن شعر ۾عڪس جي تحرڪ کي پيش ڪرڻ جوڪيڏو نه چٽو ۽ واضع مثال پيش ڪيو ويو آهي. متحرڪ عڪس کي پيش ڪندڙ هڪ ٻيو شعر پڙهو؛

    رِڻ ۾ روجهه ڇُپي ويا
    ڏيئي ڇُوهه ڇلانگ.
    (ص :101)
    هن شعر جي پهرين سِٽَ ساڪت نظري عڪس پيش ڪري رهي آهي، ان سِٽ ۾ رِڻ (بيابان) جو منظر پيش ٿيل آهي. جنهن ۾ روجههَ ڇُپي ويا آهن. پر هن شعر جي ٻي سِٽ ’ڏيئي ڇُوهه ڇَلانگ‘ هڪ متحرڪ عڪس آهي، جيڪو پهرين سِٽ جي ساڪت عڪس کي به متحرڪ بنائي ٿو ڇڏي. ۽ اکين اڳيان روجهن جا ڇالَ ۽ ڇلانگ اُڀري ٿا اچن.​

    3. آوازي عڪس؛(Auditory Images)
    مٿي شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ نظري عڪس پيش ڪيا ويا. هاڻي آوازي عڪس( Auditory Images) طرف اچون ٿا. ۽ اهو ڏسون ٿا ته شيخ اياز ڪهڙا ڪهڙا آواز عڪس بندڪيا آهن. پر ان کان اڳ اهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته آوازي عڪس ڇاکي ٿو چئجي؟
    ”آوازي عڪس ڪنئين ٻڌل آوازن جي تاثر کي اهڙيءَ ريت بيان ڪرڻ جو فن آهي، جو ٻڌل آواز جي يادگيري اهڙيءَ طرح پيدا ٿي پوندي آهي جو اهو آواز ۽ ان جو تاثر ٻيهر ڪنن ۾ ٻُرڻ لڳندو آهي.“ (14)
    مٿئين حوالي موجب، لفظن جي اهڙي ترتيب جيڪا ڪنن سان ٻُڌل آوازن جي تاثر کي اهڙيءَ ريت بيان ڪري جو ٻُڌل آوازجي يادگيري ٻيهر پيدا ٿي پوي ۽ ان آواز جو تاثر ٻيهر ڪنن ۾ ٻُرڻ لڳي ته ان کي آوازي عڪسAuditory Image چئبوآهي.
    شيخ اياز جي مذڪوره شعري مجموعي ۾ ڪيترائي اهڙا شعر موجود آهن. جن ۾سندس ٻُڌل آوازَ عڪسن جو رُوپ ڌاري مجسم تصوير بڻجي ويا آهن، جڏهن انهن شعرن کي پڙهجي ٿو ته اهي آواز ٻيهر جاڳي پڙهڻ واري جي ڪنن ۾ گونجڻ ٿا لڳن. هن شعر کي ڪنُ ڏيئي ٻُڌو؛

    ڇَن ڇَن ڪن ٿا ڇَن،​

    پايل پايل پَنَ. (ص: 82 )​

    هن شعر ۾ آوازي عڪس (Auditory Image) پيش ڪيو ويو آهي. شعر جي پهرين سٽَ پڙهڻ سان ئي ڪنن ۾ ’ڇَن ڇَن ‘ جوآواز ٻُرڻ ٿو لڳي ۽ ٻي سٽَ مان ڪنن ۾ پايل جي آواز جا احساس جاڳي ٿا پون . آوازن کي عڪس جو بدن عطا ڪرڻ جو ڪيڏو نه شاهڪار مثال آهي. اهڙيءَ طرح هڪ ٻئي عڪس ۾ محفوظ ڪيل آواز ٻيهر سجاڳ ٿي ڪنن ۾ هيئن ٻُرڻ لڳن ٿا؛

    اُتَر - پيرن جهانجهرا،
    ڇوليون ٿيون ڇُلڪن،
    سنڌو تنهنجي سير تي.
    (ص :23)​

    هن شعر ۾ هڪ خوبصورت آوازي عڪس پيش ڪيو ويو آهي. جيڪو ڪنن ۾سرگوشيون ڪري رهيو آهي ته اُتر جي هوا پيرن ۾ جهانجهر ٻَڌي آهي ۽ جڏهن اُها گهُلڻ لڳي ٿي ته سنڌوءَ جون ڇوليون ڇمڪڻ ۽ رعڪس ڪرڻ لڳن ٿيون. اُتر جي هوا مان جهانجهر جو آواز اچڻ’ ۽ ‘سنڌوءَ جي ڇولين جو ڇمڪڻ’ٻئي آوازي عڪس آهن، جيڪي پڙهندڙ يا ٻُڌندڙ جي ڪنن ۾ سرگم جا سُر ڇيڙي ٻُرڻ لڳن ٿا. آواز کي آرٽ جي ذريعي عڪس ۾ محفوظ ڪرڻ جا مثال شيخ اياز جي شاعريءَ جو بنيادي جُزُ ۽ منفرد حُسن آهن.
    هڪ ٻي وائيءَ جي ٿلهه ۾ موجود آوازي عڪس توهان جي ڪنن ۾ ڪجهه ٻيا سُريلا آواز جاڳائڻ لاءِ منتظر آهن؛

    لُنءَ لُنءَ نڪتي لاٽ،
    ڪونجون ڪڻڪيون روهه ۾،
    (ص : 68)​

    هن شعر جي پهرين سِٽ کي اگر اڪيلو ڪري پڙهجي ته اها نظري عڪس جو احساس ٿي ڏياري پر ٻي سِٽ ۾ لفظ ‘ڪونجون ڪڻڪيون’ ڄڻ ته پهرين سٽَ کي به آوازي عڪس Auditory Image جي ڌارا ۾ شامل ڪري ٿو ڇڏي.
    ’ڪونجن جو ڪڻڪڻ‘ جديد سنڌي شاعري جو هڪ اهڙو آوازي عڪس آهي، جنهن مان سنڌي ٻوليءَ جي پنهنجائپ ۽ اصليت جي مهڪ ٿي اچي. جيڪا پڙهندڙ جي ٻُڌڻ واري حِس سان گڏوگڏ ان جي نظري حس ۾ به جذبا جاڳائي ٿي ڇڏي. ڇاڪاڻ ته لفظ ’ڪڻڪيون‘ خود هڪ آوازي عڪس آهي. جنهن جي ٻُڌڻ سان ئي ڪنن ۾ ڪُونجن جا آواز ٻُرڻ ٿا لڳن. اهڙا ٻيا به ڪيترائي آوازي عڪس آهن، جيڪي شيخ اياز جي شاعريءَ ۾سرگم جي سُرن جو ڪم ڪري رهيا آهن، جن تي هڪ الڳ ڪتاب لکڻ جي ضرورت آهي. هتي ته پڙهندڙن لاءِ فقط چند مثال پيش ڪيا ويا آهن.

    4. ڇُهڻ جا عڪس؛ Thermal Images)):
    لفظن جي اهڙي جوڙجڪ جيڪا جسم ذريعي محسوس ڪيل ٿڌي،گرم،سخت، نرم، کهري يا لَسڙي احساس کي ٻيهر جاڳائي ان کي ڇُهڻ جو عڪس چئبو آهي.
    ”شاعر جيترو وڌيڪ حساس هوندو اوترو ئي هن جا حواس وڌيڪ خبردار هوندا. انسان جيئن هن ڪائنات جي مشاهدي ڪرڻ وقت پنهنجا سڀئي حواس ڪم ٿو آڻي. تيئن شاعر به ان دنيا جي ٻيهر تخليق وقت پنهنجي شعر ۾سڀني حِسن جو بيان ٿوڪري. انهن سڀني تجربن جوذڪر ٿو ڪري، جيڪي هن کي مشاهدي ڪرڻ وقت محسوس ٿيا هئا.“(15 (اهڙيءَ طرح شاعر پنهنجي ڇُهڻ جي حواس ذريعي محسوس ڪيل تاثر ٻين تائين پهچائيندو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ شاعر سان گڏوگڏ پڙهندڙ به شاعر جي ان حسي تجربي جو حظ حاصل ڪندو رهندو آهي.
    اچو ڏسون ته شيخ اياز پنهنجي هن مجموعي ۾ڇهڻ جي حواس ذريعي ڪهڙا ڪهڙا عڪس پيش ڪيا آهن، سندس هي شعر پڙهو؛

    ڪيري وِڄُ وجود تي.
    ڄَرَ ۾ سڀ ڄرڪاءِ.
    (ص : 45)​

    ’وجود تي وِڄُ ڪيرائڻ‘ ۽ ’ڄَرُ ۾ ڄرَڪائڻ‘ لفظ ؛’وِڄُ‘ ۽ ’ڄَرُ‘ ٻنهي مان گرميِءَ جو احساس جاڳي ٿو پوي. اهڙيءَ طرح هن شعرمان ئي پڙهندڙکي گرميءَ جو احساس ٿيڻ لڳي ٿو. وِڄ ۽ ڄَرُ جي گرمي، جنهن کي شيخ اياز لفظي روپ ڏئي گرميءَ جو احساس ڏياريندڙ ڇُهڻ جي عڪس ۾ پيش ڪيو آهي. هن شعر ۾ عڪس پيش ڪرڻ لاءِ لفظن جي چونڊ جي اهميت جو اندازو پڻ ڪري سگهجي ٿو. اهڙي طرح هڪ ئي وقت گرميءَ ۽ سرديءَ جو احساس ڏياريندڙ هڪ ٻيو شعر پڙهو؛

    جهيڻئين اڱاريئين ​

    ڪيسين سيڪيان هٿڙا !(ص :91)​
    هن وائيءَ جي ٻنهي سِٽن ۾ڇُهڻ جو هڪڙو ئي عڪس موجود آهي. ’اڱارن تي هٿن سيڪڻ جو عڪس‘ هن عڪس ۾ بظاهر ته جهيڻن اڱارن جي گرميءَ جو هلڪو احساس سمايل آهي. پر حقيقت ۾ هي عڪس گرميءَ جي احساس سان گڏوگڏ سرديءَ جي احساس کي به جاڳائي ٿو ڇڏي. ’هٿن جو سيڪڻ‘ سرديءَ جي احساس کي ٿو جاڳائي وجهي ۽ پڙهندڙ کي سياري جي ياد اچي ٿي وڃي. مطلب ته ساڳيو ئي عڪس هڪ ئي وقت گرميءَ ۽ سرديءَ جي ٻنهي احساسن کي جاڳائي ٿو ڇڏي. جنهن مان شاعر جي عڪس پيش ڪرڻ واري انتهائي مهارت ۽ عڪسي آرٽ جي بلنديءَ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ڇُهڻ جي عڪسن کان پوءِ سُنگهڻ جي عڪسن طرف اچون ٿا؛

    5. سُنگهڻ جا عڪس؛(Olfactory Images)
    لفظن جو اهڙو باترتيب مجموعو جيڪو خوشبوءِ يا بدبوءِ جي احساس کي ٻيهر جاڳائي ان کي ’سنگهڻ جو عڪس‘Olfactory Image چئبوآهي.
    جيتوڻيڪ شيخ اياز جي سموري شاعري گلابن، رابيلن، چنبيليءَ ۽ موتئي جي مهڪ ۾ واسيل آهي. پر جيئن ته سندس هيءُ شعري مجموعو سندس جيون جي اداسيءَ ۽ نراسائيءَ وارين ڪيفيتن جو ثمر آهي. انڪري هن مجموعي ۾ سندس اهڙو شعر تمام گهٽ شامل آهي. جنهن ۾سُنگهڻ جا عڪس پيش ڪيل هجن. ها، هن مجموعي ۾ فقط هڪڙو اهڙو شعر ضرور موجود آهي، جيڪوسندس سُنگهڻ واري حواس جي سجاڳ هئڻ جو احساس ڏياري رهيو آهي؛
    چِيري چَندن ڪاٺ جئن، مون کي اڄ مهڪاءِ​
    . (ص :45)​
    چندن جو ڪاٺ، جنهن ۾ پنهنجي هڪ منفرد خوشبوءِ هوندي آهي. چندن جو ڪاٺ چيربو آهي ته چوڌاري خوشبوءِ ڦهلجي ويندي آهي. شيخ اياز محبوب جي بدن جي مهڪ کي چندن جي خوشبوءِ سان ڀيٽ ڏئي ان کي هميشه لاءِ شعر ۾ عڪس بند ڪري ڇڏيو آهي. جنهن ڪري هن شعر کي پڙهڻ سان هڪ طرف چَندن جي خوشبوءِ جو احساس جاڳي ٿو پوي ته ٻئي طرف محبوب جي بدن جي خوشبوءِ احساسن کي مهڪائي ٿي ڇڏي. جنهن کي محسوس ڪرڻ سان پڙهندڙ جي سُنگهڻ واري حواس ۾ چندن جي خوشبوءِ سان گڏوگڏ محبوب جي بدن جي مهڪ جي يادگيري پڙهندڙ جي حواسن کي خوشبو خوشبو ڪري ٿي ڇڏي.

    6.مرڪب عڪس ( Complex Images):
    مرڪب عڪس بابت ڊاڪٽر تنوير عباسي لکي ٿو ته ،”شاعراڻو عڪس جيترو گهڻ- پاسائون هوندو اوتروگهڻن حواسن کي ڇهندو، اوترو ئي جامع ٿيندو ۽ ڪائنات جو اوترو ئي مڪمل نقشو پيش ڪندو.“ (16)
    ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي ڳالهه جي وضاحت هيٺئين مثال ذريعي واضع ڪجي ٿي.
    مثال طور؛- عڪس پيش ڪرڻ وقت جيڪڏهن ڪنهن گُل جي ٽڙڻ جو ذڪر ڪبو ته اهو رڳو نظر جي حواس ۾ تحرڪ پيدا ڪندو. يعني اهو رڳو نظري عڪس ٿيو ڄڻ نظر آيل گُل کي ٻيهر تخليق ڪيو ويو هجي. پر جي گُل جي ٽڙڻ سان گڏ ان جي خوشبوءِ جوذڪر به ڪيو وڃي. ۽ هيئن چيو وڃي ته ‘گُل ٽڙيو آهي ۽ چوڌاري ان جي خوشبوءِ ڦهلجي وئي آهي’ ته اهو عڪس نه رڳو نظر کي پر سُنگهڻ جي حواس کي به جاڳائيندو، پر جيڪڏهن اڃان به اڳتي وڌي هيئن چئجي ته’گُل ٽڙيو آهي، چوڌاري ان جي خوشبوءِ ڦهليل آهي ۽ اُتر جي ٿڌڙي هير گهلي رهي آهي.‘ ته اهو عڪس نظر ۽ سنگهڻ جي حواس سان گڏوگڏ ڇُهڻ جي حواس کي به جاڳائيندو. پر جي ان ۾ ٻُڌڻ جو عڪس به شامل ڪجي ۽ چئجي ته ’ گُل ٽڙيو آهي، چوڌاري ان جي خوشبوءِ ڦهلجي وئي آهي، اُتر جي ٿڌڙي هِير گهلي رهي آهي ۽ پکي وڻندڙ ٻوليون ڪري رهيا آهن‘ ته هيءُ عڪس ڏسڻ، سُنگهڻ، ۽ ڇُهڻ جي حواس سان گڏ ٻُڌڻ جي حواس کي به جاڳائيندو ۽ اهو عڪس اڃان به گهڻ- پاسائون ۽ جامع ٿيندو جيڪو هڪ ئي هنڌ پڙهندڙ جي چئن حواسن ۾ يادگيريون پيدا ڪندو. هن مثال مان مرڪب عڪس جي هيءَ وصف واضع ٿئي ٿي. لفظن جي اهڙي ترتيب جنهن ۾ هڪ ئي وقت هڪ کان وڌيڪ مختلف حواسن جا عڪس سمايل هجن، ان کي مرڪب عڪس (Complex Images) چئبوآهي.
    شيخ اياز جي واين ۾ اهڙا ڪيترائي عڪس موجود آهن جيڪي مرڪب عڪس آهن، سندس هڪ وائيءَ جو هي بند ۽ وراڻي غور سان پڙهو؛

    اُوندهه ، اُتر واءَ ۾ ،
    پاڻيءَ تي پنَ- جهڙ،
    پويان پاڇا رات جا
    ، (ص : 62)​

    هن بند ۾ اُوندههِ نظري عڪس آهي، اُتر واءُ، ڇُهڻ جو عڪس پيش ڪري ٿو، پاڻيءَ تي پنَ-جهڙ (پاڻيءَ تي پَنن جو ڇڻڻ) متحرڪ عڪس آهي. جنهن ۾ڄڻ ته پَن ڇڻندي نظر اچي رهيا آهن. جڏهن ته هن وائيءَ جي وراڻيءَ ’پويان پاڇا رات جا‘ ۾ به هڪ نظري عڪس پيش ڪيو ويو آهي.
    اُوندههِ جو ذڪر، اُتر جي واءَ جو ڇهاءُ، پاڻيءَ تي پَنن جو ڇڻڻ ۽ رات جو پويون پهر، هنن عڪسن ۾ ڏسڻ ۽ ڇُهڻ جي تحرڪ کي چوريو ويو آهي. جنهنڪري هيءُ عڪس رات جي ان نظاري جو هڪ جامع ۽ چِٽو نقشو پيش ڪري رهيو آهي. جنهن سان اکين اڳيان رات جي پوئين پهر دوران، اُتر واءَ ۾ پاڻيءَ تي پَنن ڇڻڻ جواحساس جاڳي ٿو پوي.
    اهڙي طرح شيخ اياز جي هن مجموعي مان هڪ ٻي وائيءَ جو هي بند ۽ ان جي وراڻي ڏسو؛

    ڏڍا تَتا ڏينهڙا،
    لات نه لَنوي ڪانءُ!
    (ص :53)​

    هن شعر جي پهرين سِٽ ’ڏاڍا تَتا ڏينهڙا‘ ڇُهڻ جو عڪس پيش ٿي ڪري، جنهن ۾ ڏينهن جي تپڻ واري گرميءَ جو احساس سمايل آهي. اهڙيءَ طرح ٻي سٽَ ’لات نه لَنوي ڪانءُ‘ آوازي عڪس (Auditory Image) پيش ٿي ڪري. لات جوتعلق ٻُڌڻ سان آهي، جڏهن ته تَتل ڏينهن جي نظاري ۽ ڪانءَ جي لات جي آواز جي پسمنظر ۾ هڪ نظري عڪس به موجود آهي. اهو آهي ’تَتل ڏينهن جي نظاري جو عڪس‘ جيڪو هڪ نظري پر (تصَوراتي عڪس) آهي.

    7.ٻٽا عڪس:
    ڊاڪٽر تنوير عباسي مٿي بيان ڪيل عڪسن جي باري ۾ لکي ٿو ته،”هي مختلف عڪس مختلف حواسن سان واسطو رکن ٿا، پرتڏهن به انهن جو ماحول هڪ ئي آهي. هڪ ئي ماڳ تان حاصل ڪيل ڌار ڌار حِسن جي باري ۾ آهن. ۽ پوءِ مختلف حِسن جي مليل جُليل معلومات کي گڏي ان ماڳ جو چِٽو ۽ گهڻَ- پاسائون نقشو پيش ٿا ڪن.“(17)
    جڏهن ته هن ٻٽن عڪسن جي حوالي سان مختلف يورپي ماهرن جا جيڪي رايا بيان ڪيا آهن. انهن مان ڪجهه هيٺ ڏجن ٿا. هو مشهور فرانسيسي فيلسوف برگسان جي حوالي سان لکي ٿو ته، ”گهڻا ئي مختلف عڪس جيڪي ڌارڌار جاين تان کنيا ويا هجن اهي شعور کي هڪ اهڙي نقطي تي مرڪوز ٿا ڪن جنهن مان هڪ قسم جو عرفان ٿو حاصل ٿئي” ۽ ڊاڪٽر تنوير عباسي هڪ ٻئي مشهور يورپي اسڪالر آرچيبالڊ مئڪليش جي حوالي سان لکي ٿو ته،“هڪ اڪيلوعڪس جذبي جي شدت نه ٿو پيدا ڪري پر عڪسَ يا عڪسن جي باري ۾Statement پيدا ڪري سگهن ٿا.“هو هڪ ٻيو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته، ”جيڪڏهن عڪس ۾ ڪو جذبوناهي ۽ جي اهو انهن عڪسن ۾ ناهي ته اهو ٻِن عڪسن جي وچ ۾ آهي.“ اهڙيءَ طرح هو هڪ وڌيڪ حوالو ڏيندي لکي ٿو ته، ”هڪ عڪس لفظن سان چِٽيو وڃي ٿو جيڪو ان (عڪس) کي اکين، ڪنن يا ڇُهڻ جي حواس جو حس ڏئي ٿو. ٻيوعڪس ان جي ڀر ۾ رکيو وڃي ٿو ته هڪ اهڙي معنى ٿي ظاهر ٿئي، جيڪا نه پهرين عڪس جي آهي نه ڪو ٻئي عڪس جي ، نه ئي وري ٻنهي جي جوڙ جي پر وچان ئي انهن جي لاڳاپي جي آهي.“ (18)
    جڏهن تهڊاڪٽرتنوير عباسيءَ ٻٽن عڪسن بابتمٿي بيان ڪيل حوالن جومَتن تفصيل سان هن طرح بيان ڪيو آهي؛

    ”حقيقت جي عرفان لاءِ انسان جا حواس رڳو سهارو آهن. گلاب جي گل جي حقيقت معلوم ڪرڻ لاءِ اکيون سندس روپ ۽ رنگ، نڪ سندس خوشبوءِ ۽ ڇُهڻ جو حواس سندس پنکڙين جي نرمي، لساڻ ۽ تازگيءَ جواحساس ٿا ڏين، پر گلاب ۾ رڳو روپ ناهي، رڳو رنگ گلاب ناهي، رڳو لساڻ، نرمي ۽ تازگي گلاب ناهن، اهي سڀ شيون گڏجي گلاب ٿيون ٺاهين. هي سڀ حواس ملي جلي ۽ گڏجي اسان کي گلاب جي باري ۾ معلومات ٿا ڏين. پر اهي ان جي رڳو مادي ڪيفيت ٿا ظاهر ڪن. حقيقت وحدت آهي، جنهن جي مليل جليل ايڪانڪيءَ ۾ هڪ پوپٽ گلاب جي مٿان ڦيرا ٿو ڏئي، ڪٿي پوپٽ ڪٿي گلاب! ٻه ڌارڌار شيون، هڪ گُل ته ٻيو جِيت، پر ٻنهي جو ميلاپ هڪ آفاقي عرفان ڏانهن اشارو ٿو ڪري، هڪ اهڙيءَ حقيقت ڏي جيڪا نه گلاب آهي ۽ نه پوپٽ، اها حقيقت وچان ئي ٽين آهي. ٻنهي جي وچ ۾، ۽ اها حقيقت آهي محبت - ته مختلف شيون هڪ ٽين حقيقت جي باري ۾ عرفان ٿيون ڏين. اهو آهي ٻٽن عڪسن جو ڪم.“ (19)
    حقيقت ۾ اهو عرفان ئي انساني شعور ۽ شاعريءَ جو معراج هوندو آهي، ان عرفان ذريعي ئي ڪائنات جي مظهرن ۽ مقصدن کي سمجهي سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته اهڙي شاعري ئي شين جي باهمي تعلق ۽ ٻن شين جي وچ ۾ موجود حقيقت طرف اشارو ڪندڙ هوندي آهي. جيڪا اصل شروعاتي شين کان مختلف هوندي به وڌيڪ اهم ۽ آفاقي هوندي آهي ۽ اهو عرفان ئي هوندو آهي، جنهن ذريعي اهوڪجهه ڏسي يا پسي سگهبو آهي جنهن کي عام اک ڏسڻ ۽ عام احساس محسوس ڪرڻ کان قاصر هوندو آهي. جيڪا شاعري ان عرفان کي نه ٿي رَسي اها ڪڏهن به آفاقيت ۽ ابديت جو مقام حاصل نه ٿي ڪري سگهي. بظاهر اها فني توڙي فڪري لحاظ کان ڀلي ڪيڏي به اهم ۽ وڻندڙ ڇونه هجي. ڇاڪاڻ ته رڳو حواسن کي کليل رکڻ سان ڪجهه نه ٿو ٿئي پر ان سان گڏ حواسن جي ذريعي حاصل ڪيل معلومات کي پنهنجي منَ ۾ رچائي ان مان ڪنهن مقصد ڏي اشارو ڪرڻ ئي اصل شاعري آهي. سموري سنڌي ڪلاسيڪي شاعري ان لحاظ کان ته تمام گهڻي شاهوڪار آهي ئي پرجڏهن اسان شيخ اياز جي مجموعي ‘ لڙيو سج لڪن ۾’ جو مطالعوڪريون ٿا ته سندس واين ۾ اسان کي اهڙا ڪيترائي شعر ملن ٿا جن ۾ هن ٻٽا عڪس پيش ڪري ڪنهن آفاقي يا بلڪل نيئن حقيقت کي سمجهڻ طرف اشارو ڪيو آهي.

    ووڙيندي مون واٽ،​

    لٿو سج لَڪن ۾، (ص :13 )​

    هن شعر جي پهرينءَ سٽَ ۾ نظري (متحرڪ) عڪس پيش ڪيو ويو آهي. ۽ ان جي ڀر ۾ وائيءَ جي وراڻيءَ جي صورت ۾ هڪ ٻيو نظري عڪس رکيو ويو آهي، جنهن ۾ سج لهڻ جي منظر کي عڪس بند ڪيو ويو آهي. پهرين عڪس ۾ سسئيءَ جي اڻانگهي سفر جي منظرڪشي ٿيل آهي. جيڪا پنهونءَ جا پارَ پڇائيندي، ان جي واٽ تلاش ڪندي نظر اچي رهي آهي. پر ان جي ڀر ۾’لڪن ۾ سج لهڻ‘وارو عڪس رکڻ سان شاعر هڪ ٻي معنى تخليق ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، اها ٻي ۽ نيئن معنى اها آهي ته ’سج لهي ويو پر مان پرينءَ کي نه ملي سگهيس.‘منهنجي تلاش جاري آهي. پر سج لهي ويو ۽ پرينءَ جي ڪائي خبر نه پئجي سگهي. مان پنهنجي پرينءَ سان نه ملي سگهيس. مان پنهنجي منزل حاصل ڪري نه سگهيس. سج ته روز لهي ويندو آهي، پر سسئي سفر ۾ آهي ۽ ان ڏينهن جي سج لهڻ واري عمل کي شاعر ڪيڏو نه معنى خيز بنائي پيش ڪيو آهي.‘ سج لهي ويو پر پرينءَ کي نه پهچي سگهيس. ان سان نه ملي سگهيس! ته هن شعر ۾ ٻه مختلف عڪس گڏ رکڻ سان جيڪا نئين آفاقي حقيقت پيش ڪرڻ جي ڪوشش ٿيل آهي. اها آهي پرينءَ سان نه ملي سگھڻ جي احساس مان جنم وٺندڙ اداسي، پرينءَ سان نه ملي سگهڻ جو ڏنگيندڙ احساس. شاعر ٻه مختلف نظري عڪس گڏ رکي پرينءَ سان نه ملي سگهڻ واري مايوسيءَ ۽ ناڪاميءَ جي احساس طرف اشارو ڪيو آهي. ۽ مايوسيءَ ۽ اداسيءَ جواهو احساس ئي هن شعر جو اصل عرفان ۽ منزل آهي.

    لڦُون لالُ ليار،
    ڪير چميندو چاهه مان؟
    (ص :34)​
    وائيءَ جي هن ٿلهه ۽ وراڻيءَ ۾ پڻ ٻه مختلف نظري عڪس هڪٻئي جي ڀرِ ۾ رکيا ويا آهن. پهرين سٽ ۾ هڪ نظري عڪس پيش ڪيو ويو آهي. جنهن کي پڙهڻ سان ئي اکين اڳيان اهي محنت ڪش هٿ تَري ٿا اچن جن تي مسلسل محنت ۽ پورهئي جي ڪري لڦون پئجي ويون آهن جيڪي ريٽي رَت يا لال ليار جهڙِيون نظر اچي رهيون آهن. اهڙِيءَ طرح وائيءَ جي وراڻيءَ ۾ پهرين عڪس سان گڏ ’هٿن کي چمڻ جو عڪس‘ رکيو ويو آهي. هي ٻئي نظري عڪس آهن. جن کي گڏ رکڻ سان هڪ نئين حقيقت رونما ٿي ٿئي. اها حقيقت آهي ’محنت ڪش هٿن سان محبت ڪرڻ جي حقيقت‘، ’محنت جو قدر ڪرڻ جي حقيقت‘. ڏسو ته شاعر هي ٻئي عڪس گڏ رکي هڪ نئين آفاقي حقيقت طرف اشارو ڪري رهيو آهي. يعنى ’محنت ۽ محبت‘ يا ’محنت سان محبت‘. اهو ئي هن شعر جو اصل مول ۽ مَتو آهي. جنهن کي اسان هن شعر جو عرفان چئون ٿا.

    نيٺ ته بادل برسيا،
    ٻُور جهليو ٻُوهن،
    وٺا مينهن ملير تي.
    (ص : 81)​

    هي شعر پهريان به نظري عڪس جي طور تي زيرِ بعث اچي چڪو آهي. پر هن شعر ۾ ٻٽا عڪس پڻ پيش ڪيا ويا ويا آهن. انڪري هتي هن شعر کي ٻٽي عڪس جي طور تي به بعث هيٺ آندو وڃي ٿو. هن شعر ۾ ٽي مختلف نظري عڪس پيش ڪيا ويا آهن.’بادلن جو برسڻ‘، ’ٻُوهن جو ٻُور جهلڻ‘ ۽ ’ملير تي مِينهن جو وسڻ‘ هي ٽئي نظري عڪس آهن. پر پهرين سِٽ ۾ لفظ ’نيٺ ته‘ ۾ ئي هن شعر جو عرفان ۽ اصل مقصد سمايل آهي. اهو عرفان آهي؛ انتظار، آس، مِينهن جو اوسيئڙو! اهڙيءَ طرح ٻي ۽ ٽين سِٽ ۾ ’ٻور جهليا ٻُوهن‘ ۽ ’وُٺا مينهن ملير تي‘ جو عرفان آهي خوشي، سرهائي، ۽ خوشحالي. اها خوشحالي جيڪا تمام ڊگهي انتظار ۽ اوسيئڙي کان پوءِ اڃايل ٿَر تي مِينهن جي وسڻ سان جهڳمڳائڻ لڳندي آهي.
    هن شعر مان معلوم ٿئي ٿو ته شاعر جڏهن ’ِمينهن وسڻ‘ جي عڪس جي ڀرسان ’ٻوهن جي ٻُور جهلڻ‘ وارو نظري عڪس رکيو آهي ته ٻنهي جي وچ ۾ هڪ ربط يا تعلق ڀري حقيقت ظاهر ٿي پئي آهي اها آهي ’خوشي ۽ خوشحالي.‘ ۽ اها خوشي يا خوشحالي ئي هن شعر جواصل عرفان آهي

    نتيجا:
    شيخ اياز جي هن مجموعي ’لڙيو سج لڪن ۾‘ مان هي تمام ٿورا عڪس زيرِ بعث آندا ويا آهن. جڏهن ته سندس شاعريءَ جي ٻين مجموعن جو مطالعوڪجي ٿو ته سندس سموري شاعري رنگ برنگي عڪسن جي ست رنگي انڊ لٺ جيان محسوس ٿي ٿئي. جيڪڏهن شيخ اياز کي بطور عڪسي شاعر طور ڏٺو يا پرکيو وڃي تڏهن به هو دنيا جي بهترين عڪسي شاعرن جي صِف ۾ اڳيان ڳيان بيٺل نظر ايندو. ڇاڪاڻ ته سندس شاعريءَ جون پاڙون سنڌ جي ان سڀاڳي سرزمين ۾ کُتل آهن، جنهن جي سونهن ۽ سوڀيا جا رنگ عڪسن جي صورت ۾ شيخ اياز جي شاعريءَ جو ازلي حسن بنجي مهڪي رهيا آهن. شيخ اياز جي عڪسي شاعري ان ڳالهه جو واضع مثال آهي ته هر حالت ۾ سندس سمورا حواس سجاڳ رهيا آهن. جن پنهنجي ڌرتيءَ جي سونهن، سرهاڻ ۽ خوبصورتيءَ جا عڪس به جهٽيا آهن ته ديس جي دردن اهنجن ۽ تڪيلفن جا منظر به عڪس بند ڪيا آهن، ۽ هي انهن عڪسن جا مختلف تاثر ٻيهر پيدا ڪرڻ ۾ نه صرف انتهائي ڪامياب ويو آهي پر انهن تي پنهنجي مخصوص اسلوب ۽ اندازجو اثر قائم رکڻ ۾ سوڀارو به رهيو آهي.

    حوالا:
    (1) جويو، تاج، 1993ع،”نيڻ مهٽي خيال جاڳيا“ ،ڪنڊيارو، روشني پبليڪيشن،ص: 32.
    (2) عباسي،تنوير،2015ع، ”شاهه لطيف جي شاعري“، ڪنڊيارو، روشني پبليڪيشن، ص: 56-155.
    (3) ايضاً، ص: 56-155.
    (4) ايضاً، ص: 157
    (5) جويو، تاج، 1993ع،”نيڻ مهٽي خيال جاڳيا“،ڪنڊيارو، روشني پبليڪيشن،ص: 33.
    (6) ايضاً،ص: 34.
    (7) ايضاً،ص: 33-32.
    (8) عباسي،تنوير،2015ع،” شاهه لطيف جي شاعري“، ڪنڊيارو، روشني پبليڪيشن، ص: 58- 157.
    (9) ايضاً،ص: 158.
    (10) ايضاً،ص: 156
    (11) ايضاً،ص: 161
    (12) ايضاً،ص: 161
    (13) ايضاً،ص: 175
    (14) ايضاً،ص: 184
    (15) ايضاً،ص: 177
    (16) ايضاً،ص: 188
    (17) ايضاً،ص: 191
    (18) ايضاً،ص:192
    (19) ايضاً، ص: 192-93


    مددي ڪتاب:

    (1) شيخ اياز، 2008ع، ”لڙيوسج لڪن ۾“، ڪنڊيارو، روشني پبليڪيشن.
    (2) ڇهه ماهي ”ڪارونجھر“، ايڊيٽر:( ڊاڪٽر،ڪمال ڄامڙو)، جون، 2015ع، جلد:7، ڪراچي، وفاقي اردو يونيورسٽي آف آرٽس،سانئس اينڊ ڪامرس، باباءِ اردو روڊ ڪراچي،سنڌ.
    (3) لاشاري، مبارڪ،”عڪس تصوير ۽ نمائندگي“ ، ماهوار پرک، مارچ: 2013ع

    *****
     
    عبدالغني لوهار هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو