مرتضيٰ ناز؛ The Impacts of Progressivism on Ahmed Solangi’s Poetry احمد سولنگيءَ جي شاعريءَ تي ترقي پسند فڪر جا اثر (Abstract) The theory of progressivism has a long history in world literature. Scholars of different countries of the world have been writing on the theory of progressivism a lot. None of them, has been able to deny from it’s literary significance and influence. Almost the whole literature of the world accepted the influences of this theory. Likely, Sindhi literature has been influenced with the theory of progressivism. Specially, The Modern Sindhi poetryis the reflection of the theory of progressivism. Ahemd Solangi is a poet of modern era of sindhi poetry. He has his own way of presenting the poetic thoughts in a unique dialect and diction. Basically, he is a romantic poet but his poetic arena is spread on the vast scale. His poetry deems the collection of humanism, romanticism and patriotism, which are the fundamental elements of progressivism. While poverty, social injustice, humanity, peace and harmony, universalism, romance and affection with Sindh, are main simulations of his poetry. His poetry has been appreciated both in Sindh and other countries of the world like India very much. Giving the critic opinion on the back title of poetry collection of Ahemd Solangi “Khawab Awara Pakhi” the renowned, Sindhi writer and Critic Luxman Komal says, “Ahmed Solangi’s poems are noted for sharpness of content and precision of form, presenting an intellectual and emotional complex in an instant of time. Through all the details of Ahmed Solangi’s poetry, there runs a deep current of human values, which overpasses all the tangles and lead us to a poet, who had transcended the limitations of ‘time and space. With arrival of Ahmed Solangi on Sindhi poetic scene, a new dawn has emerged on the wings of Sindhi poetry. His poetry rears up like a towering new wave in the ocean of Sindhi poetic thought and diction, which is a symbol of a battle for the future of mankind.” The impact of progressivism on Ahmed Solangi’s poetry collection “Khawab Awara Pakhi” has been analytically reviewed here in this research article. دنيا جي سموري ادب تي ترقي پسند فڪر جو اثر واضع ۽ نمايان نظر اچي ٿو. اهڙيءَ طرح سنڌي ادب تي به ان فڪر جا اثر چٽا نظر اچي رهيا آهن. جديد سنڌي شاعريءَ تي ترقي پسند فڪر جا اثر وڌيڪ واضع ۽ پختا آهن. اهو ئي سبب آهي جو موجوده دور جا سنڌي شاعر شعوري يا لاشعروي طور تي ترقي پسند فڪر جي ئي پرچار ڪري رهيا آهن. احمد سولنگي جديد سنڌي شاعريءَ جو نمائندو شاعر ليکيو وڃي ٿو. جنهن وٽ پنهنجوهڪ الڳ انداز ۽ اسلوب آهي، جيڪو عام رواجي جدت کان مخلتف ۽ نرالو آهي. سندس شاعريءَ جا فني ۽ فڪري پهلو هڪ الڳ منظر نامي جي ڏِک ڏين ٿا. جڏهن ته سندس خيال جي اڻت، ٻوليءَ جو استعمال ۽ شعري گهاڙيٽو نه صرف سادو ۽ منفرد آهي، پر انتهائي وقتائتو ۽ اثرانگيز به آهي. احمد سولنگي بنيادي طور تي هڪ رومانوي شاعر آهي، پر هن وٽ رومانويت جو تصور عام شاعرن کان مختلف ۽ وسيع آهي. اهو ئي سبب آهي جو موجوده ٽهيءَ جا ڪيترائي جونيئر شاعر احمد جي اسلوب ۽ انداز جي تقليد ۾ رڌل نظر اچن ٿا. جيڪي احمد جي اثر کان پنهنجو پانڌ آجو ڪري نه سگهيا آهن. احمد جي گھڙيل واٽ جديد سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ نئين منظر نامي جو مظهر آهي. سندس شاعريءَ ۾ انسان دوستي، محبت، انساني ڀائچارو، غربت، عالمگير مسئلا، ۽ موجوده دور جي سماجي زندگيءَ جا انيڪ عڪس موجود آهن، جنهن ۾ معاشري جا ڪيترائي دکائڪ پهلو به شامل آهن. احمد سولنگي جتي خوبصورت تخَيل ۽ تصور جو شاعر آهي، اتي انساني زندگيءَ جوترجمان به آهي. سندس شاعريءَ ۾ ٻين فڪرن سان گڏوگڏ ترقي پسند فڪر وڌيڪ نمايان ۽ واضع نظر اچي ٿو. هن تحقيقي مقالي ۾ احمد سولنگيءَ جي شعري مجموعي”خواب آوا پکي“ ۾ موجود سندس شاعريءَ تي ترقي پسند فڪر جو تنقيدي جائزو ورتو ويو آهي، جنهن سان سندس شاعريءَ جا ڪيترائي جديد ۽ ترقي پسند پهلو سامهون اچن ٿا. پر ان کان اڳ اهو معلوم ڪرڻ ضروري آهي ته ترقي پسندي ڇا آهي ۽ دنيا جي ادب ۾ ان جي اهميت ڪهڙي آهي. ترقي پسنديءَ جي معنيٰ ۽ مفهوم: ’ترقي پسند‘ اصطلاح جي وضاحت مختلف ماهرن پنهنجي پنهنجي انداز سان ڪئي آهي. انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا ۾ ترقي پسند فڪر جي وضاحت هن طرح ٿيل آهي، ” جڏهن پراڻ پسندي ۽ ڪٽر مذهبي خيالن جي رد ۾ روشن خياليءَ (Enlightenment) جنم ورتو جنهن انساني حقن آزادي، جهموريت ۽ برابريءَ جي تصور کي مضبوط ڪيو، تڏهن ان نئين فڪر هيٺ انسان فوق البشر نظرين جي ڀيٽ ۾ فطري ،عقلي ۽ دنوي يا زميني نظرين کي اهميت ڏني. ان نئين فڪر جو جيڪو يقيني ۽ پختو نتيجو نڪتو، ان ترقيءَ (Progress) يا انساني رتبي جي واڌاري جو هڪ نئون نظريو ڏنو. هن نظريي کي ترقيءَ جو نظريو (Doctrine of Progress) سڏيو ويو. ۽ ان نظريي ۽ خيال تي ئي ترقي- پسندي (Progressiveness) ۽ ترقي پسند ادب (Progressive Literature) جا نظريا ٺهيا.“(1) سنڌي ٻوليءَ جي ناليواري محقق محترم الهداد ٻوهيي به ترقي پسندي (Progressivism) جي نظريي جي باري ۾ ساڳيءَ ئي راءِ جو اظهار ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ هو پنهنجي ڪتاب، ’ادب جا محرڪ‘ ۾ لکي ٿو ته،”نئين فڪر جو جيڪو پختو ۽ يقيني نتيجو نڪتو، تنهن ترقي (Progress) يا انساني مرتبي جي واڌاري جو هڪ نئون نظريو ڏنو. هن نظريي کي ترقيءَ جو نظريو (Doctrine of Progress) سڏيو ويو. ۽ اهو ئي اهو نظريو يا خيال آهي. جنهن تي ترقي پسنديءَ يا ”ترقي پسند ادب“ جا نظريا ٺهيا. (2) ناميارو سنڌي ليکڪ ۽ ڏاهو محمد ابراهيم جويو ترقي پسنديءَ بابت لکي ٿو ته،”جديد تهذيب ۽ ان جي ترقيءَ ۾ مڪمل يقين ئي صحيح ترقي پسندي آهي.“(3) جڏهن ته ڊاڪٽر غفور ميمڻ پنهنجي (Ph.D.) مقالي ۾ ’ترقي پسندي‘ جي اصطلاح بابت هن طرح لکي ٿو، ”ترقي پسندي هڪ جامع ۽ متحرڪ اصطلاح آهي، ترقي پسندي هڪ رويو، لاڙو ۽ تحريڪ آهي، جيڪا هر دور ۾ موجود رهي آهي. ترقي پسندي ڪو موجوده دور جو محدود رويو ناهي، نه وري ان جو دائرو محدود آهي.“ (4) ڊاڪٽر غفور ميمڻ اڳتي هلي ترقي پسندي جي اصطلاح کي مختصر طور تي بيان ڪندي لکي ٿو ته،”انسان جي جيئڻ جي ڍنگ جي باري ۾ اهو رويو جنهن جو بنياد سائنس تي هجي، ان کي ترقي پسندي چيو ويو.“ (5) مٿي بيان ڪيل عالمن جي راين جو نچوڙ هن طرح ڪڍي سگهجي ٿو ته، ’سوچ جو اهڙو انداز يا رويو جيڪو انساني شعور کي ترقيءَ جي رستي تي هلڻ ۾ ڪارآمد ثابت ٿئي ۽ انساني شعور جي تڪميل جي راهه جديد انداز سان هموار ڪري ان کي ترقي پسندي سڏجي ٿو.‘ يا ترقي پسندي ان سوچ يا روَيي جو نالو آهي جيڪو انساني سوچ ۾ وقت جي حالتن مطابق نواڻ پيدا ڪري، ان کي سماجي حالتن جي شعور ذريعي ترقيءَ جي راهه تي هلڻ لاءِ آماده ڪري ان کي ترقي پسندي سڏجي ٿو. انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا ۾ ذڪر ڪيل ترقي پسنديءَ جي مفهوم مان هڪ ڳالهه واضع ٿئي ٿي ته انساني حقن ۽ آزاديءَ لاءِ دنياوي ترقي ئي انساني سوچ جي تڪميل جي ضامن آهي. جڏهن ته وقتي حالتن ۽ سماجي تبديلين پٽاندر سوچ جي’نواڻ يا جدت‘ (Thinking innovation) ترقي پسنديءَ جو اهم جز يا بنيادي عنصر آهي. ۽ ان مقصد تحت سرجيل يا ان مقصد جي حصول جو شعور پيدا ڪندڙ ادب کي ترقي پسند ادب سمجهيو وڃي ٿو. ترقي پسند فڪر جا مول ۽ متا؛ هر نظريي يا منشور جون ڪي اهم ۽ بنيادي خصوصيتون هونديون آهن، جن تي ان نظريي جو بنياد رکيل هوندو آهي. انهن کي ان نظريي يا منشور جا مول ۽ متا سڏيو ويندو آهي. ترقي پسند نظريي جو بنياد به اهڙن پنجن اهم نقطن تي رکيل آهي. محترم الهداد ٻوهيي ترقي پسند نطريي جا هيٺيان پنج بنيادي نقطا ڄاڻايا آهن؛ (1) انسان جي عظمت ۽ تڪميل جو سوال ان جي زندگيءَ ۾، انساني ماحول اندر هن دنيا ۾ حل ٿيڻو آهي. (2) انسان ترقي ڪندڙ آهي ۽ هميشه بهتر کان بهتر ماحول ۽ نظام جي تلاش ۾ رهي ٿو. (3) هٿرادو ۽ غير فطري طريقن سان اڏيل ظالماڻو نظام هر حالت ۾ تباهه ٿيڻو آهي. ۽ دنوي طريقن سان انسان دوست نظام قائم ٿيڻو آهي. (4) انسان جي ترقيءَ جو راز بهتر وسيلن جي بهتر استعمال ۾ لڪل آهي. (5) سماجي ۽ اقتصادي حالتن کي جدا نه ٿو ڪري سگهجي.(6) ترقي پسنديءَ جي تاريخ ۽ ارتقا: عام طور تي اهو سمجهيو ويندو آهي ته ترقي پسنديءَ جو نظريو مارڪسي تحريڪ يا مارڪس ازم جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيو يا اهو نئين دور جي پيداوار آهي. پر حقيقت ۾ ترقي پسنديءَ جي تاريخ انساني شعور جيتري ئي پراڻي آهي. ٻيو ته ترقي پسندي ڪنهن به ادبي يا سياسي نظريي جي پيداوار نه آهي، پر اها بنيادي طورتي انساني سوچ جو اهو طرزِ عمل آهي، جنهن هر دور ۽ هروقت ۾ انسان کي ڪنهن نئين حقيقت کي دريافت ڪرڻ لاءِ شعوري رهنمائي پئي ڪئي آهي. ان ڏس ۾ مختلف ماهرن پنهنجي پنهنجي راءِ جو اظهار به پئي ڪيو آهي، ڊاڪٽر غفور ميمڻ ترقي پسنديءَ جي تاريخ ۽ ارتقا بابت پنهنجا ويچار ونڊيندي لکي ٿو ته،” انسان فطرت جي غلاميءَ ۽ بي وسيءَ کان جيئن آزاد ٿيڻ شروع ٿيو آهي ۽ فطرت جي انڌن قانونن سان مهاڏو اٽڪائيندي سک ۽ سهولت واري زندگيءَ ۾ قدم رکيو اٿس تيئن هو ترقي پسنديءَ جي رستي تي هليو آهي.“(7) جڏهن ته ڊاڪٽر صاحب ترقي پسند نظريي تي مارڪس ازم جي اثر بابت لکي ٿو ته، ”ترقي پسند تحريڪ جو محرڪ فڪر جيڪو اڳتي هلي ترقي پسند تحريڪ جو جوهر سمجهيو ويو بلڪه ترقي پسنديءَ واري اصطلاح کي انهي فڪر سان ئي منسوب ڪيو ويو سو هو مارڪس ازم“(8) ڊاڪٽر نور افروز خواجه پنهنجي پي. ايڇ. ڊي ٿيسز ۾ ترقي پسنديءَ جي تاريخ ۽ ارتقا بابت پنهنجو اظهار هن ريت ڪيو آهي، ”ترقي پسند نظريي جو ويچار مارڪسي نظريي جي بنيادن تي ٻڌل نه آهي. پر ترقيءَ جو ويچار بذاتِ خود هڪ نسبتي ويچار آهي. ڇاڪاڻ ته انسان پنهنجي ابتدا کان وٺي بتدريج ترقي ڪندو رهيو آهي.“(9) ڊاڪٽر نور افررز خواجه جي راءِ مان اها ڳالهه واضع ٿئي ٿي ته ترقي پسنديءَ جو نظريو ڪنهن ٻئي نظريي يا تحريڪ جي پيداوار نه آهي، پر اهو پنهنجي جوهر ۾ انسان جو هڪ الڳ شعوري روَيو آهي، جيڪو شروع کان وٺي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ انساني سوچ جي ترقيءَ ۾ ڪارفرما رهيو آهي. جڏهن ته ان ڳالهه جو ٻيو اهم پهلو اهو آهي ته ترقي پسنديءَ جي نظريي کي ڪنهن هڪ دور تائين محدود ڪري ان کي ڪنهن مخصوص دور جي پيداور قرار نه ٿو ڏئي سگهجي. البته ڊاڪٽر غفور ميمڻ جي خيال مطابق ترقي پسنديءَ جو فڪر شروع کان ئي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ موجود رهيو آهي، جنهن کي اڳتي هلي مارڪس ازم تمام گھڻي هٿي ڏني. جنهن ڪري اهو رجحان باضابطه طور تي ادبي نظريي جي حيثيت سان ادب ۾ نه صرف متعارف ٿيو پر دنيا جي ادب تي تمام گھڻو اثرانداز به ٿيو. برطانيه ۽ فرانس جو جاگيرداريءَ خلاف 1789ع وارو انقلاب هڪ ترقي پسند عمل هو. اهڙي طرح ان وقت جي مفڪر؛ ڊيڪارٽ، جان لاڪ، روسو ۽ هابليءَ کان وٺي لطيف تائين سمورا مفڪر پنهنجي پنهنجي دور جا روشن خيال ۽ ترقي پسند ذهن هئا. جن مدي خارج روايتن خلاف انساني شعور جو جديد ۽ سڌريل فڪر ڏنو. جنهن جي نتيجي ۾ سرمائيداري نظام پنهنجو مُدو پورو ڪري هڪ دور ۾ داخل ٿيو. ان کان پوءِ فطري طرح هڪ نئون نظام وجود ۾ اچڻو هو ته ان دوران ڪارل مارڪس ڪميونزم جو نظريو ڏئي جدلياتي ماديت جو فلسفو پيش ڪيو. جيڪو معاشي ۽ سماجي حالتن کي سمجهڻ ۾ مفيد ثابت ٿيو. اهو نظريو ۽ ان جي حمايت به ان وقت جي ترقي پسندي هئي. اهڙيءَ طرح لينين جي قيادت ۾، سويت يونين جي 1917ع واري آڪٽوبر انقلاب جي نتيجي ۾ سموري دنيا ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي. هڪ طرف سرمائيداري ۽ ٻئي طرف سوشلسٽ سوچ هئي. ٻه متضاد سوچون يا مخالف رويا پيدا ٿيا. اهڙي صورتحال ۾ سوشلزم لاءِ جدوجهد ۽ ان جي حمايت ڪرڻ ۽ ادب ۾ سوشلزم جي پرچار ڪرڻ به ان وقت جي ترقي پسندي هئي. يورپ ۾ فاشسزم جي رجحان سبب جرمنيءَ جي شهر برلن ۾ ڪتاب ساڙيا ويا. ان صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ 20 صديءَ جي ٽئين ڏهاڪي ۾ ترقي پسند فڪر تحريڪ جي صورت اختيار ڪئي. جنهن جو مقصد دنوي شين ۽ ادب جي اهميت کي بچائڻ هو، جنهن جو باقائدي آغاز ’رومان رولان‘، ’ٿامس مان‘، ’هينري بربوس‘ ۽ ان فڪر جي پيروڪار ٻين ليکڪن جي 1935ع ۾ پيرس واري بين الاقوامي ڪانفرنس سان ٿيو. ان کان پوءِ ايم. فاسٽر، فرانسيسي دانشور،اندري مالرو، جرمنيءَ جي ٿامس مان ۽ روس جي مئڪسم گورڪيءَ ان تحريڪ کي اڳتي وڌائيندي، 1939ع ۾ لنڊن ۾ اينٽي فاشسٽ ليکڪن جي ڪانفرنس سڏائي. ان وقت هندوستان جو سيد سجاد ظهير ۽ ڪرشن چندر، لنڊن ۾ پڙهندا هئا. ٻنهي ترقي پسند تحريڪ جي مختلف ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪئي. جنهنڪري مٿن ترقي پسند تحريڪ جو اثر ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ سجاد ظهير اپريل 1936ع ۾ لکنوءَ ۾ ترقي پسند ليکڪن جي ڪانفرنس سڏائي. جنهن جي صدارت منشي پريمچند کان ڪرايائين. ان ڪانفرنس ۾ سنڌ مان سنڌ جي ناليواري ليکڪ ۽ دانشور حشوڪيولراماڻيءَ شرڪت ڪئي. لکنوءَ ڪانفرنس ۾ منشي پريمچند جي صدارتي تقرير سان ترقي پسند ادب کي نئو رخ مليو. هن چيو ته،” اسان کي سندرتا جي ڪسوٽي ۽ پيمانو بدلائڻو پوندو.“(10) سنڌي ادب ۾ ترقي پسند تحريڪ جا اثر 1942ع کان باقائدي نظر اچن ٿا. جڏهن ته ان کان اڳ ڪشنچند بيوس جي شعري مجموعي”شيرين شعر“ (1929ع) ۽ حيدربخش جتوئيءَ جي شاعريءَ ۾ ترقي پسند فڪر جا اثر موجود آهن. سنڌي ادب جي جديد شاعريءَ ۽ ڪهاڻيءَ تي ترقي پسند فڪر جا اثر وڌيڪ نظر ٿا اچن. سنڌي ادب ۾ ترقي پسند فڪر کي ابراهيم جويي، جي. ايم. سيد، شيخ اياز، شيخ عبدالرزاق راز، گوبند مالهيءَ، ڪرشن کٽواڻيءَ ۽ ٻين اديبن اڳتي وڌايو. محمد ابراهيم جويي جي ادارت ۾ نڪرندڙ ترقي پسند رسالي” اڳتي قدم“ ان ڏس ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو. اهڙيءَ طرح سنڌي ادب ۾ ترقي پسند فڪر جي تاريخ ڪشنچند بيوس ۽ شيخ اياز کان وٺي موجودهه ٽهيءَ جي نمائنده شاعر احمد سولنگيءَ ۽ ان جي همعصر جديد شاعرن تائين پکڙي پئي آهي، جيڪي پنهنجي شاعريءَ وسيلي ترقي پسند فڪر جي پرچار نت نئين انداز ۽ اسلوب سان ڪري رهيا آهن. ترقي پسند نطريي جي ادبي وسعت: ترقي پسند نظريي جي ادبي وسعت بابت سنڌي ٻوليءَ جو برک ليکڪ محمّد ابراهيم جويو لکي ٿو ته،” ترقي پسند ادب، صرف انقلابي ادب نه آهي، انقلابي ادب کي به پنهنجو معيار آهي ۽ اهو صرف هاري مزدور انقلاب زندهه باد جي نعري تائين محدود نه آهي. اسان کي ڏسڻو آهي، ته انقلابي اديب، پنهنجي ڪهاڻيءَ يا شعر ۾، ڪيتري دلڪشي پيدا ڪري سگهيو آهي، ۽ ڪيتريقدر اسان جي جذبن ۽ احساسن کي اٿلائي پٿلائي، طنز ومزاح، فطرت نگاري ۽ رومانيت، لکڻيءَ جي لچڪ ۽ مضمون جي انفراديت ۽ نزاڪت رستي، اسان جي دل دماغ تي ڇانئجي، اسان کي انقلاب لاءِ آماده ڪري سگهيو آهي.“ (11) جويي صاحب جي راءِ موجب ترقي پسند ادب فقط هاري ۽ مزدور جي حقن جي حصول ۽ انقلاب زندهه آباد تائين محدود نه آهي، پر ادب ۾ تخيلاتي دلڪشي، موضوعاتي نزاڪت، فطرت نگاريءَ جي نواڻ، فني ۽ فڪري جدت سان گڏو گڏ مضمون، ٻوليءَ ۽ اسلوب جي انفراديت جا اهي پهلو جيڪي پڙهندڙ يا ٻڌندڙ جي احساسن ۽ جذبن ۾ ڪو تحرڪ پيدا ڪري سگهن ته اهي سڀ عنصر ترقي پسند ادب جا بنيادي جز آهن. ان جو مطلب هي آهي ته روايتي طور تي ترقي پسند ادب کي انقلابي ادب جي مفهوم تائين محدود سمجهڻ درست نه آهي. جنهن مان اهو واضع ٿئي ٿو ته ترقي پسند ادب جو دائرو هر قسم جي ادبي روايتن ۾ غيرمعمولي تبديلين ۽ نواڻ پسنديءَ جي حد تائين وسيع آهي. ترقي پسند سوچ، روايت پڻي جي سينواريل پاڻيءَ ۾ نواڻ ۽ جدت جي لهرن پيدا ڪرڻ جو نالو آهي. جنهن ۾ آزاد، خوشحال ۽ انساني عظمت ۽ ڀائيچاري تي مشتمل زندگيءَ سان وابسته هر قسم جا موضوع سمائي سگهجن ٿا. ترقي پسند فڪر جي معنيٰ، مفهوم ۽ ارتقا کان پوءِ جديد سنڌي شاعريءَ جي نمائنده شاعر احمد سولنگيءَ جي شاعريءَ ۾ ترقي پسند فڪر جو جائزو وٺي معلوم ڪريون ٿا ته احمد سولنگيءَ جي شاعريءَ تي ترقي پسند سوچ جو ڪيترو اثر آهي. جديد سنڌي شاعريءَ جي سڀ کان اهم خوبي اها آهي ته اها زندگيءَ جي دکائڪ ۽ دلنشين پهلوئن جي اصلي ۽ حقيقي تصوير پيش ڪرڻ جي صلاحيت سان مالا مال آهي. ان ڏس ۾ جديد ٽهيءَ جا شاعر انتهائي سُچيت ۽ باصلاحيت آهن، جيڪي پنهنجي صلاحيتن جو اظهار ڀرپور انداز سان ڪري رهيا آهن. احمد سولنگي اهڙن شاعرن جي صف ۾ اڳيان اڳيان نظر اچي رهيو آهي. جنهن وٽ روشن خيال ۽ ترقي پسند شعور جي طفيل، پنهنجي منفرد اسلوب، ٻولي ۽ خيال جي ندرت جي ڪري هڪ الڳ شاعراڻي حيثيت ۽ سڃاڻپ آهي. سندس شاعريءَ جا موضوع اَڇوهيل، منفرد ۽ عالمگير سطح جا آهن. جن جو مرڪز ۽ محور انسان، انساني سماج، طبقاتي نظام، پيار محبت، انسان جي عظمت ۽ انساني ڀائيچاري جا موضوع آهن، جيڪي هڪ ترقي پسند ۽ روشن خيال شاعر جي بينادي وٿَ هوندا آهن. جئين اڳ ۾ بيان ٿي چڪو ته ترقي پسند تحريڪ يورپ ۾ مذهبي هڪ هٽيءَ ۽ اجاراداريءَ جي ردعمل جي نتيجي ۾منظم طور تي اُسري سامهون آئي، جنهن جو بنيادي مول ۽ متو انسانيت کي مذهبي غلاميءَ ۽ دقيانوسيت مان آزاد ڪرائي، روشن خيال ۽ ترقي پسند سوچ ذريعي انساني ڀائيچارو ۽ باهمي هم آهنگي پيدا ڪرڻ هو. احمد سولنگيءَ جي هيٺئين نظم ۾ ترقي پسند سوچ جو اهو ئي بنيادي مول ۽ متو نظر اچي رهيو آهي؛ پوپَ کي ڪهڙي خبر؟ هر چرچ کي هر روز ٿو پوچو لڳي، ڄڻ فرش ٿو شيشو لڳي. مريمَ، مسيحا جي اڇوتي لڙڪ سان، ڌوتي سڄي ڌرتي مگر، جيڪي صليبن تان ڳَڙي رت ڦڙا پٽ تي پيا، ڪنهن کان سي نه ڌوپي سگهيا! سو ريج ريٽي رَت جو، جنهن مان ڦٽي ٿو ڪڻڪ جو ڪو سنگ سونو، ٿو ڀري ڄڻ پيٽ جنهن مان ڪو بکيو! جنهن چرچ ۾ گھاريو گھڻو، تنهن پوپ کي ڪهڙي خبر؟ اهڙي مِٽي آ هر ڪليسا کان مٿي! (خواب آواز پکي، صفحو؛107) احمد سولنگيءَ جي مٿئين نظم ۾ مذهبي رجعت پسندي ۽ دقيانوسيت جي نندا ڪئي وئي آهي، ترقي پسند دانشورن جو خيال آهي ته انسانذات تي مذهبي اجاراداري برقرار رکڻ لاءِ مذهبي رجعت پسندي هيمشه کان انساني شعور جي ترقي ۽ تڪميل ۾رڪاوٽ بڻيل آهي، جنهنڪري شعور ۽ فڪر جي ترقيءَ ۽ تڪميل لاءِ انسان ۾ جدوجهد جو اتساهه پيدا نه ٿو ٿئي. نتيجي طور انسانيت؛ غربت، جهالت ۽ بيروزگاريءَ جي ور چڙهندي پئي وڃي. ٻي اهم ڳالهه اها آهي ته هن نظم ۾ پوپ ۽ ڪليسا کي علامتي طور تي استعمال ڪيو ويو آهي، جنهنڪري هن نظم جو فڪري دائرو نه صرف زمان ۽ مڪان جي حدن کان وسيع ٿي ويوآهي، پر ان ۾ روشن خياليءَ ۽ ترقي پسند فڪر جي شعوري اڇل به موجود آهي. جيڪا ترقي پسند فڪر جي پرچار جو جديد ۽ اڇوتو انداز محسوس ٿي رهي آهي. اهڙيءَ طرح احمد سولنگيءَ هيٺئين غزل ۾ به مذهبي رجعت پسنديءَ جي نندا ڪندي، جدوجهد، محنت ۽ جستجوءَ جو اتساهه پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڇاڪاڻ ته وٽس ترقي پسند فڪر موجود آهي، جنهن جي معرفت هو انساني شعور جي ترقيءَ لاءِ محنت جي عظمت ۽ جستجوءَ کي تمام اهم ٿو سمجهي. هن جي ڪعبي، ڪليسا کان، هيءَ گھٽي محترم آهي. هن لڦن کي وڪيو ناهي، آدمي محترم آهي. مانَ سان جا ملي ماني، (خواب آواز پکي، صفحو؛ 130 ) مٿئين غزل ۾ احمد سولنگيءَ محنت جي عظمت بيان ڪندي، زندگيءَ ۾ جدوجهد ۽ جستجوءَ جو اتساهه پيدا ڪيو آهي. هو محنت ڪش هٿَن کي احترام جي قابل ٿو سمجهي. ان سان گڏو گڏ هن غزل مان انساني عظمت ۽ انسانيت جي حقيقي تشخص جو شعور ٿو ڦٽي، جيڪو پڻ روشن خيال ۽ ترقي پسند سوچ جو بنيادي محرڪ آهي. جڏهن ته احمد سولنگيءَ جي سوچ مطابق جيڪو انسان تڪليفن کي برداشت ڪري به پنهنجي ڪم ۽ زندگيءَ جي نصب العين سان سچو آهي، اهو ماڻهو عزت ۽ احترام جي لائق آهي. احمد سولنگيءَ جيڪو محنت جي عظمت جو فڪر هن غزل ۾ ڏنو آهي، حقيقت ۾ ان فڪر جي ذريعي ئي انسان ترقي جي منزل ماڻي سگهي ٿو. انسان دوستي به ترقي پسند فڪر جو بنيادي جُز آهي. انسان دوستيءَ جو جذبو هڪ قلمڪار ۾ سموري انسانذات جي خوشين، دردن ۽ تڪليفن جو شعوري ادراڪ ۽ احساس پيدا ڪندو آهي. اهو احساس ئي کيس دُکي انسانن جا درد محسوس ڪرائي، انهن جي اظهار جو محرڪ بڻبو آهي. احمد سولنگيءَ جي نظم،’هميرو ڪولهي‘ ۾ به اهڙن خيالن جو اظهار ٿيل آهي. جنهن ۾ هڪ تخليڪار، مسڪين ۽ محنت ڪش هاريءَ جي زندگيءَ جي تصويرکي احساساتي انداز ۾ پيش ڪري حقيقت ۾ هاري ۽ مزدور طبقي جي ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ لاءِ تحرڪ پيدا ڪرڻ جي شاعرانه ڪوشش ڪندي نظر اچي ٿو، جنهن کي احمد سولنگيءَ جي هن نظم ۾ محسوس ڪري سگهجي ٿو؛ وقت هميري ڪولهيءَ جو، ڪئين گذريو آ ڪيئن گذري ٿو؟ پرڻو ان جو مرڻي جهڙو، ڪهڙا گهوٽيتا ۽ ساڏي، ڪهڙا ڄاڃي ڪهڙا ڪانڌي؟ زالون ان جون موت مري ويون، پُٽَ نه نُهرون، اڱڻِ اڪيلو، ڪهڙو ان جو ڪڙم قبيلو؟ گھر- لوڙهي ۾ هڪڙو پوٽو، ٻُڪ ۾ پاڻي پئيندڙ پوڙهو، رنگ جو ڪارو، ڪن ۾ والي. اک سفيد پکيءَ جي پر جيئن، هيءَ حياتي ڪيئن اُن جالي؟ موڪَ ۾ ريٽ- لڙاٽيل پاڻي، سارين سائي چادر تاڻي، ٻنيءَ ٻنيءَ ۾ ديرو ان جو، پٽيءَ پٽيءَ پيرو ان جو، هر پل آهي تابع ان جي، سانجهي، رات سويرو ان جو، هيءَ ڌرتي آ ماءُ انهيءَ جي، وڻ وڻ آهي ڀاءُ انهيءَ جو، پن پن، ڪل، ڪنگورو ۽ نڙ سان، ماٽيلو آ سڱ انهيءَ جو، سج ۽ ٻج ٿو ٻهڪي ان لئه، هر ٻارو آ دنگ انهيءَ جو، هر ماڻهو ڇا ڄاڻي سگهندو، ان جي ڳالهين جي مالها ۾، آهي معنيٰ جو هر ڌاڳو، وقت هميري ڪولهيءَ جو، ڪئين گذريو آ، ڪيئن گذري ٿو!؟ (خواب آوارا پکي، صفحو؛ 143) ترقي پسند ادب جي بنيادي ۽ اهم خوبي اها آهي ته اهو انساني زندگيءَ جو عڪاس هوندو آهي. ان ۾ زندگيءَ جي هر پهلوءَ جا عڪس ۽ اهڃاڻ جديد انداز ۾ چِٽيل هوندا آهن. احمد سولنگيءَ جي هن نظم ۾ به هڪ مسڪين هاريءَ جي زندگيءَ جي جيئري جاڳندي تصوير پيش ڪئي وئي آهي، جيڪا ترقي پسند شاعريءَ جي جديد ۽ انوکي اظهار جو واضع ۽ چٽو مثال آهي. اهڙيءَ طرح سماجي براين کي نروار ڪري انهن جي اصل سببن تان پردو کڻڻ به ترقي پسند ادب جو اهم پهلو ۽ بنيادي خوبي آهي. هيٺئين نظم ۾ احمد سولنگيءَ نه صرف هڪ طوائف جي زندگيءَ جا نقش چِٽيا آهن، پر مذهبي پيشوائن طرفان سفيد پوش طبقي جي لڪل روپ کي ظاهر نه ڪرڻ متعلق سوال اٿاريا آهن. هڪ ترقي پسند ليکڪ ۽ مذهبي رجعت پسند ماڻهوءَ ۾ اهو ئي فرق هوندو آهي ته ترقي پسند ۽ روشن خيال ليکڪ کي ڪنهن صوتحال جي پويان لڪل اصل سبب ۽ ڪارڻ نظر ايندا آهن، جڏهن ته رجعت پسند ماڻهوءَ کي ڪنهن واقعي يا حقيقت جو فقط ظاهري روپ ئي ڏسڻ ۾ ايندو آهي. هيٺئين نظم ۾ احمد سولنگيءَ جو روشن خيال ۽ ترقي پسند شعور هڪ فقيهه کي سفيد پوش طبقي جي اصل روپ کان آگاهه ڪري رهيو آهي. جيڪو انساني معاشري جي هڪ بد نما حقيقت آهي. اي فقيهِه شهر ٿورو ٻڌُ، ڀلي سر تي سجائي رک، تون دستارِ فضيلت پر، ڪَڙي هيءَ هڪ حقيقت آهي، مقرر جاءِ ڪانهي ڪا طوائف لئه شهر جي گند، غربت ۽ غلاظت کان، پري هن صاف ۽ مهنگي علائقي جي، مڪانن ۾ ٿئي ڇاٿو! اکين ۾ ٿي اگهاڙي ٿئي، طوائف روپ ڪا عورت، زنا ڪاريءَ جي ان احساس جي پاڇي، رکيو ڪنهن جو ڀرم آهي. (خواب آوارا پکي، صفحو؛ 265) ادب تي اهو ترقي پسند فڪر جو ئي اثر آهي، جو ان جي بنيادي ڪارج، سٽاءَ ۽ فڪر ۾ انقلابي تبديليون اچي چڪيون آهن. ترقي پسند تحريڪ کان پهريان ادب کي ”ادب براءِ ادب“ جي طور تي سرجيو ۽ پرکيو ويندو هو، پر ادب ۾ ترقي پسندي فڪر جي اثر سبب ادب،” ادب براءِ ادب“ مان ڦري ”ادب براءِ زندگي“ جو روپ اختيار ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ ادب سلطاني درٻارن ۽ شاهي محفلن مان نڪري عام زندگيءَ جي مسئلن ۽ واهپي ۾ نظر اچڻ لڳو.،جنهن ڪري هڪ پاسي ته ادب ۾ عام زندگيءَ جا موضوع شامل ٿيڻ لڳا ته ٻئي پاسي ان جي سٽاءَ ۽ گهاڙيٽي ۾ جدت ۽ نواڻ اچڻ شروع ٿي. فڪري لحاظ کان نوان نوان فڪر ۽ زندگيءَ جا نوان پاسا ۽ پهلوادب جو حصو بنجي اجاگر ٿيڻ لڳا. جنهن ڪري ادب نه صرف زندگيءَ جو ترجمان بڻيو، پر سماج تي پنهنجا ترقي پسند ۽ انسان دوست اثر به ڇڏڻ لڳو. نه صرف ان حد تائين پر ادب سياسي، سماجي ۽ معاشي ترقيءَ جي راهه هموار ڪري ان جي حصول ۾ اتساهڪ ڪردار به ادا ڪندو رهيو. اهو ئي سبب آهي جو اڄ جي ادب ۾ ترقي پسند فڪر جو تمام اهم ۽ بنيادي ڪردار رهيو آهي. جنهنڪري جديد دور جي ادب ۾ انساني زندگيءَ سان لاڳاپيل هر قسم جا موضوع ۽ سماجي مسئلا اظهار جو سبب بنجندا رهن ٿا. جديد سنڌي شاعريءَ ۾ به سنڌ جي موجوده سياسي ۽ سماجي حالتن جا اهم موضوع شاعريءَ جو حصو بنجڻ لڳا آهن. جنهن ۾ زميني حالتن جو واضع عڪس نظر اچي ٿو. اهو ترقي پسند فڪر جو ئي اثر آهي، جنهن اهو احساس پيدا ڪيو ته ڌرتي هر انسان جي ماءُ آهي. ان جي خمير مان انسان جو وجود جڙيو آهي. ان جي سيني مان انسان کي جيئڻ لاءِ پاڻي ۽ خوارڪ فراهم ٿي ٿئي. ڌرتي انسان جي اوگھڙ ڍڪڻ لاءِ اوڇڻ جو سامان ميسر ٿي ڪري. ان جي هوائن ۾ ماڻهو ساهه ٿو کڻي. ۽ اها ڌرتي ئي مرڻ کان پوءِ کيس پنهنجي گود فراهم ٿي ڪري. جنهنڪري اها ڌرتي هر باشعور انسان کي پنهنجي ساهه کان وڌيڪ پياري هوندي آهي. جيئن ته شاعرن ۽ ليکڪن جو سماجي شعور عام انسان جي نسبت وڌيڪ تيز ۽ سچيت هوندو آهي، ان ڪري اهي پنهنجي ڌرتيءَ سان وڌيڪ پيار ڪندڙ به هوندا آهن ته ان جي آزاديءَ، غلاميءَ يا ورهاست جي معاملي ۾ اوترائي وڌيڪ حساس به هوندا آهن. ڪجهه وقت اڳ سنڌ دشمن قوتن سنڌ ڌرتيءَ کي ٽوڙڻ جي سازش تحت ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي هئي. جنهن تي احمد سولنگيءَ جهڙوحساس ۽ سچيت شاعر به خاموش رهي نه ٿي سگهيو. سندس نظم” اي ڪراچي“ ۾ ان صورتحال جا تقش چٽيل آهن. اي ڪراچي! سنڌ جي نڪ جي تون آهين ڦُلي، هسُ ڳچيءَ جو، سينڌِ جو سنڌو ماٿي جو ٽڪو، ۽ ڪرائيءَ جو ڪنگڻ! باک بادامي جڏهن ٿي تنهنجي رستن تي لهي، صبح تنهنجو سون ورنو ٿو لڳي، ۽ جڏهن ٿي شام گهونگھٽ کي کڻي، سانوري ڪا ڪنوار آرس ٿي ڀڃي! رات پنهنجا پاند ڦهلائي جڏهن ٿي تو مٿان، چنڊ شرمائي وڃي ٿو تو اڳيان. اي ڪراچي! تون ته پالڻهار وانگي ٿي لڳين، تون مِلين جي روز چمينن کي دکائي، پيٽ بکيا ٿي ڀرين، زندگيءَ مصروف تنهنجيءَ ۾ رهيا، بي انت ڪيئي حادثا، روشنين جا سلسلا، تون اسان جي آنههِ ڪرنگهي جي هڏي، عڪس، جلوو، آرسي، ۽ اکين جي روشني، تون رهين ٿي ساهه ۾ سرهاڻ بڻجي، تون اسان لئه نينهن جو آهين نياڻ، تون اسان جو آهين چهرو ۽ صدين جي آن سڃاڻ، اي ڪراچي! تون اسان لئه، سورنهن ئي سنيگار آهين! جهول موتين سان ڀريل، ۽ موتئي جي مهڪار آهين، تون اسان جي عيد آهين، تون اسان جي ديد آهين، تون اسان جي جيت آهين، تون اسان جي هار آهين! ڪڙم جو ٿي ڪاڻيارو، شال سو ويري مري، جيڪو چوي، پنهنجي هوندي سنڌ کان، تون ڌار آهين! (خواب آوارا پکي؛ صفحو؛ 319) هن نظم ۾ڪراچيءَ جي زندگيءَ جا مختلف پهلو عڪس بند ڪيا ويا آهن. ساڳيءَ طرح ڪراچي جيڪا سنڌ ڌرتيءَ جو اٽوٽ حصو ۽ سنڌ جي دل آهي. ان سان محبت جو اظهار به ڪيو ويو آهي، جنهن ذريعي سنڌ جي نوجوانن کي اهو احساس ڏياريو ويوآهي ته ڪراچيءَ سميت سنڌ جا اصل وارث اهي آهن. ان سان گڏو گڏ سنڌ دشمن قوتن کي اهو بانور به ڪرا يو ويو آهي ته سنڌي ماڻهو ڪراچيءَ سميت هن ڌرتيءَ جا نه صرف وارث آهن، پر اهي پنهنجي ڌرتيءَ سان پنهنجي ساهه کان به وڌيڪ پيار ڪن ٿا. ان ڪري اهي ڪنهن به قيمت تي پنهنجي ڌرتي ماءُ جي ورهاست قبول نه ڪندا، چاهي ان لاءِ کين پنهنجي جان ڏيڻي يا ٻئي جي جان وٺڻي ڇو نه پوي! جڏهن ته احمد سولنگي هن نظم ذريعي اهو پيغام پڻ ڏيڻ ٿو چاهي ته نه ئي سنڌي ماڻهو ڪراچيءَ کي الڳ ٿا سمجهن ۽ نه ئي ان جي مالڪيءَ جي حق تان دستبردار ٿيڻ وارا آهن. ڌرتيءَ سان محبت ۽ سماجي مسئلن جو اظهارئي ترقي پسند ادب جو بنياد هوندو آهي. جنهن جو اظهار احمد سولنگيءَ جي مٿئين نظم ۾ ٿيل آهي. احمد سولنگيءَ جي هيٺئين نظم ۾ به ترقي پسند فڪر جي جهلڪ موجود آهي. جنهن ۾ سنڌ ڌرتيءَ جي آزاديءَ ۽ آجپي لاءِ پنهنجي جان قربان ڪندڙ سنڌ جي قومي هيري’هيمون ڪالاڻيءَ‘ سان محبت جو اظهار ڪيو ويو آهي. دار جي جھروڪي مان، هو سَڏُ ڪري پيو ڪالاڻي ڏِس مون کي اوچي تختي تان ۽ ويڙهي مرڪ کٿوريءَ ۾ ٿو آڇي دار- جهروڪي مان ٿي راکي رات ٻڌي مونکي، ۽ ڳاڙهو تلڪ لڳائي ٿي هوءَ ڪيئي لڙڪ ستارن جا، ڄڻ پنبڻين ۾ اٽڪائي ٿي. ۽ کوليءَ ۾ هو چندرما، پيو پير ڪڙين کي کولي ٿو، مشڪوڪ هوائن ۾ مون لئه ڪئين جلادن کي ڳولهي ٿو، ۽ مون کي ٻهر اماڻي اڄ ڏس رستو پار اڪاري ٿو، هُو ڦرهو ڦاهيءَ گھاٽ ڏسي، ۽ بيٺو دور نهاري ٿو. (خواب آواز پکي؛ صفحو؛378) جئين ته انسان جي عظمت ترقي پسند فڪر جو اهم ۽ بنيادي جُز آهي. انڪري هن نظم ۾ ڌرتيءَ سان محبت ڪرڻ ۽ ان مٿان پنهنجي جان نڇاور ڪرڻ واري انسان جي عظمت بيان ڪئي وئي آهي. بنيادي طور تي ان قسم جو جذبو ترقي پسند فڪر مان ئي اُسري نروار ٿيندو آهي. ڇاڪاڻ ته ڌرتيءَ سان محبت ۽ ان جي عظمت ۽ آزاديءَ لاءِ پنهنجو سر قربان ڪرڻ جو اُتساهه ترقي پسند شعور جي طفيل ئي انسان ۾ پيدا ٿيندو آهي. جنهنڪري ماڻهو پنهنجي ڌرتيءَ جي آجپي ۽ آزاديءَ لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪري تاريخ ۾ هميشه لاءِ امر بڻجي ويندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو احمد سولنگيءَ پنهنجي هن نظم ۾ انساني عظمت ۽ ڌرتيءَ سان محبت جو شعوري اظهار ترقي پسند فڪر جي جذبي تحت ئي ڪيو آهي. جيئن ته مٿي بيان ٿي چڪو ته ترقي پسند فڪر ۾ فقط انسان جي عظمت ۽ ترقيءَ يا انقلاب جا پهلو ئي شامل نه آهن، پر زندگيءَ جا لطيف ۽ جمالياتي پهلو به ترقي پسند فڪر جو بنيادي حسن آهن. ان سلسلي ۾ محترم ابراهيم جويو لکي ٿو ته،” ترقي پسند ادب، انسان جا نفيس جذبا ۽ لطيف احساس چٽي، هن جي روح کي راحت پهچائي ٿو.“(12) جويي صاحب جي راءِ موجب ادب جا رومانويت ۽ جماليت وارا پهلو به ترقي پسنديءَ جو حصو آهن. پر اهي انهن جي فني ۽ فڪري اڻت، فن جي اهڙي ته جديد اسلوب ۽ انداز ۾ ٿيل هجي جو هر دور جي پڙهندڙ يا ٻڌندڙ کي اهو پنهنجي ئي احساسن ۽ ارمانن جو عڪس محسوس ٿيڻ لڳي. احمد سولنگيءَ جي شاعريءَ جي مطالعي مان معلوم ٿيندو ته هو جماليات ۽ رومانويت کي نه صرف جديد پر منفرد انداز ۽ اسلوب ۾ پيش ڪرڻ جي لحاظ کان هڪ ترقي پسند ڪوي آهي. احمد سولنگيءَ جي هن نظم کي پڙهڻ سان سندس رومانويت ۾ ترقي پسند هئڻ جو اندازو ڪري سگهجي ٿو؛ رنگ پوپٽ جا پهري هوءَ نڪتي گهران، ماڪ شيشا جهليا ڄڻ ته ان جي اڳيان نور وسندو رهيو ڄڻ ته صبح-تاري منجھان ۽ اکين خواب جا کنڀ کولي ڇڏيا، ڪنهن پکيءَ جي پرن جي اڏارن جيان، عشق پنهنجون جبينون جھڪائي رکيون، ڪير آهي ڏسي ڪائناتي حسن؟ جھڙ جي جھالر منجھان، چنڊ جھاتيون وجھي، سمنڊ کي ڪيئن ندي ڀوَ ۾ ڀاڪيون وجھي! آبشارن، پهاڙن، زمينن، اڀن، ريگزارن سان ڪنهن جو رهي ربط ٿو! (خواب آوارا پکي؛ صفحو؛219) هن نظم ۾ جتي رومانويت کي جديد ۽ منفرد انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي، اتي فطرت نگاريءَ جي پيشڪش به الڳ ۽ اڇوتي انداز ۾ ڪئي وئي آهي. اسلوب جي نواڻ ۽ خيال جي اڻت سان گڏ پيشڪش ۾ جدت ۽ انفراديت اختيار ڪرڻ ئي ترقي پسند فڪر جي لحاظ کان احمد جي شاعريءَ جي سڀ کان وڏي وٿَ ۽ اهم سڃاڻپ آهي. جيڪا هن نظم ۾ ترقي پسند سوچ جون سموريون تقاضائون پوريون ڪندي نظر اچي ٿي. ۽ سندس شاعريءَ کي ترقي پسند فڪر جي نئين ۽ نڪور جهلڪ محسوس ڪرائي ٿي. نتيجا؛ طوالت کان بچڻ لاءِ احمد سولنگيءَ جي شاعريءَ مان هي تمام ٿورا شعري اسم بعث هيٺ آندا ويا آهن. جڏهن ته سندس شاعري نه صرف انساني عظمت، انسان جي شعوري ترقيءَ، تاريخي ۽ سماجي شعور، عالمگيريت، مضمون، ٻوليءَ ۽ اسلوب جي لحاظ کان ترقي پسند فڪر جو حقيقي عڪس آهي، پر سندس شاعريءَ جي اڀياس مان اهو به واضع ٿئي ٿو ته سندس شاعري جماليات، روماونويت ، فطرت نگاري، ۽ رومانوي فطرت نگاريءَ جي لحاظ کان به ترقي پسند اثر جون گهرجون پوريون ڪندي نظر اچي رهي آهي. احمد سولنگي جتي فني، فڪري ۽ ٻوليءَ ۽ اسلوب جي لحاظ کان ترقي پسند فڪر جو شاعر آهي، اتي سندس شاعريءَ ۾ موجود جديد فطرت نگاريءَ ۽ عالمگيريت جي تصور تي به ترقي پسند فڪر جا اثر موجود آهن. انڪري سندس شاعريءَ جو جديد تنقيد ۽ تحقيق جي روشنيءَ ۾ جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي، ته جيئن اهو معلوم ٿي سگهي ته سندس شاعري تحقيقي حوالي سان ڪهڙو مقام حاصل ڪري سگهي ٿي. حوالا؛ (1) (انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا، جلد ٻيو) (2) ٻوهيو، الهداد،”ادب جا فڪري محرڪ“،ڪنڊيارو، روشني پبليڪيشن،2013ع، ص؛177. (3) جويو، ابراهيم، (ايڊيٽوريل)،”اڳتي قدم“، سيپٽمبر،1947ع. (4) (ميمڻ، غفور، ڊاڪٽر،”سنڌي ادب جو فڪري پس منظر“، ڪراچي، شاهه عبدالطيف ڀٽائي چيئر،ڪراچي يونيورسٽي، 2002ع، ص: 320. (5) ايضاً، ص: 322. (6) ٻوهيو، الهداد،”ادب جا فڪري محرڪ“،ڪنڊيارو، روشني پبليڪيشن،2013ع، ص:177. (7) ميمڻ، غفور، ڊاڪٽر،”سنڌي ادب جو فڪري پس منظر“، ڪراچي، شاهه عبدالطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، 2002ع، صفحو؛ 320. (8) ايضاً، ص: 339. (9) خواجه، نور، افروز،ڊاڪٽر، ”ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ناول جي اوسر“، شيخ شوڪت علي اينڊ سنز، 2010ع، صفحو؛ 246. (10) ايضاً، ص: (11) جويو، ابراهيم، (ايڊيٽوريل)،”اڳتي قدم“، سيپٽمبر،1947ع. (12) ايضاً، مددي ڪتاب؛ (1) سولنگي، احمد،”خواب آوارا پکي“، ڪراچي، سنڌيڪا اڪيڊمي،2013ع. (2) ٻوهيو، الهداد،” ادب جا محرڪ“، ڪنڊيارو،روشني پبليڪيشن،2013ع. (3) خواجه، نور، افروز،ڊاڪٽر، ”ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ناول جي اوسر“، شيخ شوڪت علي اينڊ سنز، 2010ع، (4) ”ڇهه ماهي ڪارونجهر“،(ايڊيٽر)، ڄامڙو، ڪمال،ڊاڪٽر، جون، 2015ع، ڪراچي، وفاقي اردو يونيورسٽي آف آرٽس، سائنس اينڊ ڪامرس، باباءِ ا اردو روڊ،ڪراچي. (5) انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا، جلد؛ ٻيو. (6) احمد سولنگيءَ سان 28 آڪٽوبر 2016ع تي ترقي پسند ادب ۽ شاعريءَ تي ٿيل گفتگو. انٽرنيٽ؛ (1) http://www.google/progressivism (2) http://www.sindhiadabiboard/onlinelibrary (3) http://www.encyclopediasindhiana.org/ariticle (4) http://e-otaq.blogspot.com ****