يار علي علي! اسان وٽ به اهڙو هڪ چرسي فقير آهي جو اڄڪلهه ڀٽو ٿي ويو آهي ۔۔۔ ان جا به پراڻا ڦوٽو ڳولهيو ته ۔۔۔ ” ڀاڳ ڏي ڀيڙو ته دال مان سيرو “ واري ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي ۔۔۔
بس ڙي يار! ڏس ويٺو دنيا جا رنگ ۔۔۔
صاحب تنهنجي صاحبي عجب ڏٺي مـون،
پـــــــن ٻــــوڙين پاتال ۾، پهڻ تـــــارين تــون،
جي راضي ٿئين تون، ته ميريائي مان لهان۔
سائين ڪنهن جي ڀاڳ سان ريس نه آهي۔
سائين هي ته او۔۔۔۔ با ۔۔۔۔۔ ما آهي۔۔۔
هن سان ڪهڙي ريس ڪجي۔۔۔ چئجي ته قسمت کي۔۔۔۔
ڪُڇ پُڇ ڪتي سان ڪينڪي، تون ماٺ ۾ مارينس،
لاء جـــو ”لطيف“ چوي، تـون ڳٽ وجهـــــي ڳـارينس،
اهــڙو سبق سيکارينس، جو ڀونڪڻ کان بس ڪري.
مطلب ته او ۔۔۔۔۔ ابا ۔۔۔۔۔ اما ۔۔۔ الله بچائي ان بهادر سڪار کان ۔۔۔هائو يار مست صحيح سڃاتو اٿئي ۔۔۔ ڏسجي ته اهو چرسي يار دنيا سان ڪهڙيون رانديون ٿو کيڏي؟ آمريڪا ۾ به ته سياسي کيڏ ساڳيا ئي هوندا آهن ۔۔۔ لڪل ڪجهه ته ظاهر ڪجه۔۔۔ ڪي ظاهر ٿي نقصان ڏيندا آهن ڪي وري لڪ لڪوٽيءَ ۾ ڪم ٽپائيندا آهن ۔۔۔ آمريڪا جي صدر جي وڏي خوبي اها مڃي ويندي آهي ته هو ڪيترو وڏو اداڪار آهي، باقي پويان ڪهڙا مقصد مسلسل هلندا آهن سي ته وقت سان ئي ظاهر ٿيندا آهن ۔۔۔
انتظار ڪيو ۽ ڏسو ۔۔۔