• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

موزيلا جو ڪامن وائس پروجيڪٽ

ايس ايم صارم

سينيئر رڪن
ايندڙ وقت ۾ آواز جي مدد سان ڊوائسز ۽ گيجيٽس جو استعمال وڌي ويندو. ان جو اندازو هٿرادو ذهانت وارن سپيڪرز جي استعمال مان لڳائي سگھجي ٿو. اھڙي طرح ڪنھن ايپليڪيشن يا گيجيٽ لاءِ آواز جي سڃاڻپ وارو نظام بڻائڻ ڪو سستو ۽ سولو ڪم ناھي.ان جي لاءِ هزارين ڪلاڪن جي آڊيو ڊيٽا گھربل ھوندي آھي جيڪا ڪجھ ماڻھن لاءِ فراهم ڪرڻ آسان ڪونھي.
اِن ڏکيائي کي سامھون رکندي موزيلا ھڪ نئون پروجيڪٽ
”ڪامن وائس“ شروع ڪيو آھي.
ھن پروجيڪٽ جي ذريعي عوام کان آواز جا نمونا گڏ ڪري انھن جي جانچ ڪئي پئي وڃي جنھن کانپوءِ آوازن جي اھا ڊيٽابيس ڊولپرز جي لاءِ مفت جاري ڪئي ندي تہ جيئن اھي پنھنجي اسپيچ ٽہ ٽيڪسٽ سسٽم ۽ ٻين پروجيڪٽ ۾ استعمال ڪري سگھن.
موزيلا جو پڪو پھ آھي ته مختلف لھجن ۽ ٻولين ۾ 10 ڏھ ھزار ڪلاڪن جي وائيس ڊيٽا جمع ڪري ۽ ھن سال 2017 جي پڇاڙيءَ تائين ان کي عوام لاءِ جاري ڪري ڇڏي.
جيڪڏهن اوھان به ھن انتهائي مفيد منصوبي جو حصو بڻجڻ گھرو ته ڪامن وائس جي ويب سائيٽ https://voice.mozilla.org/
تي وڃي نہ فقط جملا رڪارڊ ڪري سگھو ٿا پر ٻين جي رڪارڊ ڪيل جملن کي چيڪ پڻ ڪري سگھو ٿا. گهمندي ڦرندي موبائيل سان آواز رڪارڊ ڪرڻ لاءِ موزيلا آئي فون جي لاءِ ايپليڪيشن پڻ تيار ڪئي آھي.
 
ڄآڻ ڏيڻ لاءِ مهرباني

وقت سان گڏ آسانيون پيدا ٿينديون، نيون اپليڪيشنز اينديون
 
Back
Top