• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي ادبي سنگت جون چونڊون ۽ ڪجھه اديبن جون حرڪتون!

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
لڳي ٿو ته سنڌي ادبي سنگت جي هڪ گروپ کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ، مخالف گروپ خلاف ”آصف علي زرداريءَ جي من پسند هئڻ“ جي زوردار مهم هلائي پيئي وڃي ـ ڇا ادبي سنگت اوچتو ايڏي شاهوڪار بڻجي وئي آهي يا زرداري اوچتو ادب دوست بڻجي ويو آهي جوپهريون ڀيرو هو ان ۾ ايڏي دلچسپي وٺڻ تي مجبور ٿي پيو آهي؟
منهنجي خيال ۾ اديبن کي اهڙيون حرڪتون ڪرڻ نه ٿيون سونهن ـ جيستائين منهنجو واسطو آهي ته مان سنڌي ادبي سنگت جو ميمبر ناهيان ۽ نه ئي ڪنهن خاص گروپ کي کٽائڻ ۾ دلچسپي رکان ٿو ـ اتفاق سان، منهنجا دوست انهيءَ گروپ ۾ وڌيڪ آهن جنهن کي کٽائڻ لاءِ اهڙو ناٽڪ رچايو ويو آهي ـ
منهنجي خيال ۾ بي ريا اليڪشن ٿيڻ گھرجي، پوءِ ڪير به کٽي ـ دوست بي ريا ٿي اخلاق اندر پنهنجي راءِ ڏين ـ
 
آخري ترميم:
صرف هڪ گروپ ڇو ؟
ڇا ٻيو گروپ اخلا ق کان ڪريل پروپيگنڊه ڪونه پيو ڪري ..

مان سمجهان ٿو سڀني کي منشور جاري ڪري ان مناسبت سان ورڪ ڪرڻ گهرجي
 
سائين...جيڪڏهن اوهان جي ڳالهه مڃجي ته هڪ گروپ اخلاق کان ڪريل حرڪتون ڪري ٿو ته پوءِ ڇا ٻئي گروپ کي به اخلاق کان ڪريل حرڪتون ڪرڻ گھرجن؟ جيڪڏهن ائين ڪبو ته پوءِ ٻنهي ۾ فرق ڪهڙو رهيو؟ منهنجو جواب آهي: هرگز نه ـ مان اوهان سان هڪراءِ آهيان ته منشور جاري انهيءَ حساب سان ورڪ ڪرڻ گھرجي........سا به اخلاق جي اندرـ
 
Back
Top