ٽماٽو، ڀاڄي، ميوو يا علاج؛

'صحت سرير جي' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏29 جون 2010۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]

    دوستو! اڄ ٽماٽي تي هڪ ليک پڙهيم، ليک ڇا هو بس منهنجي ته لئه ٿي وئي جو مون وٽ ٽماٽا تمام گهڻا آهن، هوٽل جي بورچيخاني ۾ ويندو آهيان ته ڪٽيل ٽماٽا، پڪل ٽماٽا، ڪچونبر ٿيل ٽماٽا ۽ ٽماٽي جي رس مطلب ته ٽماٽا ئي ٽماٽا .... اچو ته اوهانکي ٽماٽي جا ڪجهه فائدا ٻڌايان ...

    ٽماٽي ۾ ايترا ته وٽامنس (سگهون) آهن جو، اصل بيان ڪجن ته ڪاغذ ڪارا ٿي ويندا .... هڪ وچٿرو ٽماٽو اوهانکي ڊاڪٽرن پاران ڏسيل وٽامن سي C جي روزاني جي مقدار جي اڌ جيتري سگهه مهيا ڪري ٿو ... وٽامن سي انساني جسم جي ڪيترن ئي ڪمن ۾ اچي ٿي ۽ بيمارين جي دشمن آهي. وٽامن سي انساني جسم جي کل جي خلين کي درست ڪري ٿي، جسم ۾ لوهه جي مقدار کي وڌائي ٿي، وات جي مسوڙن کي صحتمند رکي ٿي.

    ٽماٽي ۾ کوڙ ساتري وٽامن اي A پڻ هوندي آهي، ۽ هڪ خاص مادي Beta-carotene سبب جسماني واڌ ۾ اضافو ٿيندو آهي، وارن کي وڌائڻ ۽ مضبوط ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي، ۽ جسماني کل پڻ صحتمند رهندي آهي. هڏن ۾ مضبوطي ٿيندي آهي، ڏند صاف ۽ سهڻا ٿيندا آهن ۽ نظر ۾ پڻ واڌ ايندي آهي ...

    ٽماٽي ۾ وٽامن ڪي K ، پوٽاشيم، نياسن niacin، وٽامن بي 6 B6 ۽ ربافليون riboflavin ... مٿيون سڀ سگهون گڏجي ڪم ڪنديون آهن جنهن سبب جسم جو ڪلسٽرول (چرٻي) گهٽ ٿيندي آهي ۽ فشار خون (بلڊ پريشر) گهٽ ٿيندو آهي، رڳن ۾ خون جي روڪ ختم ٿيندي آهي جنهن سبب دل جي دوري جا خدشات گهٽجي ويندا آهن. جيري جي پٿريءَ ۾ فائدو ٿيندو آهي، ٽماٽي ۾ موجود بي 6 جسم جي هڪ خطرناڪ ڪيميا homocysteine کي بدلائي فائديمند ٺاهيندي آهي، اها خطرناڪ ڪيميا انساني رڳن جي ديوارن کي نقصان ڏيندي آهي، ٽماٽي کائڻ سان اها خطرناڪ ڪيميا ختم ٿي فائدو ڏئي ٿي ۽ دل جي بيمارين جي روڪ ٿئي ٿي.

    ٽماٽي ۾ وٽامن اي E ، ڪئليشم، فاسفورس ۽ پروٽين پڻ موجود آهي ...

    مطلب ته ٽماٽي تي لکبو ته ڪاغذ ڪارا ٿي ويندا ۽ تعريف کٽندي ڪونه، ڇاڪاڻ جيڪا دل جي دوري کان بچائي ... رت جي دوري کي موافق ڪري ۽ جسم ۾ کنڊ جي مقدار کي قابوءَ ۾ رکي، بي مقصد چرٻيءَ کي ضايع ڪري، جسم جي واڌ ۾ ڪم اچي ته پوءِ باقي ڇا بچي ٿو ...

    دوستو! اچو ته پنهنجي روزاني جي خوراڪ ۽ کاڌي ۾ ٽماٽي جو استعمال شروع ڪريون ۽ پاڻکي صحتمند رکون ...
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو