هڪ مالدار نوجوان کي فقير چيو ته۔۔۔ سائين ڇا ڳالهه آهي توهان پهرين پهرين مون کي 20 رپيا ڏيندا هئا، ڪجهه وقت کان پوءِ 5 رپيا ۽ هاڻي وري صفا هڪ رپيو ڏيڻ شروع ڪيو اَٿَو۔۔۔ ڀلا خير ته آهي۔۔ نوجوان چيو: جهونا!۔۔۔ڳالهه اها آهي ته ڪجهه سال پهرين مان ڇڙو هوندو هئم، وري شادي ڪيم ته توکي پنج رپيا ڏنم پئي۔۔۔ هاڻي هڪ ٻار جو پي ٿيو آهيان ته انهيءَ ڪري۔۔۔ فقير بي رخي مان وراڻيو: ڏاڍو سُٺو۔۔۔ سمجهي ويس بابلا سائين سمجهي ويس۔۔۔ تون منهنجي حصي جي پئسن مان پنهنجي ٻارن جي پرورش شروع ڪئي آهي۔۔۔۔ :-o
جواب: منهنجي پئسن مان۔۔۔ يار مست وڏو استاد آهين؟ مونکي ته اها ڳالهه به سچي ٿي لڳي ۔۔۔ ڀوڳن کان علاوهه ۔۔۔ هائو يار! خئير جا ڪم به ايترا ڪجن جيترا هميشه ڪري سگهجن ۔۔۔ پير هميشه سوڙ آهر ڊگهيرجن مون به هڪ دفعي (ننڍپڻ ۾) فقير کي اٺ آنا ڏئي اڳتي وڌيس ته پويان آواز آيو ۔۔۔ او ٻچا هيڏانهن موٽ ۔۔۔ مون ورائي ڏٺو ته فقير پئي سڏيو ۔۔۔ واپس وريس ته اٺ آنا واپس ڪندي چيائين ۔۔۔ ابا اسين به مست فقير آهيون، پنجڙي کان گهٽ وٺون ئي ڪونه، هي وٺ ۔۔۔ مون به اٺ آنا وٺي وڃي قلفي کاڌي ۔۔۔ ۽ الله جا شڪرانا ادا ڪيم ۔۔۔
جواب: منهنجي پئسن مان۔۔۔ جهونا کوڙ جهان ۾، تونه رڳو اي پيارا۔۔۔! گهٽيءَ گهٽيءَ۾ پيا ٿا گهمن۔۔ اڇڙي ڏاڙهيءَوارا۔۔۔ هڻي "آهي ڪو" جا نعرا۔۔۔ وٺن پيا خيراتون۔۔