ڪراچي: 01 آگسٽ 2017: سنڌي جماعت ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي لميٽيڊ، ضلعيَ ملير جي مئنيجنگ ڪاميٽيءَ (م ـ ڪ) جي چونڊيل 15 ميمبرن مان جن 5 ميمبرن کي هڪ ورهيه جومُدو پوري ٿيڻ تي اڳ ئي رٽائر ڪيو ويو آهي تن جي اليڪشن آچر 15 آڪٽوبر 2017 تي ٿيندي ـ سنڌي جماعت جي مئنيجنگ ڪاميٽيءَ، 5 ميمبرن جي اليڪشن جي شيڊول جا تفصيل پڌرا ڪيا آهن جن جواطلاع رجسٽرار ڪوآپريٽو سوسائٽيز، ڪراچي ڪيمپ کي اڳ ئي ڏنو ويو آهي ـ